Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 51:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اوهان مون خداوند پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي، جنهن آسمان کي ڦهلايو ۽ زمين جو بنياد وڌو هو. اوهين سڄو ڏينهن انهن ظالمن جي غضب کان ڊڄندا ٿا رهو، جيڪي اوهان کي برباد ڪرڻ جون تياريون ٿا ڪن. پر هاڻي اڳتي انهن جو غضب اوهان جي ويجھو بہ ڪين ايندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تو خداوند پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي؛ جنهن آسمان کي پکيڙيو ۽ زمين جو بنياد وڌو؛ ڇالاءِ جو تون سارو ڏينهن انهيءَ ظالم کان، جو برباد ڪرڻ لاءِ تياري ٿو ڪري، ڊڄندو ٿو رهين؟ انهيءَ ظالم جي ڪاوڙ ڪٿي آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 51:13
56 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي سندس زال زرش ۽ ٻين سڀني دوستن کيس صلاح ڏني تہ ”ٻاويهہ ميٽر ڊگھي ڦاهي ٺهراءِ ۽ سڀاڻي صبح جو شهنشاهہ کي چئُہ تہ مردڪئيءَ کي ان تي چاڙهي ڦاهي ڏياري ڇڏي. پوءِ تون شهنشاهہ سان گڏجي دعوت ۾ وڃي خوشيون ملهاءِ.“ هامان کي اها صلاح ڏاڍي وڻي، سو هن ڦاهي ٺهرائي.


سو هامان کي ان ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو جيڪا هن مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئي. تڏهن وڃي شهنشاهہ جي ڪاوڙ جھڪي ٿي.


ان وقت ڇا تون آسمان ۾ آبهوا کي پکيڙڻ ۾ خدا جي مدد ڪري ٿو سگھين؟ هائو، انهيءَ آسمان ۾ جيڪو ٽامي جيان تپي باهہ ٿيل هجي.


اهو ئي آهي جيڪو اڪيلي سر آسمانن کي پکيڙي ٿو، ۽ سمنڊ جي ڇولين کي پنهنجي مٺ ۾ رکي ٿو.


تو نور کي پنهنجي مٿان پوشاڪ وانگر پهريو آهي. تو آسمان کي ڇپر وانگر پکيڙي ڇڏيو آهي.


پر پوءِ جلد ئي هو سندس انهن ڪمن کي وساري ويٺا، ۽ خداوند جي مرضيءَ کان منهن موڙي ڇڏيائون.


توڙي جو انسان ڪيڏو بہ غصو ڪري، تہ بہ هو تنهنجيءَ تعريف جو سبب بڻبو. هائو، سندس غصي جي نتيجي ۾ تون واکاڻ جو تاج پائيندين.


هاڻي خداوند، قادرِمطلق خدا يهوداہ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! جيڪي صيئون جبل تي رهو ٿا، اوهين اشور وارن کان نہ ڊڄو، توڙي جو اهي لڪڻ يا لٺ سان اوهان تي ظلم ڪن، جيئن مصر وارا ڪندا هئا.


جڏهن اهو سڀ ڪجھہ ٿيندو تڏهن بابل جي بادشاهہ تي هي ٺٺوليون ڪري چيو ويندو تہ ”ظالم بادشاهہ ڪيئن نہ نيست وَ نابود ٿي ويو آهي! هاڻي هو وري ڪنهن تي بہ ظلم نہ ڪندو.


اسان موآب کان جلاوطن ڪيلن کي پنهنجي علائقي ۾ رهڻ ڏيو، ۽ اسان کي برباد ڪندڙن کان پناهہ ڏيو.“ اي موآب وارؤ! جڏهن اوهان تي ظلم ڪندڙ ناس ڪيا ويندا، ۽ تباهي وَ بربادي بند ٿي ويندي، هائو، جڏهن سڀني ظالمن کي اوهان جي ملڪ مان ناس ڪيو ويندو،


اي اسرائيل وارؤ! اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو اوهان پنهنجي بچائيندڙ خدا کي وساري ڇڏيو آهي، جنهن مضبوط ٽڪر جيان اوهان جي حفاظت ٿي ڪئي. انهيءَ جي بدران ديوتائن جي پوڄا لاءِ اوهان باغ پئي لڳايا آهن.


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو؟ ڇا اوهين نہ ٿا ٻڌو؟ ڇا اها ڳالهہ اوهان کي شروع کان ئي نہ ٻڌائي ويئي آهي؟ ڇا اوهان نہ ٻڌو آهي تہ دنيا جي شروعات ڪيئن ٿي؟


هي سڀ انهيءَ ئي جوڙيو آهي، جيڪو زمين وَ آسمان کان مٿي پنهنجي تخت تي ويٺو آهي. هيٺ زمين جا رهاڪو کيس ڪِولين جيترا ننڍڙا نظر اچن ٿا. هو اهو ئي آهي جيڪو آسمان کي پردي وانگر تاڻي ٿو، ۽ رهڻ لاءِ تنبوءَ وانگر انهيءَ کي پکيڙي ٿو.


خداوند خدا آسمانن کي پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن کي مٿان پکيڙي ڇڏيو اٿائين. هن ڌرتيءَ کي ۽ انهيءَ مان جيڪي ڦٽي نڪري ٿو، تنهن کي پکيڙي ڇڏيو آهي. هن ڌرتيءَ تي رهندڙ انسان کي ساهہ عطا ڪيو آهي، هائو، هر ڪنهن کي حياتي بخشي اٿائين. هاڻ اهو خداوند خدا پنهنجي انهيءَ ٻانهي کي فرمائي ٿو تہ


پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! مون خداوند اوهان کي پيدا ڪيو آهي، ۽ مون ئي اوهان جي قوم کي قائم ڪيو آهي. هائو، اي بني اسرائيل! ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان کي ڇڏايو آهي، مون اوهان جو نالو وٺي اوهان کي سڏيو آهي، اوهين منهنجا ئي آهيو.


اي بني اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان جو خداوند ۽ بچائيندڙ آهيان. مون ئي اوهان کي خلقيو آهي، بلڪ هر شيءِ جو خالق آءٌ خداوند ئي آهيان. آءٌ اڪيلو ئي آسمانن کي پکيڙڻ وارو ۽ ڌرتيءَ کي وڇائڻ وارو آهيان.


آءٌ ئي آهيان جنهن ڌرتيءَ کي جوڙيو آهي، ۽ انهيءَ تي رهڻ لاءِ انسانذات کي پيدا ڪيو اٿم. مون ئي، هائو، منهنجي ئي هٿن آسمانن کي تاڻيو آهي، ۽ سج، چنڊ ۽ تارن مٿان منهنجو ئي حڪم هلي ٿو.


بيشڪ خداوند، جنهن آسمان پيدا ڪيا آهن، سو ئي خدا آهي. هن ئي ڌرتي جوڙي تيار ڪئي آهي، ۽ انهيءَ کي هميشہ لاءِ قائم ڪيو اٿس. هن انهيءَ کي ويران ڪرڻ لاءِ نہ، بلڪ آباد ڪرڻ لاءِ جوڙيو آهي. سو ئي خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


مون ئي ڌرتيءَ جا بنياد وڌا آهن، ۽ آسمانن کي ڦهلايو آهي. جڏهن بہ آءٌ انهن کي حڪم ٿو ڪريان، تہ اهي هڪدم منهنجي حڪم جي تعميل ڪن ٿا.


جيڪي تو تي ظلم ٿا ڪن، تن کي آءٌ سندن ئي ماس کارائيندس. هائو، اهي مٺي مئي وانگر پنهنجو ئي رت پي مست ٿيندا. تڏهن هر بشر ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو قادر خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ ۽ تنهنجو بچائيندڙ آهيان.“


انصاف ۽ سچائي تو کي قائم وَ دائم رکنديون. ظلم ۽ دهشت تنهنجي ويجھو بہ نہ ايندي، ۽ تون بلڪل نہ ڊڄندينءَ.


اي بني اسرائيل! ڀلا اوهين ڪنهن کان ٿا ڊڄو، ۽ ڪنهن جي ڊپ جي ڪري ڪوڙن معبودن کي ٿا پوڄيو، ۽ مون کي ياد بہ نہ ٿا ڪريو، نڪي پنهنجيءَ دل ۾ مون بابت سوچو ٿا؟ ڇا اهو سڀ هن ڪري نہ آهي جو آءٌ گھڻي عرصي کان ماٺ آهيان، ۽ اوهان کي ڪا سزا ڪانہ ڏني اٿم؟ اهو ئي سبب آهي جو اوهين مون کان نہ ٿا ڊڄو.


اتي تون کيس چئُہ تہ ’سنڀالي هل، حوصلو رک ۽ رضين، سندس ارامي فوج ۽ اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ جي مخالفت کان نہ ڊڄ. تنهنجي خلاف هنن جي ڪاوڙ ڄڻ تہ رڳو دونهون ڪڍندڙ انهن ٻن اُماڙين جيان آهي، جيڪي وسامڻ تي آهن. سو تون هنن کان نہ گھٻراءِ.


انهيءَ سبب جو سندن بار واري پاڃاريءَ کي، سندن ڪلهن تي وسائڻ واري لٺ کي، هائو، تون پنهنجي قوم تي ظلم ڪندڙ دشمنن جي لڪڻ کي ڀڃي ڇڏيندين، جيئن تو مديانن جي شڪست واري ڏينهن ڪيو.


ڀلا ڪا ڪنواري پنهنجا زيور يا ڪا ڪنوار پنهنجي سهاڳ جو جوڙو وساري ڇڏيندي آهي؟ پر منهنجي قوم بي‌شمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي.


بادشاهہ صدقياہ مون کي چيو تہ ”آءٌ انهن يهوداہ وارن کان ڊڄان ٿو، جيڪي غداري ڪري بابلين سان وڃي مليا آهن، ڇاڪاڻ تہ ٿي سگھي ٿو تہ بابلي مون کي انهن جي حوالي ڪن ۽ اهي مون سان خراب هلت هلن.“


خداوند پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا خلقي آهي، ۽ پنهنجي دانائيءَ سان آسمان تاڻي ڇڏيا اٿس.


يعقوب جو خدا، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي سو انهن جهڙو ناهي، ڇاڪاڻ تہ هو هر شيءِ جو خالق آهي ۽ بني اسرائيل قوم کي هن پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.


هاڻي ٻڌو، جيڪڏهن اوهين هينئر بہ آمادہ آهيو تہ انهن سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌڻ سان هن سوني مورتيءَ کي سجدو ڪريو تہ چڱو، پر جي اوهان ائين نہ ڪيو تہ هن ئي گھڙيءَ اوهان کي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري ۾ اڇلايو ويندو. پوءِ آءٌ ڏسندس تہ اهو ڪهڙو معبود آهي، جيڪو اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي ٿو.“


پر جي نہ، تہ بہ اي بادشاهہ! توهان کي خبر هجي تہ اسين توهان جي معبودن جي پوڄا هرگز نہ ڪنداسين، نڪي وري توهان جي کڙي ڪرايل انهيءَ سوني مورتيءَ کي ئي سجدو ڪنداسين.“


تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خلاف غصي وچان سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو. سو هن حڪم ڏنو تہ ”کوري کي جيترو اڳ ۾ تپايو ويندو هو، تنهن کان هن کي ستوڻو وڌيڪ تپايو وڃي.“


انهيءَ دم خداوند جي هڪڙي ملائڪ هيروديس تي غضب نازل ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ شرڪ تي خوش ٿي رهيو هو. پوءِ تہ هن جي جسم ۾ جيت پئجي ويا ۽ هو مري ويو.


هاڻي ڪٿي آهن ڏاها؟ ڪٿي آهن شريعت جا عالم؟ ڪٿي آهن هن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا خدا هن دنيا جي ڏاهپ کي بي‌وقوفي قرار نہ ڏنو آهي؟


اي موت! ڪيڏانهن ويئي تنهنجي فتح؟ اي موت! ڪيڏانهن ويو تنهنجو ڏنگ؟“


هو انهيءَ محافظ کان غافل ٿي ويا جنهن کين پيدا ڪيو هو، هائو، هنن خدا کي وساري ڇڏيو جنهن کين خلقيو هو.


تڏهن خبردار ٿجو، متان پنهنجي خداوند کي وساري ڇڏيو، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.


”اوهين خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو ۽ هن جا جيڪي حڪم ۽ قاعدا قانون مون اڄ اوهان کي ٻڌايا آهن، تن تي عمل نہ ڪريو.


ائين چوندي جيڪڏهن هنن جو انهيءَ ملڪ ڏانهن وڃڻ جو خيال هجي ها، جنهن مان نڪري آيا هئا تہ هو اوڏانهن موٽي وڃي ٿي سگھيا.


تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي معجزا ڏيکاري گمراهہ ڪري ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوڄا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا ئي اڇلايا ويا.


مون ڏٺو تہ هو ڌرتيءَ تي چوڌاري پکڙجي ويا ۽ خدا جي پياري شهر کي وڪوڙي ويا جتي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل سڀيئي گڏجي رهن ٿا. ان وقت آسمان مان باهہ نڪتي ۽ وڪوڙڻ وارن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ