يسعياہ 55:7 - Muslim Sindhi Bible7 شرير ماڻهو پنهنجو رستو تبديل ڪن، ۽ بدڪار ماڻهو پنهنجا خيال بدلائين. اهي خداوند، اسان جي خدا آڏو توبهہتائب ٿين، تہ هو مٿن رحم ڪندو. بيشڪ اهو بيحد معاف ڪندڙ آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible7 شرير ماڻهو پنهنجو رستو ڇڏي، ۽ ناراست پنهنجا خيال ڇڏي ڏئي: اهو خداوند ڏانهن موٽي تہ هو مٿس رحم ڪندو؛ ۽ اسان جي خدا ڏانهن اچي، ڇالاءِ جو هو گهڻي معافي ڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن هو ٻاهر نڪري وڃي بادشاهہ آسا ۽ يهوداہ ۽ بنيامين قبيلي وارن سان مليو ۽ کين چيائين تہ ”اي آسا! اي سڀيئي يهوداہ ۽ بنيامين وارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهين خداوند سان هوندا تہ پوءِ خداوند بہ توهان ساڻ هوندو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ جا طالبو ٿيندا تہ هو بہ اوهان تي راضي ٿيندو. پر جيڪڏهن اوهين هن کي ڇڏي ڏيندا تہ هو بہ اوهان کي ڇڏي ڏيندو.
سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہتائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟