Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 54:16 - Muslim Sindhi Bible

16 ڏس، مون لوهار خلقيو آهي، جيڪو ٽانڊن کي ڦوڪي باهہ ٻاري ٿو، ۽ هٿيار گھڙي تيار ڪري ٿو. مون لشڪر بہ پيدا ڪيا آهن، جيڪي انهن هٿيارن کي استعمال ڪري تباهي ٿا آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ڏس، مون لوهار خلقيو آهي جو ٽانڊن کي ڦوڪي باهہ ٻاري ٿو، ۽ پنهنجي ڪم لاءِ هڪڙو اوزار ٺاهي ٿو؛ ۽ مون برباد ڪرڻ لاءِ هڪڙو برباد ڪرڻ وارو بہ پيدا ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 54:16
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر حقيقت ڪري مون تو کي رڳو انهيءَ سبب جيئرو رهڻ ڏنو آهي تہ جيئن تو کي پنهنجي قدرت ڏيکاريان ۽ انهيءَ سان منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ روشن ٿئي.


خداوند هر شيءِ ڪنهن نہ ڪنهن مقصد لاءِ بڻائي آهي، بلڪ بدڪار ماڻهوءَ جي قسمت ۾ هن بربادي لکي ڇڏي آهي.


پر خداوند هن جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”ڇا ڪهاڙي انهيءَ ماڻهوءَ اڳيان ٻٽاڪ هڻي ٿي سگھي، جيڪو ان کي هٿ ۾ کڻي استعمال ٿو ڪري؟ يا ڪارائي انهيءَ سان وڏائي ڪري ٿي سگھي، جيڪو ان کي هٿ ۾ کڻي هلائي ٿو؟ ڀلا لٺ پنهنجي کڻڻ واري کي ڪيئن ٿي لوڏي سگھي؟ يا لڪڻ ماڻهوءَ کي ڪيئن ٿو کڻي سگھي؟“


اي سنحيرب! هاڻي مون خداوند جي ٻڌ، هي سڀ مون گھڻو اڳ رٿي ڇڏيو هو. تون نہ ٿو ڄاڻين تہ اهو آءٌ ئي آهيان، جنهن فيصلو ڪري ڇڏيو هو تہ اهو سڀ ڪجھہ تو کي ڪرڻو آهي. مون ئي تو کي چونڊي ڪڍيو هو تہ تون انهن ڪوٽ وارن شهرن کي ڦٽائي ويران دڙا بڻائي ڇڏين.


آءٌ اوڀر جي ڏورانهين ملڪ کان هڪڙي شخص کي سڏيندس، اهو عقاب وانگر لامارو ڏيئي منهنجي منصوبي کي پورو ڪندو. هائو، مون اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي، ۽ آءٌ ائين ئي ڪندس.


ڏس، جيڪڏهن تو تي ڪو حملو ڪندو، تہ اهو منهنجي طرفان نہ هوندو. بلڪ تو تي حملو ڪندڙ تنهنجي ڪري قتل ڪيا ويندا.


پر انهن مان ڪوبہ هٿيار تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو. عدالت ۾ جيڪي تنهنجي خلاف ڳالهائيندا، تن کي تون ڪوڙو ثابت ڪندينءَ. اهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن جي حفاظت ٿو ڪريان، ۽ کين فتحيابي عطا ٿو ڪريان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پوءِ خداوند مون کي چار ڪاريگر ڏيکاريا.


مون وري هڪڙي ٻي رويا ڏٺي، جنهن ۾ مون هڪڙي شخص کي پنهنجي اڳيان لنگھندي ڏٺو. سندس هٿ ۾ ماپ واري ڏوري هئي.


هن اچي کيس چيو تہ ”ڊوڙ ۽ انهيءَ شخص کي وڃي ٻڌاءِ تہ يروشلم شهر ۾ انسان توڙي جانور ايترا تہ گھڻا ٿي ويندا جو ڪوٽ جي حد ۾ نہ ماپندا، بلڪ ان کان ٻاهر بہ سندن آبادي وڌي ويندي.


عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تو کي خدا جي طرفان اهو اختيار مليل نہ هجي ها تہ تنهنجو ڪو زور مون تي نہ هلي ها. سو جنهن ماڻهوءَ مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي سو وڌيڪ ڏوهاري آهي.“


بني اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ ڪوبہ لوهار هٿ نہ ٿي آيو، ڇاڪاڻ تہ فلستين اها دورانديشي ڪئي هئي تہ ڪوبہ بني اسرائيل لوهار نہ هجي تہ جيئن عبراني ماڻهو پنهنجي لاءِ تلوارون يا ڀالا نہ ٺهرائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ