Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 54:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اي يروشلم جي وسندي! تون جيڪا هڪ سنڍ عورت وانگر هئينءَ، جنهن کي ڪو ٻار ئي نہ ٿي ٿيو، سا خوشيءَ وچان ڳاءِ. هائو، تون جنهن ويم جا سور ئي نہ سٺا هئا، سا وڏي آواز سان خوشيءَ وچان ڳاءِ، ڇاڪاڻ تہ تو بابت خداوند جو واعدو آهي تہ ڏهاڳڻ جو اولاد سهاڳڻ جي اولاد کان گھڻو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اي سنڍ، تون جنهن کي ٻار نٿي ٿيو، سا ڳاءِ؛ تون جنهن ويم جا سور نہ سٺا آهن، سا وڏي آواز سان ڳائڻ شروع ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو تہ ڏهاڳڻ جو اولاد سهاڳڻ جي اولاد کان گهڻو آهي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 54:1
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سارہ چيو تہ ”خدا منهنجي لاءِ کل ۽ خوشي آندي آهي. جيڪو بہ انهيءَ باري ۾ ٻڌندو سو مون سان گڏ کلندو.“


اهو ئي سنڍ عورت جو گھر آباد ڪري ٿو. هائو، کيس ٻارن جي ماءُ بڻائي خوشي بخشي ٿو. خداوند جي واکاڻ ڪريو.


اسان جي هڪڙي ننڍڙي ڀيڻ آهي، جنهن کي اڃا ڇاتيون بہ نہ آيون آهن. هاڻي جيڪڏهن سندس شاديءَ جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي، تہ پوءِ اسين پنهنجيءَ ڀيڻ لاءِ ڇا ڪريون؟


اي صيئون جبل جا رهاڪؤ! خوشيءَ منجھان نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڳايو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل جو پاڪ معبود جيڪو عظيم آهي، سو اوهان منجھہ ٿو رهي.“


ماڻهو خوشيءَ وچان وڏي آواز ۾ پيا ڳائين. هائو، اولهہ وارا خداوند جي حشمت جي واکاڻ ٿا ڪن،


اي آسمانؤ! خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند هي سڀ ڪيو آهي. اي ڌرتيءَ جون اونهايون! اوهين نعرا هڻو. اي جبل پهاڙؤ! ۽ اي ٻيلي جا هر هڪ وڻ! اوهين خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل کي بچائي پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي آهي.


اي آسمانؤ! گيت ڳايو، اي زمين! تون خوشي ملهاءِ، اي پهاڙؤ! اوهين زور سان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قوم کي تسلي بخشي ٿو. هائو، هو پنهنجي ڏکويل بندن تي رحم ڪندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! جيڪا هاڻي اجڙيل ۽ تباهہ وَ برباد لڳي پيئي آهين، سا جلد ئي وري تعمير ڪئي ويندينءَ. تو کي برباد ڪرڻ وارا تو کان پري هليا ويندا، ۽ تون پنهنجي رهاڪن جي گھڻائيءَ جي ڪري سوڙهي ٿي پوندينءَ.


هائو، تنهنجا ٻار جيڪي جلاوطنيءَ دوران پيدا ٿيا هئا، سي اڳتي هلي تو کي چوندا تہ ’هيءَ زمين تمام ٿوري آهي، اسان کي رهڻ لاءِ وڌيڪ جاءِ کپي.‘


تون اڳتي ”ڇڏي ڏنل“ نہ سڏبينءَ، نڪي تنهنجي ملڪ کي ”ويرانو“ سڏبو، بلڪ تو کي ”خداوند جي خوشي،“ ۽ تنهنجي ملڪ جي زمين کي ”مڙس واري“ سڏيو ويندو. انهيءَ سبب جو خداوند تو مان خوش آهي، سو تنهنجي ملڪ کي خداوند پنهنجي ڪنوار سڏيندو.


منهنجو پاڪ شهر يروشلم هڪ اهڙي عورت وانگر آهي، جنهن ويم جي سورن کائڻ کان سواءِ اوچتو ئي ٻار ڄڻيو هجي.


اي بني اسرائيل! توهين گيت ڳايو ۽ خوشيءَ وچان نعرا هڻو. اي يروشلم وارؤ! پنهنجي پوريءَ دل سان خوشيون ڪريو ۽ سرها ٿيو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي صيئون جا رهاڪؤ! ڏاڍا سرها ٿيو، هائو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! خوشيءَ وچان نعرا هڻو. ڏسو، توهان جو بادشاهہ توهان وٽ اچي ٿو، جيڪو سچار ۽ فاتح آهي. انهيءَ هوندي بہ هو ايترو تہ حليم آهي، جو گڏهہ تي سوار آهي، هائو، گڏهِہ جي ٻچي تي.


ڏسو، پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”اي سنڍ عورت! تون جيڪا ٻار نہ ٿي ڄڻين، سا خوشي ڪر. تون، جنهن کي ڪڏهن بہ ويم جا سور نہ ٿيا آهن، سا خوشيءَ سان وڏي واڪي پڪار، ڇاڪاڻ تہ ڇڏي ڏنل زال جا ٻار مڙس واري زال جي ٻارن کان گھڻا آهن.“


جيڪي ڍاول هئا سي مانيءَ خاطر وڃي مزدور ٿيا، ۽ جيڪي بکايل هئا تن کائي ڍءُ ڪيو آهي. جيڪا عورت سنڍ هئي سا ستن ٻارن جي ماءُ بڻي، ۽ جيڪا جھجھن ٻارن جي ماءُ هئي سا اڪيلي وڃي بچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ