Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 58:11 - Muslim Sindhi Bible

11 آءٌ خداوند هميشہ اوهان جي رهنمائي ڪندس، ۽ رڻ‌پٽ ۾ بہ اوهان کي ڍاول رکندس. آءٌ اوهان کي مضبوط ۽ تندرست ڪندس. هائو، آءٌ اوهان کي اهڙي باغ وانگر ڪندس، جنهن کي جھجھو پاڻي ملندو هجي. اوهين اهڙي چشمي وانگر ٿيندا، جنهن جو پاڻي ڪڏهن بہ نہ ٿو سُڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ خداوند هميشہ تنهنجي رهنمائي ڪندو، ۽ ويران جاين ۾ تنهنجي جان کي ڍاول رکندو، ۽ تنهنجن هڏن کي مضبوط ڪندو؛ ۽ تون پاڻي ڏنل باغ وانگي، ۽ انهي چشمي وانگي ٿيندين جنهن جو پاڻي نٿو کٽي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 58:11
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏڪار ۾ هو تو کي موت کان بچائيندو، ۽ جنگ ۾ پڻ تلوار جي ڌار کان بچائيندو.


اهي انهيءَ وڻ مثل آهن جيڪو نهر جي ڪپ تي لڳل هجي، جيڪو پنهنجي وقت تي ميوو ڏئي ٿو، ۽ جنهن جو پن بہ نہ ٿو ڪومائجي. بيشڪ هو جيڪي بہ ڪن ٿا تنهن ۾ ڪامياب ٿيندا.


بيشڪ جيڪي اُڃايل آهن تن کي هو ڍءُ ٿو ڪرائي، ۽ جيڪي بکايل آهن تن جو چڱين شين سان پيٽ ٿو ڀري.


جيڪي تنهنجا تابعدار آهن، تن کي سڌيءَ راهہ تي هلائين ٿو. هائو، پنهنجي تابعدارن کي تون پنهنجي واٽ ڏيکارين ٿو.


تو خداوند مون کي فرمايو تہ ”آءٌ تنهنجي رهنمائي ڪندس، ۽ تو کي هلڻ جو رستو ڏيکاريندس. آءٌ تو کي صلاح ڏيندو رهندس، منهنجي نظر تنهنجي مٿان ئي رهندي.


هائو، اهو خداوند ئي آهي، جيڪو موت کان بہ کين بچايو وٺي، ۽ ڏڪار جي ڏينهن ۾ بہ کين جيئرو ٿو رکي.


اهي خراب وقتن ۾ بہ ڪڏهن تڪليف نہ ڏسندا، بلڪ ڏڪار جي ڏينهن ۾ بہ سدائين ڍاول رهندا.


”خدا هميشہ هميشہ تائين اسان جو خدا آهي، اهو ئي دنيا جي آخر تائين اسان جو هادي رهندو.“


تون پنهنجي هدايت سان منهنجي رهنمائي ڪندو رهندين، ۽ پوءِ آخرڪار تون شان سان مون کي قبول ڪندين.


هلندي هلندي سندن طاقت جيئن پوءِ تيئن وڌندي وڃي ٿي. بيشڪ اهي صيئون ۾ پهچي تو معبودن جي معبود جو ديدار ڪندا.


اهي وڏيءَ عمر ۾ بہ ميوا پيا ڏيندا رهندا، هائو، اهي سدائين تازا ۽ سرسبز رهندا.


بيشڪ جيڪو ٻين کي سخاوت سان ٿو ڏئي، سو خوشحال رهندو، ۽ جيڪو ٻين جي مدد ٿو ڪري، تنهن جي مدد ڪئي ويندي.


سُست ماڻهو خواهش تہ ڪري ٿو، پر حاصل ڪجھہ بہ نہ ٿو ٿئيس، جڏهن تہ محنت ماڻهوءَ کي خوشحال ڪريو ڇڏي.


لالچي ماڻهو جھڳڙو کڙو ڪريو ڇڏي، مگر جيڪو خداوند تي توڪل ٿو رکي سو خوشحال ٿو گذاري.


جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ اهو ڄڻ اوهان لاءِ هڪ فائديمند دوا مثل ٿيندو، جيڪا اوهان جي زخمن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندي ۽ اوهان جا دُک دور ڪري ڇڏيندي.


تون باغن کي پاڻي ڏيندڙ هڪ اهڙي چشمي وانگر آهين، جنهن مان هميشہ تازو ۽ مٺو پاڻي نڪري ٿو. تون وهندڙ پاڻيءَ جي نهر آهين، جيڪا لبنان جي جبلن تان هيٺ ٿي وهي.


آءٌ خداوند انهيءَ باغ جي نگهباني ڪريان ٿو، ۽ انهيءَ کي پاڻي ڏيندو رهان ٿو. آءٌ رات ڏينهن انهيءَ جي حفاظت ڪريان ٿو، تہ متان ڪو انهيءَ کي نقصان پهچائي.


پوءِ اوهين اتي امن وَ سلامتيءَ سان رهندا. هائو، اوهين خدا جي حضور ۾ اهڙا تہ محفوظ هوندا، جيئن ڄڻ ڪنهن مضبوط جابلو قلعي ۾ هجو. اتي اوهان کي جھجھو کاڌو خوراڪ ۽ پاڻي عطا ڪيو ويندو.


جڏهن غريب ۽ محتاج ماڻهو پاڻي پيا ڳوليندا، پر پاڻي نہ ملڻ ڪري سندن زبانون اڃ سببان خشڪ ٿي ويون هونديون، تڏهن آءٌ خداوند انهن جون دعائون ٻڌندس. آءٌ بني اسرائيل جو خدا کين وساري نہ ڇڏيندس.


سو اهي جھجھي پاڻيءَ واري زمين ۾ ڦٽندڙ گاهہ وانگر، ۽ وهندڙ نهرن جي ڪنارن تي ڦٽندڙ لئيءَ جي وڻن وانگر ٿيندا.


انهن کي نہ بک لڳندي، نہ اڃ، نڪي گرمي ۽ نہ اُس ئي کين ڪو نقصان پهچائيندي، ڇاڪاڻ تہ جنهن هستيءَ جي مٿن رحمت آهي، سو ئي سندن رهنما ٿيندو، ۽ پاڻيءَ جي چشمن ڏانهن کين وٺي ويندو.


آءٌ هنن جي فطرت کان پوريءَ طرح واقف آهيان، تنهن هوندي بہ آءٌ کين بحالي عطا ڪندس، ۽ سندن رهبري ڪندس. آءٌ هنن کي ۽ سندن غمخوارن کي وري دلداري ڏيندس.


جيئن زمين پنهنجا سلا ڪڍي ٿي، ۽ جيئن باغ ۾ جيڪي پوکجي ٿو، سو اهو اڀاري ڪڍي ٿو، تيئن ئي خداوند خدا سڀني قومن آڏو اسان منجھہ حق سچ ۽ واکاڻ کي اڀاري ظاهر ڪندو.


جڏهن اوهين اهو سڀ ٿيندو ڏسندا، تڏهن اوهين بيحد خوش ٿيندا. اوهان جي طاقت ۽ صحت ايترو تہ تيزيءَ سان وڌندي، جيئن گاهہ وڌندو آهي. تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ خداوند پنهنجي فرمانبردار ٻانهن سان گڏ آهيان، پر پنهنجي دشمنن کان بيحد ناراض آهيان.“


اهي انهيءَ وڻ وانگر ٿيندا، جيڪو نديءَ جي ڀرسان پوکيل هجي، ۽ جنهن جون پاڙون هيٺ پاڻيءَ تائين ٿيون پهچن. ان کي گرميءَ جي اچڻ جو ڪوبہ خوف نہ هوندو آهي، انهيءَ جا پن سدائين ساوا رهندا آهن. اهو سدائين ميوو ڏيندو رهندو آهي، سو خشڪ ساليءَ ۾ بہ انهيءَ کي ڪا ڳڻتي نہ هوندي آهي.“


سو هو ايندا، ۽ صيئون جبل جي چوٽيءَ تي خوشيءَ وچان گيت ڳائيندا، ڇوجو منهنجي ڏنل هنن نعمتن جي ڪري بيحد خوش هوندا: اناج، مئي، زيتون جو تيل، رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جا ڌڻ. هو سرسبز باغ جيان ٿيندا ۽ کين وري ڏک نہ پهچندو.


تڏهن هر ڪو ڏسي چوندو تہ ’واہ! جيڪا زمين ويران هئي، سا هاڻي ڪيئن نہ عدن جي باغ جهڙي ٿي پيئي آهي، ۽ جيڪي شهر اجڙيل، ويران ۽ ناس ٿيل هئا، سي هاڻي ڪيئن نہ ڪوٽن وارا ۽ آباد شهر ٿي ويا آهن.‘


مون ئي رڻ‌پٽ ۾ اوهان جي سار لڌي. هائو، بيحد ويران علائقي ۾ مون ئي اوهان کي سنڀاليو.


تنهن هوندي بہ جڏهن سچ جو روح ايندو، تڏهن اهو پوري سچائيءَ ڏانهن اوهان جي رهنمائي ڪندو. اهو پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ چوندو، پر خدا کان جيڪو ٻڌندو سو ئي چوندو ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪي ڳالهيون اوهان کي پيش اينديون سي اوهان کي کولي ٻڌائيندو.


پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏهن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ هڪ چشمو ٿي پوندو، جنهن مان زندگيءَ جو پاڻي نڪرندو رهندو. اهو کيس دائمي زندگي ڏيندو.“


هائو، جيڪو بہ مون تي ايمان رکي ٿو، تنهن بابت پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’انهيءَ جي اندر مان زندگي ڏيندڙ پاڻيءَ جون نديون وهنديون رهنديون.‘“


اوهان منجھہ ڪوبہ غريب ڪين هوندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ ضرور برڪت ڏيندو، جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور قبضي ۾ ڏيڻ وارو آهي.


شل اسان جو خدا پيءُ پاڻ ۽ اسان جو خداوند عيسيٰ اسان جي رستي جون رڪاوٽون هٽائين، تہ جيئن اسين اوهان وٽ اچي سگھون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ