Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 52:5 - Muslim Sindhi Bible

5 هاڻي اها ساڳي ڳالهہ بابل ۾ ٿي رهي آهي، جو اوهان کي قيد ڪيو پيو وڃي. اوهان جي مٿان حڪمراني ڪندڙ هر روز گھڙيءَ گھڙيءَ ٻٽاڪ ۽ لٻاڙ هڻندي منهنجي نالي تي ڪفر ٿا بڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 تنهن ڪري هاڻي خداوند فرمائي ٿو، تہ جڏهن منهنجي اُمت کي مفت ۾ وٺي ويا آهن، تڏهن آءٌ هتي ڇا ڪريان؟ خداوند فرمائي ٿو تہ انهن جا حاڪم واڪا ٿا ڪن، ۽ سارو ڏينهن منهنجي نالي تي ڪفر ٿا بڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 52:5
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن هوندي بہ جيئن تہ اهو ڪم ڪري تو خداوند جي نالي کي خسيس سمجھيو آهي. سو جيڪو ٻار تو کي ڄائو آهي سو ضرور مرندو.“


تو پنهنجي قوم کي معمولي قيمت ۾ وڪڻي ڇڏيو آهي، جنهن مان تو کي ڪو فائدو حاصل نہ ٿيو آهي.


طعنا هڻندڙن ۽ توهين ڪندڙن جي ڳالهين، ۽ دشمنن جي وير وٺڻ ڪري منهنجو هي حال ٿيو آهي.


اي خدا! تنهنجا دشمن ڪيستائين تو تي ٺٺوليون ڪندا رهندا؟ ڇا اهي هميشہ تنهنجي نالي جي بي‌حرمتي پيا ڪندا رهندا؟


اي خداوند! اها ڳالهہ نہ وسارج تہ دشمنن تو تي ٺٺوليون ڪيون آهن، هائو، انهيءَ نادان قوم تنهنجي نالي جي بي‌حرمتي ڪئي آهي.


پوءِ خداوند چيس تہ ”منهنجي قوم جيڪا مصر ۾ آهي، تنهن جي سخت مصيبت مون ڏٺي آهي. سندن رکوالن جي سختيءَ جي ڪري سندن ڪيل دانهن ٻڌي اٿم. مون کي هنن جي ڏکن جي خبر آهي.


”اي شبناہ! تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون پهاڙ جي بلنديءَ تي شاهي قبرستان ۾ پنهنجي دفن ٿيڻ لاءِ مقبرو ٿو ٺهرائين؟ تنهنجو ڪهڙو مائٽ هتي دفن آهي جو تون پنهنجي لاءِ بہ هتي قبر ٿو کوٽائين؟


پر مون کي تنهنجي سڀ خبر آهي تہ تون ڪٿي رهين ٿو، ڪيڏانهن اچين وڃين ٿو، ۽ منهنجي خلاف ڪهڙي بڪواس ڪرين ٿو.


تڏهن يسعياہ کين چيو تہ ”وڃي پنهنجي مالڪ کي خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ ’اشور جي شهنشاهہ جي ڇاڙتن منهنجي باري ۾ جيڪا بڪواس ڪئي آهي، تن ڳالهين جي ڪري تون نہ ڊڄ.


آءٌ پنهنجي قوم سان ڪاوڙيل هئس، سو انهن کي خوار خراب ڪري سندن ملڪ سميت تنهنجي حوالي ڪيم. تو انهن تي ڪو رحم نہ ڪيو، بلڪ تون ٻڍن تي بہ ظلم ڪرڻ کان باز نہ آئينءَ.


سو تنهنجا رهاڪو هر گھٽيءَ جي منهن ۾، ائين بي‌هوش پيا آهن، جيئن ڪا هرڻي ڄار ۾ ڦاٿل پيئي هجي. اهو خداوند تنهنجي خدا جي عتاب جي ڪري آهي.


بلڪ آءٌ اهو پيالو انهن جي هٿن ۾ ڏيندس، جيڪي اوهان کي ڏکوئين ٿا، ۽ جن اوهان جي پٺيءَ کي ڌرتي، بلڪ لنگھي وڃڻ وارن لاءِ سڙڪ بڻائي ڇڏيو آهي. هائو، اهو پيالو آءٌ انهن کي پيئاريندس، جيڪي اوهان کي چون ٿا تہ ’هيٺ جھڪو تہ اسين اوهان جي مٿان لنگھي وڃون.‘“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! جڏهن اوهين غلام بڻايا ويا هئا، تڏهن مفت وڪاڻا هئا، سو هاڻي ڇڏايا بہ بنا پئسن ويندا.


بني اسرائيل وارا ڀٽڪيل رڍن جي ڌڻ وانگر آهن، جنهن جو پيڇو ڪري شينهن کيس ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي. پهريائين اشور جو شهنشاهہ بني اسرائيل کي ڳڙڪائي ويو ۽ بعد ۾ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر انهن جا هڏا بہ چٻاڙي ڇڏيا.


هر ڪو ماڻهو منهنجيون آهون تہ ٻڌي ٿو، پر اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو مون کي دلاسو ڏئي. اٽلندو مون تي تنهنجي آندل مصيبت بابت ٻڌي منهنجا دشمن خوش ٿا ٿين. سو اي خداوند! جيئن تو واعدو فرمايو آهي، تيئن تون جلدي مون وانگر انهن کي بہ سزا ڏي.


پروردگار ايترو تہ شديد غضب ۾ هو، جو هن بني اسرائيل جي سڄيءَ طاقت کي نيست وَ نابود ڪري ڇڏيو. هائو، جڏهن مٿن دشمنن حملو ڪيو، تڏهن هن سندن ڪابہ مدد ڪانہ ڪئي. ڌڻيءَ ڀڙڪندڙ باهہ جيان، بني يعقوب کي چئني پاسن کان ساڙي رک ڪري ڇڏيو.


پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ انهن قومن جي آڏو منهنجي نالي جي بي‌ادبي نہ ٿئي، جن قومن جي ڏسندي آءٌ هنن کي مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس.


پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ انهن قومن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بي‌ادبي نہ ٿئي، جن قومن جي وچ ۾ هو رهيا ٿي. انهن قومن جي آڏو مون پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪندي بني اسرائيل سان واعدو ڪيو هو تہ آءٌ کين مصر مان ڪڍي ايندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن يروشلم جي مڇيءَ واري دروازي وٽان هڪ وڏي رڙ اٿندي، تہ نئين آباديءَ واري علائقي مان ماتم جو آواز، ۽ ٽڪرين مان هڪ وڏي تباهيءَ وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.


اهو ئي سبب آهي جو پاڪ ڪلام ۾ چيو ويو آهي تہ ”اوهان يهودين جي ڪري ئي غير قومون خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪين ٿيون.“


جڏهن هو ميڪاہ جي گھر ۾ هئا تہ اتي هنن انهيءَ جوان لاويءَ جو آواز سڃاتو. سو هو ڦري وٽس آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”تو کي هتي ڪنهن آندو؟ تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟ تنهنجو هتي ڪهڙو ڪم آهي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ