21 انهن بدڪار ماڻهن لاءِ ڪا سلامتي ڪونهي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
21 منهنجو خدا فرمائي ٿو تہ شريرن کي آرام ڪونهي.
جڏهن يورام ييهوءَ سان مليو تڏهن کانئس پڇيائين تہ ”اي ييهو! خير سان تہ آيو آهين؟“ تنهن تي ييهوءَ وراڻيس تہ ”جيستائين تنهنجي ماءُ ايزبل جي بتپرستي ۽ جادوگري ايتريون وڌيل هونديون تيستائين خير ڇا جو.“
پر ويل آهي بدڪارن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن جي بڇڙائي سندن آڏو ايندي. هائو، هنن جيڪي ٻين سان ڪيو آهي سو ئي ساڻن ڪيو ويندو.
پر بدڪارن بابت خداوند جو فرمان آهي تہ هنن لاءِ ڪا سلامتي ڪانهي.
پر تڏهن بہ مون دل ۾ چيو تہ ”منهنجي محنت جو تہ ڪو فائدو نہ ٿيو، مون پنهنجي طاقت اجائي ۽ ناحق وڃائي آهي.“ انهيءَ هوندي بہ مون کي يقين آهي تہ خداوند منهنجو انصاف ڪندو، ۽ منهنجو خدا مون کي اجر ڏيندو.
اوهان جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن کي بہ سلامتي حاصل نہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي هلت چلت ۾ انصاف تہ آهي ئي ڪونہ. هائو، اوهان پنهنجي لاءِ ڏنگيون واٽون جوڙيون آهن، سو جيڪو بہ انهن واٽن تي هلي ٿو، تنهن لاءِ سلامتي بلڪل ناهي.
هائو، بني اسرائيل جا اهي سڀ نبي سڏائيندڙ جيڪي يروشلم جي باري ۾ اڳڪٿيون ڪندا هئا ۽ ان جي خير وَ سلامتيءَ جون ڪوڙيون رويائون ٻڌائيندا هئا، جيتوڻيڪ سلامتي تہ هئي ئي ڪونہ.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“