يسعياہ 56:6 - Muslim Sindhi Bible6 جيڪي بہ غير قوم وارا مون خداوند جي قوم سان شامل ٿي وڃن ٿا، منهنجي بندگي ڪن ٿا، منهنجي نالي سان محبت رکن ٿا، منهنجا ٻانها ٿي رهن ٿا، ۽ جيڪي سبت جو ڏينهن ملهائين ٿا، ۽ انهيءَ جي بيحرمتي نہ ٿا ڪن، ۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 ۽ اهي پرديسي جي خداوند سان گڏجن ٿا، انهي لاءِ تہ سندس خدمت ڪن، ۽ خداوند جي نالي کي پيار ڪن، ۽ سندس بندا ٿين، اهي سڀيئي جي سبت جي ڏينهن کي ناپاڪ ڪرڻ کان بچي ٿا رهن، ۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن اوهين سبت، يعني منهنجي پاڪ ڏينهن تي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجا پير روڪيندا، سبت جي ڏينهن کي پنهنجي خوشين جو ڏينهن سمجھندا، ۽ انهيءَ کي مون خداوند جو پاڪ ۽ تعظيم وارو ڏينهن ڪري سڏيندا، ۽ انهيءَ جو اهڙيءَ طرح احترام ڪندا، جو نہ انهيءَ ڏينهن پنهنجو ڪو ڪاروبار يا سفر ڪندا، نڪي وري پنهنجي خوشيءَ يا پنهنجي مطلب جون ڳالهيون ڪندا،
پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تانتہ اهي چٽ ٿي وڃن.