Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 55:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جيئن آسمان زمين کان اوچو آهي، تيئن ئي منهنجا رستا اوهان جي رستن کان، ۽ منهنجا خيال اوهان جي خيالن کان بلند آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 جيئن آسمان زمين کان مٿي آهي، تيئن منهنجا رستا اوهان جي رستن کان، ۽ منهنجا خيال اوهان جي خيالن کان مٿي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 55:9
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي نظر ۾ تہ اها خسيس ڳالهہ آهي، اي خداوند خدا! تڏهن ئي تہ تو پنهنجي هن ٻانهي جي گھراڻي بابت آئيندہ جي گھڻي عرصي جو ذڪر پڻ ڪيو آهي ۽ اي خداوند خدا! تو پنهنجي هن ٻانهي تي عام ماڻهن وانگر مهرباني ڪئي.


جيترو آسمان زمين کان مٿي آهي، اوتري ئي انهن تي خداوند جي رحمت جھجھي آهي، جيڪي سندس خوف رکن ٿا.


اي خداوند! تنهنجو رحم آسمانن تائين ٽمٽار آهي، ۽ تنهنجي وفا بادلن تائين ڀريل آهي.


تنهنجي واٽ سمنڊ جي وچان آهي، تنهنجو رستو وڏن بحرن مان آهي، توڙي تنهنجي پيرن جا ڪي بہ نشان نہ ٿا ڏسجن.


مون کي يقين آهي تہ تنهنجي شفقت هميشہ قائم رهندي، هائو، آسمان جيان تو پنهنجي وفا کي قائم رکيو آهي.


هڪڙي ڳالهہ آهي جيڪا بي‌وقوف ماڻهو نہ ٿا ڄاڻن، هائو، جاهل ماڻهو هيءَ ڳالهہ سمجھي نہ ٿا سگھن تہ


خداوند قادرِمطلق قسم کڻي فرمائي ٿو تہ ”جيئن مون رٿيو آهي، تيئن ضرور ٿيندو. هائو، جيڪو ارادو مون ڪيو آهي، سو ضرور پورو ٿيندو.


انهيءَ وقت عيسيٰ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ