يسعياہ 56:4 - Muslim Sindhi Bible4 خداوند اهڙن ماڻهن لاءِ هيئن ٿو فرمائي تہ ”جيڪي بہ اهڙا ماڻهو منهنجي سبت وارا ڏينهن ملهائين ٿا، منهنجي پسند واريون ڳالهيون اختيار ڪن ٿا، ۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible4 ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪي نامرد منهنجن سبتن کي مڃين ٿا، ۽ منهنجي مرضيءَ کي پسند ٿا ڪن، ۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن اوهين سبت، يعني منهنجي پاڪ ڏينهن تي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجا پير روڪيندا، سبت جي ڏينهن کي پنهنجي خوشين جو ڏينهن سمجھندا، ۽ انهيءَ کي مون خداوند جو پاڪ ۽ تعظيم وارو ڏينهن ڪري سڏيندا، ۽ انهيءَ جو اهڙيءَ طرح احترام ڪندا، جو نہ انهيءَ ڏينهن پنهنجو ڪو ڪاروبار يا سفر ڪندا، نڪي وري پنهنجي خوشيءَ يا پنهنجي مطلب جون ڳالهيون ڪندا،
هاڻ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي چڱي نہ ٿي لڳي، تہ پوءِ اڄ فيصلو ڪريو تہ اوهين ڪنهن جي عبادت ڪندا، انهن معبودن جي جن جي پوڄا اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ڪندا هئا، يا امورين جي معبودن جي جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا. باقي رهيو سوال منهنجو ۽ منهنجي ڪٽنب جو، سو اسين خداوند جي ئي عبادت ڪندا رهنداسين.“