Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 50:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جيڪي ڳالهيون خداوند خدا مون کي سيکاري ٿو، تن کان آءٌ نہ باغي ٿو ٿيان، نڪي ڀڄي پري ٿيان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 خداوند خدا منهنجو ڪن کوليو آهي تنهن ڪري آءٌ فسادي نہ ٿيس، نڪي پٺ تي موٽيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 50:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اسين تو کان ڪڏهن بہ ڦري نہ وينداسين. تون اسان کي نئين حياتي بخش تہ اسين تنهنجي نالي جي واکاڻ ڪندا رهنداسين.


ان وقت انڌا ڏسي سگھندا، ۽ ٻوڙا ٻڌي سگھندا.


مون ڄاتو ٿي تہ اوهان جي هلت چلت تمام دغابازيءَ واري آهي، ۽ ڄمڻ کان وٺي اوهين باغي ٿا سڏجو. تنهنڪري مون جيڪي ڪجھہ چيو ٿي، سو اوهان ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ نہ چاهيو، بلڪ قديم وقت کان ئي اوهان جا ڪن بند هئا.


عيسيٰ ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منهن ڀر ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي منهنجا بابا! جيڪڏهن ٿي سگھي تہ هي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنهن هوندي بہ منهنجي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


پر اهو انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن دنيا ڄاڻي وٺي تہ آءٌ پيءُ سان پيار ڪريان ٿو ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪريان ٿو جنهن جو پيءُ مون کي حڪم ڏنو آهي. هاڻي اٿو تہ هتان هلون.“


جيڪڏهن اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوهين منهنجي پيار ۾ رهندا، جهڙيءَ طرح مون پنهنجي پيءُ جي حڪمن تي عمل ڪيو آهي ۽ سندس پيار ۾ رهان ٿو.


جنهن مون کي موڪليو آهي سو مون ساڻ آهي. هن مون کي اڪيلو نہ ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هميشہ اهي ڪم ڪريان ٿو جيڪي کيس پسند آهن.“


”سو اي بادشاهہ اگرپا! مون آسمان مان جيڪا رويا ڏٺي، تنهن کان منهن نہ موڙيو اٿم.


تڏهن خداوند مون موسيٰ کي فرمايو هو تہ ’هنن جو چوڻ صحيح آهي.


انساني شڪل ۾ ظاهر ٿي ڪري هن پاڻ کي هيٺاهون ڪيو، ۽ ايتري قدر فرمانبردار رهيو جو موت، بلڪ صليبي موت قبول ڪيائين.


جيتوڻيڪ هو خدا جو فرزند هو، تڏهن بہ هن تڪليفون سهي ڪري فرمانبردار رهڻ سکيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ