Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 51:16 - Muslim Sindhi Bible

16 مون آسمانن کي ڦهلائي سندن جاءِ تي قائم ڪيو آهي، ۽ زمين جا بنياد وڌا اٿم. آءٌ يروشلم وارن کي چوان ٿو تہ ’اوهين منهنجي قوم آهيو، مون ئي اوهان کي علم ڏيڻ سيکاريو آهي، ۽ پنهنجي هٿ هيٺ اوهان کي پناهہ ڏني اٿم.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 مون پنهنجو ڪلام تنهنجي وات ۾ وڌو آهي، ۽ توکي پنهنجي هٿ جي پاڇي سان ڍڪيو اٿم، انهي لاءِ تہ آسمانن کي قائم ڪريان، ۽ زمين جو بنياد وجهان، ۽ صيون کي چوان تہ تون منهنجي اُمت آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 51:16
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ ئي ائين ڪندس، هائو، آءٌ ئي جيڪو ڌرتيءَ جي بنيادن کي قائم ٿو رکان، جيتوڻيڪ اها پنهنجي سڀني رهاڪن سميت ڌُڏي ويئي آهي.


هو اوهان تي پنهنجي پرن جي ڇانوَ ڪندو، ۽ اوهين سندس حفاظت ۾ رهندا. سندس وفا اوهان جي واسطي ڍال ۽ پناهہ ٿيندي.


اهي خداوند جي گھر ۾ لڳل وڻن جيان آهن، جيڪي اسان جي خدا جي حضور ۾ سدائين ساوا رهندا.


جنهن وقت منهنجو جلوو اتان لنگھندو تنهن وقت آءٌ تو کي انهيءَ ٽڪريءَ جي ڦاٽ ۾ لڪائي رکندس. جيستائين آءٌ لنگھي نہ وڃان تيستائين پنهنجي هٿ سان تو کي ڍڪي ڇڏيندس.


تون ساڻس گفتگو ڪري کيس ٻڌائج تہ هن کي ڇا چوڻو آهي. آءٌ ڳالهائڻ ۾ اوهان ٻنهي جي مدد ڪندس ۽ اوهان کي ٻڌائيندس تہ ڇا ڇا ڪريو.


بيشڪ خداوند، جنهن آسمان پيدا ڪيا آهن، سو ئي خدا آهي. هن ئي ڌرتي جوڙي تيار ڪئي آهي، ۽ انهيءَ کي هميشہ لاءِ قائم ڪيو اٿس. هن انهيءَ کي ويران ڪرڻ لاءِ نہ، بلڪ آباد ڪرڻ لاءِ جوڙيو آهي. سو ئي خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


مون ئي ڌرتيءَ جا بنياد وڌا آهن، ۽ آسمانن کي ڦهلايو آهي. جڏهن بہ آءٌ انهن کي حڪم ٿو ڪريان، تہ اهي هڪدم منهنجي حڪم جي تعميل ڪن ٿا.


هن منهنجي زبان کي تکي تلوار وانگر ڪيو آهي، ۽ مون کي پنهنجي مياڻ ۾ حفاظت سان رکيو اٿس. هن مون کي چمڪندڙ تير وانگر ڪيو آهي، ۽ مون کي پنهنجي ترڪش ۾ رکي ڇڏيو اٿس.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اوهان کي ڇڏائڻ جو وقت ايندو، تڏهن آءٌ اوهان جون دعائون قبول ڪندس، ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي حفاظت ڪندس، ۽ اوهان جي وسيلي ٻين قومن سان عهد ٻڌندس. اوهين پنهنجي تباهہ ٿيل ملڪ کي وري اڏيندا، ۽ انهن ويران ٿيل ورثي وارين جاين کي اچي نئين سر آباد ڪندا.


خداوند خدا مون کي تسلي ڏيڻ جا لفظ سيکاريا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڄاڻان تہ ڪنهن ٿڪل ماڻهوءَ کي ڪهڙيءَ طرح همتائي ٿو سگھان. هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، ۽ مون ۾ اها خواهش ٿو پيدا ڪري، تہ آءٌ سندس ڳالهيون ٻڌندو رهان.


جنهن جو قول پنهنجو پاڻ فعل جي صورت اختيار ٿو ڪري، آءٌ اهو ئي خداوند چوان ٿو تہ آءٌ سڀني کي سلامتي بخشيندس، توڙي اهي ويجھو هجن يا پري. هائو، آءٌ پنهنجي قوم کي ضرور بحالي عطا ڪندس.


اوهان سان منهنجو هي عهد آهي تہ منهنجو روح اوهان کان پري نہ ٿيندو ۽ منهنجيون ڳالهيون هميشہ هميشہ اوهان جي زبان تي هونديون. هائو، هاڻي کان وٺي اهي اوهان جي اولاد جي ۽ اولاد جي اولاد جي زبان تي ابد تائين هونديون. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تنهنجا سڀيئي ماڻهو سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، ۽ هميشہ لاءِ ملڪ جا وارث ٿي رهندا. اهي منهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جن کي مون پوکيل وڻ وانگر ملڪ ۾ ڄمائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن مان منهنجي عظمت ظاهر ٿئي.


خاص طور صيئون جي حالات تي ماتم ڪرڻ وارن کي ڏک ۽ غم جي بدران خوشي ۽ شادماني، ۽ ماتم جي بدران واکاڻ جو گيت ڏيان. اهي انهن وڻن وانگر ٿيندا جيڪي خداوند پنهنجي هٿن سان پوکيا هجن. اهي سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، تان‌تہ خداوند جي عظمت ظاهر ٿئي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ هڪ نئين زمين ۽ نوان آسمان پيدا ٿو ڪريان. هائو، گذريل وقت جي هر ڳالهہ بلڪل وساري ويندي.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”جهڙيءَ طرح نئون آسمان ۽ نئين زمين جيڪي آءٌ جوڙيندس، سي منهنجي حضور ۾ قائم رهندا، تهڙيءَ طرح اوهان جو نسل ۽ اوهان جو نالو بہ قائم رهندو.


پوءِ خداوند پنهنجو هٿ ڊگھيري منهنجي وات کي ڇهيو ۽ مون کي چيائين تہ ”مون پنهنجو فرمان تنهنجي وات ۾ وڌو آهي.


آءٌ انهن کي اهڙي دل ڏيندس جو هو مون کي سڃاڻين تہ آءٌ خداوند آهيان. تڏهن هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ ئي هنن جو خدا هوندس، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا.


اهو نئون عهد هي آهي، جيڪو آءٌ بني اسرائيل سان ان وقت ٻڌندس: آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي ذهنن ۾ وجھندس ۽ سندن دلين تي پڻ لکي ڇڏيندس. آءٌ هنن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.


پوءِ هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ سندن خدا هوندس.


آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي پاڪ صاف ڪندس، هائو، کين سون ۽ چانديءَ وانگر باهہ ۾ تپائي صاف ڪندس. پوءِ هو منهنجو نالو وٺي پڪاريندا ۽ آءٌ کين ورندي ڏيندس. هو چوندا تہ ’خداوند ئي اسان جو خدا آهي،‘ ۽ آءٌ چوندس تہ ’هيءَ منهنجي قوم آهي.‘“


آءٌ هنن کي موٽائي آڻيندس تہ جيئن هو وري يروشلم ۾ رهن. اهي منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ وفا ۽ سچائيءَ سان سندن خدا هوندس.“


جيڪو پيغام تو مون کي ڏنو، سو مون انهن تائين پهچايو آهي ۽ انهن اهو قبول ڪيو آهي. انهن اها حقيقت ڄاڻي ورتي آهي تہ آءٌ تو وٽان آيو آهيان، بلڪ سندن ايمان آهي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


بيشڪ جنهن کي خدا موڪليو آهي سو خدا جون ڳالهيون ٻڌائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ خدا کيس پنهنجو روح بي‌حساب عطا ڪري ٿو.


آءٌ خداوند هنن جي لاءِ سندن بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي تو جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندس. آءٌ پنهنجو فرمان انهيءَ جي وات ۾ وجھندس. جيڪو بہ حڪم آءٌ هن کي ڏيندس، سو هو کين ٻڌائيندو.


اُهو ازلي خدا ئي اسان جي جاءِ‌پناهہ آهي، سندس ٻانهون اسان جي لاءِ دائمي سهارو آهن. خدا اوهان کي فرمايو آهي تہ ’دشمنن کي برباد ڪري ڇڏيو.‘ سو هو اوهان جي دشمنن کي اوهان جي اڳيان لوڌي ڪڍندو،


پر هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيڪو عهد آءٌ بني اسرائيل سان اچڻ وارن ڏينهن ۾ ٻڌندس، سو هن طرح ٻڌندس جو آءٌ پنهنجا قانون هنن جي ذهنن ۾ وجھندس، ۽ اهي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن خدا هوندس، ۽ هو منهنجي قوم هوندا.


جڏهن تہ اسين خدا جي واعدي ڪيل انهيءَ نئين آسمان ۽ نئين زمين جي انتظار ۾ آهيون جتي سچائي رهي ٿي.


هن ڪتاب ۾ انهن ڳالهين جو بيان آهي، جيڪي عيسيٰ مسيح ظاهر ڪيون. اهو مڪاشفو خدا هن کي انهيءَ لاءِ ڏنو تہ هو پنهنجي ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن. مسيح پنهنجي ملائڪ جي وسيلي پنهنجي ٻانهي يوحنا تي اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ