Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 51:17 - Muslim Sindhi Bible

17 اي يروشلم! تو خداوند جي هٿان سندس غضب جو پيالو پيتو آهي. تو سخت نشو ڏيندڙ ڀريل پيالو پي خالي ڪيو آهي. سو هاڻ اي يروشلم! جاڳ، جاڳي پئُہ ۽ اُٿي کڙو ٿيءُ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 اي يروشلم، جاڳ، جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ، تو خداوند جي هٿان سندس ڪاوڙ جو پيالو پيتو آهي؛ تو سخت نشو ڏيندڙ پيالو پي خالي ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 51:17
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي تہ هو پنهنجي سزا پاڻ ڀوڳين، ڀلي تہ اهي قادرِمطلق جي غضب جو مزو پاڻ چکن.


هو بڇڙن ماڻهن تي ٻرندڙ ٽانڊا ۽ گندرف وسائيندو، ۽ جھولي جي گرم هوا سندن مقدر بڻبي.


تو پنهنجيءَ هن قوم کي سختين جو منهن ڏيکاريو آهي. تو اسان کي ڄڻ تہ اهڙي مئي پيئاري آهي جيڪا ٿاٻڙائي ٿي.


تون اسان جي ٻڌ، ۽ پنهنجي زورآور هٿ سان اسان جي مدد ڪر، تان‌تہ اسين تنهنجا محبوب فتحياب ٿيون.


هو ئي بڇڙن ماڻهن جو رتبو مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندو، پر سچار ماڻهن جو رتبو بلند ڪندو.


بيشڪ خداوند جي هٿ ۾ هڪڙو اهڙو پيالو آهي، جيڪو سخت غضب واريءَ خوب گڏايل مئي سان ٽمٽار آهي. خداوند انهيءَ پيالي منجھان پاڻ اوتي ٿو، ۽ انهيءَ جو آخري قطرو بہ نچوڙي دنيا جي سڀني بڇڙن کي پيئاريو ويندو.


اوهين پاڻ کي بي‌وقوف بڻايو، ڀلي اوهين بي‌وقوف ٿي گذاريو، پنهنجو پاڻ کي انڌو بڻايو، ڀلي اوهين ڏسڻ ڇڏي ڏيو. ڏسو، اوهين بنا مئي پيئڻ جي ديوانا ٿي ويا آهيو، اوهين بنا ڪنهن نشي ڪرڻ جي ٿاٻڙجو ٿا.


يروشلم جي رهاڪن کي دلاسو ڏيو. هنن منجھہ اعلان ڪريو تہ سندن غلاميءَ واري مصيبت جا ڏينهن ختم ٿي ويا. هائو، مون خداوند سندن بدڪاري معاف ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سندن سڀني گناهن جي کين ٻيڻي سزا ڏيئي چڪو آهيان.“


تنهنڪري هاڻي اي يروشلم جا ڏکويل رهاڪؤ! اوهين جيڪي مئي جو پيالو نہ، بلڪ خداوند جي غضب جو پيالو پي نشي ۾ مست ٿيا پيا آهيو، سي منهنجي هيءَ ڳالهہ ٻڌو.


اوهان جو ڌڻي خداوند، هائو، اوهان جو خدا، جيڪو پنهنجي قوم جو بچاءُ ڪندڙ آهي، سو فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ اوهان جي هٿ مان سخت نشي وارو پيالو، يعني پنهنجي غضب وارو وڏو پيالو وٺي رهيو آهيان. هاڻي اوهين اهو وري نہ پيئندا.


اي خداوند! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ، زور وٺ ۽ ڪجھہ ڪري ڏيکار. هائو، جاڳ ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪري ڏيکار، جيڪو تو گذريل ڏينهن ۾ ۽ قديم زمانن ۾ پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيو هو. ڇا تون اهو ئي ناهين، جنهن سامونڊي بلا رهب کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو هو؟ هائو، تو ئي ازدها نانگ کي چچري ڇڏيو هو.


جاڳ، اي صيئون! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ ۽ زور وٺ. هائو، اي يروشلم! اي پاڪ شهر! هاڻ شان وَ شوڪت کي پنهنجي پوشاڪ بڻاءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ کان پوءِ ڪوبہ غير قوم جو لشڪر، هائو، ڪوبہ ناپاڪ سپاهي ڪاهہ ڪري تو ۾ اندر نہ گھڙندو.


پنهنجي غصي ۾ مون سڀني قومن کي لتاڙيو. مون غضب وچان کين متوالو بڻائي ڇڏيو، ۽ سندن رت زمين تي وهائي ڇڏيم.“


تڏهن تون کين مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ آءٌ سندن ملڪ يهوداہ جي سڀني رهاڪن کي، يعني جيڪي بادشاهہ دائود جي تخت تي ويهن ٿا تن کي، ڪاهنن کي، نبي سڏائيندڙن کي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي ڄڻ تہ نشو پيئاري مدهوش ڪري ڇڏيندس.


شروعات مون يروشلم شهر ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن، انهيءَ جي بادشاهن ۽ عملدارن کان ڪئي، تان‌تہ اهي شهر ويران ٿي حيرت، ڪراهت ۽ لعنت جو سبب بڻجن، جيئن اهي اڄوڪي ڏينهن آهن.


اهو پيالو پيئارڻ وقت مون هر هڪ کي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان بہ ٻڌايو تہ ”منهنجي غضب جو پيالو پيئو، مست ٿيو ۽ الٽي ڪري ڪڍو ۽ مدهوش ٿي اهڙا ڪِرو، جو جيڪا جنگ آءٌ اوهان منجھہ موڪليان ٿو تنهن سببان وري ڪڏهن بہ نہ اُٿو.“


انهيءَ ڪري يروشلم جي گھٽين توڙي يهوداہ جي ٻين شهرن تي منهنجو قهر ۽ غضب نازل ٿيو، سو مون انهن کي ويران دڙا بڻائي ڇڏيو، جيئن اهي اڄ آهن.


”دنيا جون سڀ قومون يروشلم شهر آڏو اچي گڏ ٿينديون ۽ شهر سميت سڄي يهوداہ کي گھيري هيٺ آڻي ڇڏينديون. پر ڏسو، انهيءَ ڏينهن آءٌ يروشلم کي انهن گڏ ٿيل سڀني قومن کي سزا ڏيڻ لاءِ مئي جي اهڙي پيالي مثل بڻائيندس، جنهن مان پيئڻ وارو ٿاٻڙجي ڪري ٿو. هائو، آءٌ يروشلم کي سڀني قومن لاءِ اهڙو ڳرو پٿر بڻائيندس جو جيڪو بہ ان کي کڻڻ جي ڪوشش ڪندو سو پاڻ کي ڦٽي وجھندو.


تڏهن عيسيٰ سندس ٻنهي پٽن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اهو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آهيان؟“ انهن وراڻيو تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“


صحيح سوچ رکڻ لاءِ جاڳي پئو ۽ گناهہ ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اوهان مان ڪي خدا جي باري ۾ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. آءٌ چوان ٿو تہ اها اوهان لاءِ شرم جي ڳالهہ آهي.


ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“


خداوند اوهان کي چريائيءَ، انڌاپي ۽ دماغي پريشانيءَ سان سٽي وجھندو.


ايتري قدر جو اوهين پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي چريا ٿي پوندا.


تن کي خدا جي غضب جي مئي مان پيئڻو پوندو، يعني اها مئي جيڪا هن پنهنجي غضب جي پيالي ۾ بنا ڪنهن ملاوٽ جي وڌي آهي. انهن سڀني کي پاڪ ملائڪن ۽ گھيٽڙي جي اڳيان باهہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو.


زلزلو ايڏو تہ سخت هو جو وڏو شهر بابل ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ دنيا جا ٻيا شهر بہ ڪري پيا. ائين خدا اُن وڏي شهر بابل جي بڇڙائي ياد ڪري کيس پنهنجي وڏي غضب جي مئي جو پيالو پيئاريو.


اي بدلو وٺڻ وارؤ! جهڙو سلوڪ بابل ٻين سان ڪيو، تهڙو اوهين بہ هن سان ڪريو. جيڪا بڇڙائي هن ڪئي آهي، تنهن جو کيس ٻيڻو بدلو ڏيو. هائو، جيڪو پيالو هن ٻين لاءِ تيار ڪيو آهي، تنهن پيالي کي ٻيڻو گھاٽو ڪري کيس ڏيو.


هنن اسان کي سڏيندي چيو تہ ’جاڳ، اي دبورہ! جاڳ، اچ ۽ ڳاءِ ڪو راڳ! اُٿ، اي برق! اُٿ، اي ابي‌نوعم جا پٽ! اُٿ! هل، تون پنهنجي دشمنن کي قيد ڪرڻ لاءِ هل!‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ