يسعياہ 54:13 - Muslim Sindhi Bible13 تنهنجي سڀني رهاڪن کي آءٌ پاڻ تعليم ڏيندس، ۽ کين خوشحالي ۽ امن وَ سلامتي عطا ڪندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible13 ۽ تنهنجن سڀني ٻارن کي خداوند جي تعليم ڏني ويندي، ۽ تنهنجي ٻارن کي گهڻي سلامتي ملندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تانتہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“
خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ يروشلم ۾ هميشہ واري خوشحالي نديءَ وانگر وهائيندس، ۽ قومن جي دولت کي ٽمٽار نهر وانگر اوهان ڏانهن وهائيندس، جيڪا ڪڏهن بہ نہ سڪندي. اوهين ٻارن وانگر هوندا ۽ يروشلم جي وسندي ماءُ جيان اوهان کي ٿڃ پيئاريندي. اها اوهان کي ڄڻ پنهنجي چيلهہ تي کڻي هلندي، ۽ پنهنجي گوڏن تي پيار مان ڪُڏائيندي.
اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تانتہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“
پر اوهان کي مسيح پاڪ روح سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پاڪ روح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پاڪ روح اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.