Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 56:10 - Muslim Sindhi Bible

10 ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم جا سڀيئي نگهبان انڌا آهن. انهن سڀني کي ڪا ڄاڻ نہ آهي. هائو، اهي سڀ اهڙن بيڪار پهريدار ڪتن مثل آهن، جيڪي گونگا آهن ۽ ڀونڪي بہ نہ ٿا سگھن. اهي خوابن ۾ گم رهڻ وارا آهن، جن کي سستيءَ مان ليٽيو رهڻ ئي پسند آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 هن جا پهريدار انڌا آهن، اهي سڀ بي علم آهن؛ اهي سڀ گونگا ڪتا آهن، اهي ڀونڪي نٿا سگهن؛ اهي خواب پيا لهن؛ ۽ انهن کي سستي پسند آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 56:10
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر يوآس بادشاهہ جي بادشاهيءَ جي ٽيويهين سال تائين ڪاهنن هيڪل جي ڪابہ مرمت ڪانہ ڪرائي.


خداوند اوهان جي دل ۽ دماغ کي بيهوش ڪري ڇڏيو آهي. هن اوهان جي اکين يعني اوهان جي نبين کي انڌو ڪيو آهي، هائو، هن ڄڻ اوهان جي چهري تي چادر وجھي ڇڏي آهي، جو اوهان جي انهن غيبدانن کي ڏسڻ کان محروم ڪيو اٿس.


اوهين پاڻ کي بي‌وقوف بڻايو، ڀلي اوهين بي‌وقوف ٿي گذاريو، پنهنجو پاڻ کي انڌو بڻايو، ڀلي اوهين ڏسڻ ڇڏي ڏيو. ڏسو، اوهين بنا مئي پيئڻ جي ديوانا ٿي ويا آهيو، اوهين بنا ڪنهن نشي ڪرڻ جي ٿاٻڙجو ٿا.


شهر جي پهريدارن جو تمام جوشيلو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. هائو، اهي خوشيون ملهائيندي گڏجي ڳائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي خداوند کي يروشلم ڏانهن موٽندي پنهنجي اکين سان ڏسن ٿا.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”پڪار، ايترو وڏي آواز سان پڪار، جيترو پڪاري سگھين ٿو. نفيل وانگر پنهنجو آواز بلند ڪر، ۽ منهنجي قوم بني اسرائيل کي سندن گناهہ ظاهر ڪري ٻڌاءِ.


سو اهي نبي سڏائيندڙ ۽ ڪاهن انڌن وانگر گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ ٿاڦوڙا هڻندا رهيا. اهي رت ۾ ٻڏي ايترا تہ پليت ٿي ويا، جو ڪنهن بہ کين پنهنجي ڪپڙن کي هٿ لائڻ نہ ٿي ڏنو.


هائو، بني اسرائيل جا اهي سڀ نبي سڏائيندڙ جيڪي يروشلم جي باري ۾ اڳڪٿيون ڪندا هئا ۽ ان جي خير وَ سلامتيءَ جون ڪوڙيون رويائون ٻڌائيندا هئا، جيتوڻيڪ سلامتي تہ هئي ئي ڪونہ.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


پر فرض ڪريو تہ انهيءَ نگهباني ڪندڙ شخص دشمنن کي ايندو ڏسي نفيل نہ وڄائي ۽ ماڻهن کي خبردار نہ ڪيو. پوءِ جيڪڏهن دشمنن اچي انهن مان ڪنهن هڪ کي بہ قتل ڪري ڇڏيو، توڙي جو اهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري قتل ٿيو، تنهن هوندي بہ آءٌ خداوند انهيءَ جي خون جو ذميوار انهيءَ نگهبان کي بڻائيندس.


۽ منهنجي قوم مون بابت ڄاڻ نہ رکڻ ڪري تباهہ وَ برباد ٿي ويندي. جيئن تہ اوهان ڪاهنن مون بابت ڄاڻ ڏيڻ کي ڄاڻي‌واڻي وساري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي وساري ڇڏيندس، هاڻي اوهين منهنجا ڪاهن نہ رهندا. هائو، جيئن تہ اوهان مون پنهنجي خدا جي شريعت کي وساري ڇڏيو آهي، سو آءٌ بہ اوهان جي اولاد کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندس.


اي اشور جا شهنشاهہ! تنهنجا گورنر ماريا ويا آهن، ۽ تنهنجي اميرن کي موت جي ننڊ وٺي ويئي آهي. تنهنجي رعيت جبلن تي ڪڻو ڪڻو ٿي ويئي آهي، ۽ ڪوبہ ڪونهي جيڪو انهن کي گڏ ڪري.


سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“


ڪتن کان خبردار رهو، يعني انهن ماڻهن کان جيڪي برائي ٿا ڪن ۽ بدن کي وڍائڻ يعني طهر ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ