Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 50:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ڏسو، خداوند خدا منهنجو مددگار آهي، پوءِ ڪير مون کي ڏوهاري قرار ڏيندو؟ ياد رکو، منهنجا سڀ مخالف نيست وَ نابود ٿي ويندا. هائو، اهي تڏ کاڌل ڪپڙي وانگر ناس ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ڏسو خداوند خدا منهنجي مدد ڪندو؛ ڪير مون کي ڏوهاري ٺهرائيندو؟ ڏس، اهي سڀ ڪپڙي وانگي پراڻا ٿي ويندا، اڏوهي انهن کي کائي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 50:9
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪير آهي جيڪو منهنجي مقدمي جي مخالفت ڪري سگھي؟ جيڪڏهن آءٌ غلط آهيان، تہ پوءِ ماٺ رهڻ ۽ مرڻ لاءِ تيار آهيان.“


اهو ئي سبب آهي جو آءٌ انهيءَ سڙيل ڳريل شيءِ وانگر اچي ٿيو آهيان، جيڪا فنا ٿيو وڃي. هائو، آءٌ انهيءَ ڪپڙي وانگر آهيان، جنهن کي تڏ کائي ويئي هجي.“


اهي سڀ نابود ٿي ويندا، رڳو تون ئي باقي رهندين. سڀيئي شيون پوشاڪ وانگر پراڻيون ٿي وينديون، انهن کي تون ڪپڙن جيان هٽائيندين ۽ اهي نابود ٿي وينديون.


جڏهن تون بڇڙائيءَ تي ڇينڀي انسانن کي سيکت ڏين ٿو، تڏهن جيئن ڪينئان ماس کائي چٽ ڪري ڇڏيندا آهن، تيئن تون سندن پيارين شين کي ڳاري ساڙي ٿو ڇڏين. بيشڪ هر انسان رڳو ٻاڦ مثل آهي.


اي خداوند! آءٌ تنهنجي حضور خوشيءَ جي قرباني پيش ڪندس. آءٌ تنهنجي نالي جو شڪرانو بجا آڻيندس، ڇوجو تون ڀلو آهين.


تنهنڪري اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين خوف وچان گھٻرايو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندس ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي پوري حفاظت ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندس.


پر انهن مان ڪوبہ هٿيار تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو. عدالت ۾ جيڪي تنهنجي خلاف ڳالهائيندا، تن کي تون ڪوڙو ثابت ڪندينءَ. اهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن جي حفاظت ٿو ڪريان، ۽ کين فتحيابي عطا ٿو ڪريان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


سمجھي ڇڏيو تہ اوهان جو مال ملڪيت ڳري سڙي ويو ۽ اوهان جا ڪپڙا ڪينئان کائي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ