Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 57:15 - Muslim Sindhi Bible

15 آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 57:15
72 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ابراهيم بيرسبع ۾ لئي جو هڪڙو وڻ لڳايو ۽ اتي خداوند، ابدي خدا جي عبادت ڪيائين.


پر اي خدا! ڇا تون سچ پچ زمين تي رهندين؟ تون تہ آسمانن بلڪ عرش عظيم ۾ بہ سمائجي نہ ٿو سگھين، تہ پوءِ هي گھر جيڪو مون جوڙايو آهي تنهن ۾ ڀلا تون ڪيئن سمائجي سگھندين؟


جيئن تہ تو يروشلم شهر ۽ ان ۾ رهندڙن جي خلاف منهنجو فرمان ٻڌندي ئي عاجزيءَ وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ منهنجي اڳيان رنو رڙيو آهين، تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي.


پوءِ جيڪي هيٺ ڪيرايا ويا آهن، تن کي تنهنجي دعا جي وسيلي بلند ڪيو ويندو، هائو، انهن دلگيرن کي خدا بچائي وٺندو.


جيڪڏهن مون کي معلوم ٿئي تہ خدا ائين ڪندو، تڏهن جيڪر مون کي تسلي ٿئي، ۽ هي دائمي ايذاءَ آءٌ خوشيءَ سان پيو سهان، ڇاڪاڻ تہ مون انهيءَ پاڪ هستيءَ جي ڳالهين جو ڪڏهن بہ انڪار ناهي ڪيو.


هن پنهنجي قوم کي ڇڏايو، ۽ ساڻن پنهنجو هميشہ وارو عهد ٻڌو. بيشڪ سندس نالو پاڪ ۽ هيبتناڪ آهي.


جڏهن تہ اسان جو خدا عرش عظيم تي آهي، ۽ هن کي جيڪي وڻي ٿو سو هو ڪري ٿو.


اي خداوند! تون جيڪو عرش عظيم تي تخت‌نشين آهين، هائو، آءٌ تو ڏانهن ئي پنهنجيون اکيون کنيو نهاريان ٿو.


توڙي جو اي خداوند! تون بلند وَ بالا آهين، تہ بہ نماڻن تي مهر جي نظر ڪرين ٿو. پر مغرور ماڻهن کي تون پري کان ئي سڃاڻي وٺين ٿو.


توڙي جو آءٌ مصيبتن مان ٿو گذران، تہ بہ تون مون کي محفوظ رکين ٿو، ۽ منهنجي دشمنن جي ڪاوڙ خلاف تون مٿن هٿ کڻين ٿو. بيشڪ تنهنجو زورآور هٿ مون کي بچائي وٺي ٿو.


ٽٽل دلين کي هو ئي شفا بخشي ٿو، انهن جي زخمن کي هو ئي پٽيون ٻڌي ٿو.


خداوند انهن کي ويجھو آهي جيڪي دل‌شڪستہ آهن، ۽ جن جا روح چيڀاٽيل آهن تن کي هو بچائي ٿو.


سچار ماڻهن جي مٿان تڪليفون تہ گھڻيون ئي آهن، پر خداوند انهن سڀني کان کين ڇڏائي ٿو.


اي خدا! منهنجو نماڻو روح تو لاءِ منهنجي قرباني آهي. اي خدا! تون نماڻي ۽ پشيمان دل کي حقير نہ ٿو ڄاڻين.


پوءِ تون شريعت مطابق ڪيل قربانين کان خوش ٿيندين. هائو، ساڙڻ واري قربانيءَ کان، جيڪا پوريءَ طرح پيش ڪئي ويندي، ائين تنهنجي قربان‌گاهہ تي وهڙن کي قربان ڪيو ويندو.


تان‌تہ اي خداوند! اهي ڄاڻي وٺن تہ رڳو تون خدا تعاليٰ ئي سڄي ڌرتيءَ جو حاڪمِ‌اعليٰ آهين.


ان کان اڳ جو جبل پيدا ٿيا، ۽ تو زمين بلڪ سڄي جهان کي جوڙيو، تون ئي ازل کان خدا هئين ۽ ابد تائين رهندين.


اي خداوند! تنهنجو تخت قديم زماني کان قائم آهي. هائو، تون ئي ازل کان قائم وَ دائم آهين.


بيشڪ اي خداوند! تون ئي سڄي جهان جو حڪمرانِ‌اعليٰ آهين. تون سڀني معبودن جي ڀيٽ ۾ گھڻو مٿاهون آهين.


بيشڪ هو ئي پاڪ آهي. شل سڀيئي قومون سندس عظيم، ۽ هيبتناڪ نالي جي واکاڻ ڪن.


اي خداوند! معبودن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ پاڪيزگيءَ ۾ اعليٰ ۽ افضل تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ حمد وَ ثنا ۾ هيبتناڪ ۽ معجزن ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي؟


جن کي تو ڇڏايو هو تن جي تو دائمي ٻاجھہ سان رهبري ڪئي، تو پنهنجي طاقت سان کين پنهنجي مقدس جاءِ اندر پهچايو.


بيشڪ اي خداوند! ازل کان ابد تائين، رڳو تنهنجي بادشاهي آهي.“


تڏهن ڪڪر خدا سان ملاقات واري خيمي کي ڍڪي ڇڏيو ۽ اهو مقدس خيمو خداوند جي جلوي سان ڀرجي ويو.


موسيٰ خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي مٿان ڪڪر بيٺل هو ۽ اهو خداوند جي جلوي سان ڀريل هو.


مغرورن سان گڏ لٽ ڦر جو مال ويهي ورهائڻ کان غريبن سان گڏ نهٺو ٿي گذارڻ وڌيڪ بهتر آهي.


آءٌ ازل کان ئي وجود ۾ آندي ويئي هئس، هائو، ڌرتيءَ جي پيدا ٿيڻ کان بہ اڳ ۾.


انهيءَ سبب جو خداوند مون يسعياہ کي پيغام ڏيندي فرمايو تہ ”آءٌ پنهنجي عرش عظيم تان ائين سڪون سان هيٺ نظر ڪندس، جيئن ڏينهن جو گرميءَ ۾ سج جي تپش ماٺ ۾ محسوس ٿيندي آهي، يا جيئن اونهاري ۾ لاباري جي ڏينهن ۾ رات جو ماڪ خاموشيءَ ۾ پوندي آهي.


خداوند جيڪو عرش تي تخت‌نشين آهي، سو ڪيڏو نہ عظيم آهي! هو ئي يروشلم کي انصاف ۽ سچائيءَ سان ڀري ڇڏيندو،


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو يا اوهان نہ ٻڌو آهي تہ خداوند ئي هميشہ قائم رهندڙ خدا آهي، جيڪو سڄيءَ دنيا جو خالق آهي. اهو نہ ٿڪجي ٿو، نڪي ساڻو ٿو ٿئي. هن جي حڪمت سمجھڻ کان ٻاهر آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، منهنجو ٻانهو ڪامياب ٿيندو. هو سرفراز ۽ سربلند ڪيو ويندو، ۽ وڏي درجي کي رسندو.


جنهن سال عُزياہ بادشاهہ وفات ڪئي تنهن سال مون يسعياہ ڏٺو تہ پروردگار هڪڙي تمام اوچي ۽ مٿاهين تخت تي ويٺو آهي، مون ڏٺو تہ سندس قبا جو دامن سڄي هيڪل تي پکڙيل هو.


اهي هڪٻئي کي سڏي چون پيا تہ ”پاڪ، پاڪ، پاڪ، قادرِمطلق خداوند بلڪل پاڪ آهي، سڄي ڌرتي سندس جلال سان ڀرپور آهي.“


اي خداوند! عرش عظيم تان اسان تي نگاهہ ڪر. هائو، پنهنجي پاڪ ۽ عظمت واري جاءِ مان ڏس. اسان لاءِ تنهنجي غيرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي قدرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي دلي محبت ۽ شفقت ڪٿي آهي؟ انهن کي تو اسان کان ڇو روڪي رکيو آهي؟


پر اي خداوند! تون سچو خدا آهين، تون جيئرو خدا ۽ قائم وَ دائم بادشاهہ آهين. جڏهن تون ڪاوڙجين ٿو تہ دنيا ڪنبي ٿي وڃي، ۽ قومون تنهنجي ڪاوڙ سهي نہ ٿيون سگھن.


اچو تہ اسين پنهنجي دل جي گھراين سان خدا جي حضور ۾ دعا لاءِ آسمان ڏانهن هٿ کڻي چئون تہ


آءٌ تنهنجيون ڪيل سڀيئي بدڪاريون معاف ڪري ڇڏيندس. پر تون اهي ياد ڪري پشيمان ٿيندينءَ ۽ شرم وچان وري اڳتي هڪ لفظ بہ نہ ڪڇندينءَ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند کيس فرمايو تہ ”تون يروشلم جي سڄي شهر وچان لنگھي وڃ ۽ انهن ماڻهن جي پيشانيءَ تي نشان ڪر، جيڪي شهر ۾ ڪراهت جهڙن ڪمن ٿيڻ ڪري دانهون ڪن ٿا ۽ روئن رڙن ٿا.“


جيڪا ڳالهہ بادشاهہ پڇي ٿو سا تمام مشڪل ڳالهہ آهي. اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي جيڪو بادشاهہ جي اڳيان اها بيان ڪري سگھي، سواءِ معبودن جي، جيڪي انسان سان گڏ نہ ٿا رهن.“


آسماني نگهبانن جي اها ئي فتويٰ آهي، هائو، پاڪن جي طرفان اهو ئي فيصلو ٻڌايو وڃي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هر ساهوارو اها ڳالهہ قبول ڪري، تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي بادشاهت عطا ڪري ٿو، پوءِ اهو بلڪل ادنيٰ ماڻهو ئي کڻي ڇو نہ هجي.“


پنهنجو پيغام پورو ڪندي نبوڪدنضر ٻڌايو تہ ”انهن مقرر ڪيل ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ جڏهن مون پنهنجيون اکيون عرش عظيم ڏانهن کنيون تہ منهنجي سمجھہ مون منجھہ موٽي آئي. سو خدا تعاليٰ، جيڪو هميشہ زندہ رهندڙ آهي، تنهن جي تعظيم ۽ شڪر ادا ڪندي مون سندس واکاڻ ڪئي تہ خدا جي حاڪميت ابدي حاڪميت آهي، هائو، هن جي بادشاهت پيڙهي بہ پيڙهي قائم وَ دائم آهي.


سو اي بني اسرائيل! پنهنجي ڏک جي اظهار لاءِ پنهنجا ڪپڙا نہ ڦاڙيو، بلڪ پنهنجين دلين جي گھِراين سان خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو رحيم ۽ مهربان آهي. هو ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ شفقت ڪرڻ ۾ تڪڙو آهي، ۽ عذاب نازل ڪرڻ کان مڙي وڃي ٿو.


پر هوڏانهن خداوند بيت‌لحم اِفرات کي فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهوداہ جي ننڍن ننڍن شهرن مان هڪ آهين، تڏهن بہ تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص پيدا ٿيندو، جيڪو منهنجي طرفان بني اسرائيل جو حڪمران بڻبو. انهيءَ حڪمران جو گھراڻو پراڻي زماني کان وٺي قائم آهي.“


اي انسانؤ! خداوند تہ اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ هو اسان کان ڇا ٿو چاهي. خداوند اسان کان هنن چڱين ڳالهين کان علاوہ ٻيو ڪجھہ نہ ٿو چاهي تہ اسين هڪٻئي سان انصاف ڪريون، رحمدليءَ کي بيحد عزيز ڄاڻون، ۽ پنهنجي خدا آڏو نماڻا ٿي رهون.


اي بني آدم! خداوند اسان وٽ اچڻ لاءِ پنهنجي عرش عظيم تان اٿيو آهي. سو اوهين سندس حضور ۾ ماٺ رهو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي صيئون جا رهاڪؤ! ڏاڍا سرها ٿيو، هائو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! خوشيءَ وچان نعرا هڻو. ڏسو، توهان جو بادشاهہ توهان وٽ اچي ٿو، جيڪو سچار ۽ فاتح آهي. انهيءَ هوندي بہ هو ايترو تہ حليم آهي، جو گڏهہ تي سوار آهي، هائو، گڏهِہ جي ٻچي تي.


تہ پوءِ هن ريت دعا گھرو تہ ’اي اسان جا بابا! تون جيڪو آسمان تي آهين، شل تنهنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي،


ڇاڪاڻ تہ قادر مون لاءِ عظيم ڪم ڪيا آهن. هن جو نالو پاڪ آهي.


”خداوند مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي، ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ هن مون کي مخصوص ڪيو آهي. هن مون کي موڪليو آهي تہ قيدين جي رهائيءَ، ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان، ۽ ستايلن کي آزادي بخشيان،


هو پاڪ ۽ سچار هو، پر اوهان کيس رد ڪري هڪ خونيءَ کي آزاد ڪرڻ جو عرض ڪيو.


هائو، خدا جون ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ صفتون، يعني سندس دائمي قدرت ۽ ذات دنيا جي شروعات کان وٺي سندس خلقيل شين مان ظاهر ظهور پيون ڏسجن. تنهنڪري اهڙن ماڻهن کي ڪوبہ بهانو نہ آهي.


هو اسان کي هر مصيبت ۾ دلداري ٿو ڏئي، تہ جيئن اسين سندس مليل اها ساڳي دلداري ٻين کي ڏيئي سگھون، جيڪي ڪنهن مصيبت ۾ آهن.


اٽلندو هاڻي اوهان کي گھرجي تہ کيس معاف ڪريو ۽ تسلي ڏيو، متان اهو ماڻهو گھڻي غم وچان برباد نہ ٿي وڃي.


پر خدا جيڪو دلگيرن کي تسلي ڏيندڙ آهي، تنهن طيطس جي اچڻ تي اسان کي تسلي ڏني.


اُهو ازلي خدا ئي اسان جي جاءِ‌پناهہ آهي، سندس ٻانهون اسان جي لاءِ دائمي سهارو آهن. خدا اوهان کي فرمايو آهي تہ ’دشمنن کي برباد ڪري ڇڏيو.‘ سو هو اوهان جي دشمنن کي اوهان جي اڳيان لوڌي ڪڍندو،


هاڻي شل دائمي بادشاهہ يعني غير فاني، ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ۽ واحد خدا جي عزت ۽ واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


رڳو اهو ئي بقا وارو آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ خدا جي عزت ٿيندي رهي ۽ سندس قدرت هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پاڪ ڪري ٿو، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن ابدي پاڪ روح جي وسيلي پاڻ کي خدا وٽ بي‌عيب قربانيءَ طور پيش ڪيو.


پر انهيءَ غيرتمنديءَ کان وڌيڪ خدا اسان تي فضل ٿو ڪري. انهيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“


اهڙيءَ طرح اي جوانؤ! اوهان تي لازم آهي تہ اوهين اڳواڻن جي تابع رهو. اي ڪليسيائن وارؤ! اوهين سڀيئي هڪٻئي اڳيان نماڻائيءَ واري طبيعت سان پيش اچو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“


اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنهنجي نالي جي تعظيم ڪير نہ ڪندو؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پاڪ آهين. سڀيئي قومون اچي تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي انصاف جا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“


هن مون کي فلدلفيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو پاڪ ۽ سچو آهي، جنهن وٽ دائود جي بادشاهيءَ جي چاٻي آهي، جنهن جي کوليل کي ڪوبہ بند نہ ٿو ڪري سگھي ۽ جنهن جي بند ڪيل کي ڪوبہ کولي نہ ٿو سگھي، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ


انهن چئني ساهوارن مان هر هڪ کي ڇهہ پر هئا ۽ چوڌاري ٻاهرين توڙي اندرين پاسي اکين سان ڀريا پيا هئا. اهي رات ڏينهن سدائين اهو چون پيا تہ ”پاڪ، پاڪ، پاڪ، خداوند قادرِمطلق خدا، جيڪو هو، جيڪو آهي ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو.“


خداوند جهڙو ڪو ٻيو پاڪ ڪونهي، نڪي اسان جي خدا جهڙو ڪو ٻيو محافظ آهي، هائو، هن کان سواءِ ٻيو ڪو ئي بہ ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ