يسعياہ 51:6 - Muslim Sindhi Bible6 اوهين پنهنجيون اکيون مٿي آسمان ڏانهن کڻو، ۽ هيٺ زمين ڏانهن پڻ نهاريو. ڏسو، آسمان دونهين وانگر گم ٿي ويندو، ۽ ڌرتي ڳري ويل ڪپڙي وانگر ختم ٿي ويندي، ۽ انهيءَ جا رهاڪو مڇرن وانگر مري کپي ويندا. پر منهنجو بچائڻ ابد تائين رهندو. ھائو، منهنجي بچائڻ واري قدرت ڪڏهن ختم نہ ٿيندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 اوهين پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏانهن کڻو، ۽ هيٺ زمين ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو آسمان دونهين وانگي گم ٿي ويندا، ۽ زمين ڪپڙي وانگي پراڻي ٿي ويندي، ۽ جيڪي انهي تي رهن ٿا سي بہ ساڳيءَ طرح مري ويندا: پر منهنجي نجات سدائين رهندي، ۽ منهنجي راستبازي بند نہ ٿيندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ قربانيءَ جي وسيلي ئي مسيح خدا ۽ ماڻهن جي وچ ۾ نئين عهد جو وچ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جن کي خدا سڏيو آهي، سي سندس دائمي ورثو حاصل ڪن جنهن جو هن واعدو ڪيو آهي. پر اڳ ۾ اهو ضروري هو تہ جيڪي ماڻهو پهرئين عهد جي زماني ۾ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قصوروار بڻيا هئا، تن لاءِ هڪ موت ٿئي تہ جيئن اهي گناهہ کان آزاد ٿين.