Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 54:4 - Muslim Sindhi Bible

4 ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ تون وري شرمسار نہ ٿيندينءَ. پريشان نہ ٿيءُ، ڇوجو تون وري خوار نہ ٿيندينءَ، بلڪ تون پنهنجي جوانيءَ جي شرمندگي وساري ڇڏيندينءَ، ۽ پنهنجي رن‌زال هجڻ جو مِهڻو وري نہ ٻڌندينءَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ڊپ نہ ڪر؛ ڇالاءِ جو تون شرمندي نہ ٿيندينءَ: پريشان نہ ٿي؛ ڇو جو تون بدنام نہ ٿيندينءَ، تون پنهنجي جوانيءَ جي شرمندگي وساري ڇڏيندينءَ، ۽ پنهنجي ڏهاڳ جو مهڻو وري ياد نہ ڪندينءَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 54:4
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن تون پنهنجي مصيبتن کي ائين وساري ڇڏيندين، جيئن پل هيٺان پاڻي گذري ٿو وڃي.


هائو، قادرِمطلق خداوند موت کي هميشہ لاءِ ماري مات ڪري سڀني جي اکين مان ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. هو سڄيءَ دنيا مان پنهنجي قوم جي خواري مِٽائي ڇڏيندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.


تنهنڪري خداوند، بني اسرائيل جو خدا جنهن ابراهيم کي مصيبت مان ڇڏايو هو، سو بني اسرائيل کي فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! هاڻي اوهين وڌيڪ شرمندا نہ ٿيندا. نڪي اوهان کي خوار ڪيو ويندو.


جڏهن اهو وقت ايندو، تڏهن هڪڙي مرد کي ست ست عورتون پڪڙي چونديون تہ ”اسين پنهنجي هڙان کائينديونسين ۽ پهرينديونسين، تون رڳو ايترو ڪر جو اسان کي پنهنجيون زالون سڏجڻ ڏي، ائين اسان تان مڙس واريون نہ هجڻ جي خواري لاهہ.“


تنهنڪري اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين خوف وچان گھٻرايو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندس ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي پوري حفاظت ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندس.


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين جيتوڻيڪ ٿورا ۽ ڪمزور آهيو، تہ بہ اوهين نہ ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو مددگار آهيان. هائو، آءٌ اوهان جو ڇڏائيندڙ ۽ پاڪ معبود آهيان.


جيئن تہ خداوند خدا منهنجو مددگار آهي، تنهنڪري انهن جون بي‌عزتيون مون کي ڪو نقصان پهچائي نہ ٿيون سگھن. مون هر بي‌عزتيءَ کي برداشت ڪرڻ سکيو آهي، ۽ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ ڪڏهن بہ شرمسار نہ ٿيندس،


اي اوهين سڀ! جيڪي سچائيءَ واري رستي تي هلڻ ٿا چاهيو، ۽ جن منهنجي تعليم کي دل سان هنڊايو آهي، سي ڌيان ڏيئي ٻڌو. اوهين ماڻهن جي ملامت کان نہ گھٻرايو، نڪي انهن جي طعنن کان ڊڄو،


انصاف ۽ سچائي تو کي قائم وَ دائم رکنديون. ظلم ۽ دهشت تنهنجي ويجھو بہ نہ ايندي، ۽ تون بلڪل نہ ڊڄندينءَ.


هاڻ اوهين پنهنجي ملڪ ۾ رهندا، ۽ اوهان کي مليل ٻيڻي سزا واري خواري ۽ بي‌عزتي هاڻ ختم ٿي ويندي، بلڪ اوهين ٻيڻي دولت جا مالڪ بڻبا، ۽ اوهان جون خوشيون هميشہ قائم رهنديون.


پوءِ سندن ملڪ ۾ جيڪو بہ پنهنجي لاءِ برڪت گھرندو، سو مون سچي خدا جي نالي سان گھرندو. هائو، اتي جيڪو بہ قسم کڻندو، سو مون سچي خدا جي نالي سان کڻندو. اڳيون مصيبتون آءٌ ختم ڪري ڇڏيندس، ۽ اوهان کان اهي وسري وينديون.“


گمراهيءَ کان پوءِ اسان توبهہ ڪئي. سمجھي وٺڻ کان پوءِ اسان پنهنجي گوڏن تي هٿ هنيا. اسين شرمندا ٿياسين ۽ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيوسين، ڇاڪاڻ تہ اسان جي قوم شروع کان ئي ذلت کنئي هئي.‘


آہ! يروشلم جي وسندي ڪڏهن تہ ماڻهن سان ڀريل هوندي هئي، پر هاڻ اها ڪيڏي نہ خالي ۽ ويران ٿي پيئي آهي! اها وسندي، جيڪا قومن ۾ عظمت رکندي هئي، سا ڪيئن نہ رن‌زال جهڙي ٿي پيئي آهي! هائو، جيڪا ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ٻانهين وانگر مجبور ٿي پيئي آهي!


ڪسبياڻيءَ طور پنهنجي ڪراهت جهڙي زندگي گذارڻ دوران تو ڪڏهن هڪڙو دفعو بہ پنهنجي ننڍپڻ کي ياد نہ ڪيو، جڏهن تون ننگي ۽ اگھاڙي پيئي هئينءَ ۽ ڄم جي رت ۾ پئي ليٿڙينءَ.‘“


تو اهي ڏينهن وساري ڇڏيا آهن تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي پرورش ڪئي جڏهن تون اڃا ننڍپڻ ۾ هئينءَ، پر تو پنهنجي سڀني ڪمن سان مون کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري ياد رک، آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ آءٌ بہ تنهنجي چال چلت جي سزا تنهنجي ئي سر تي آڻيندس.“ خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! ڇا تو پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن کان علاوہ زناڪاري پڻ نہ ڪئي آهي؟


اڳتي وري ڪڏهن بہ اوهان کي غير قومن جا طعنا سهڻا نہ پوندا، نڪي اوهان جي سر تي انهن جي ملامت پوندي. هائو، اوهان تي اڳتي وري ڪڏهن بہ منهنجي قوم جا ٻار نہ ماريا ويندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“


سو اي بني اسرائيل جي زمين! ڊڄ نہ، بلڪ سرهي ٿيءُ ۽ خوشيون ملهاءِ، ڇاڪاڻ تہ هاڻ آءٌ خداوند تو تي وڏيون وڏيون مهربانيون ڪندس.


اي يروشلم وارؤ! انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ اهڙي ڪم جي ڪري، جنهن جي ڪرڻ سان اوهان منهنجا گنهگار بڻيا هوندا وري خوار خراب نہ ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي شهر منجھان انهن سڀني کي تڙي ڪڍندس، جيڪي مغروريءَ وچان فخر ڪن ٿا. منهنجي پاڪ جبل صيئون تي وري ڪڏهن بہ مغروري ڏسڻ ۾ نہ ايندي.


آءٌ يهوداہ وارن توڙي اسرائيل وارن کي مضبوط ڪندس، هائو، آءٌ انهن کي فتحياب ڪندس. آءٌ انهن کي موٽائي سندن وطن ۾ وري آباد ڪندس، ڇاڪاڻ تہ مون کي انهن تي رحم اچي ويو آهي. آءٌ انهن جا حالات اهڙا تہ بدلائي ڇڏيندس، جو ڄڻ تہ مون ڪڏهن کين رد ئي نہ ڪيو هو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان ۽ آءٌ انهن جي ٻڌندس.


هن ڪري جو پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ هڪ پٿر رکان ٿو، جيڪو مخصوص، قيمتي ۽ پيڙهہ جو پٿر آهي. جيڪو ماڻهو انهيءَ تي ايمان آڻيندو، سو ڪڏهن بہ شرمندو نہ ٿيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ