Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 50:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پر اي اوهين سڀ! جيڪي ٻين جي لاءِ باهہ ٿا ٻاريو، سي پاڻ ئي پنهنجي باهہ جي شعلن ۾ برباد ٿي ويندا. خداوند وٽ اوهان لاءِ اهو ئي ڪجھہ آهي. هائو، اوهان جي نصيب ۾ عذاب ئي عذاب آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ڏسو، اوهين سڀ جي باهہ ٻاريو ٿا، ۽ اُماڙيون چيلهہ سان ٻڌو ٿا: سي پنهنجي باهہ جي شعلي ۾، ۽ جيڪي اُماڙيون ٻاريون اٿوَ تن منجهہ هلو. اهو ئي منهنجي هٿان اوهان کي ملندو ۽ اوهين ڏک ۾ ليٽي رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 50:11
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي غير معبودن ڏانهن ڊوڙن ٿا تن جا ڏک وڌندا ويندا. آءٌ انهن معبودن جي لاءِ رت وهائڻ جون قربانيون ڪين ڪندس، نہ ئي آءٌ پنهنجيءَ زبان سان ڪڏهن انهن جا نالا وٺندس.


اي سچارؤ! ڏسو، بدڪار ماڻهن جي سر تي گھڻيون ئي مصيبتون اينديون آهن، پر جن جو ڀروسو خداوند تي آهي، تن کي چوڌاري رحمتون گھيرو ڪيو ٿيون رهن.


جيڪو شخص ڪنهن سان ٺڳي ٿو ڪري ۽ پوءِ چوي ٿو تہ ”مون تہ رڳو مذاق پئي ڪئي،“ سو اهڙي چرئي وانگر آهي، جيڪو بي‌خبريءَ ۾ اُماڙيون ۽ موتمار تير اڇلائي هڻي ٿو.


جيڪا شيءِ صحيح کاڌي طور استعمال نہ ٿي ٿئي، تنهن لاءِ پنهنجو پئسو ڇو ٿا ضايع ڪريو؟ هائو، جنهن شيءِ مان ڍءُ نہ ٿو ٿئي، تنهن لاءِ پورهيو ڇو ٿا ڪريو؟ اوهين غور سان منهنجي ڳالهہ ٻڌو، جيڪا چڱي شيءِ هجي سا کائو، ۽ عمدي کاڌي مان لذت حاصل ڪريو.


توڙي هيٺ زمين ڏانهن نهاريندا، پر کين هر طرف مصيبت، اونداهي ۽ ڏک جي پِيڙا ئي نظر ايندي. آخرڪار مصيبتن جي گھُگھُہ اونداهي مٿن اچي غالب پوندي.


جهڙيءَ طرح باهہ ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن کي ساڙي ٿي ڇڏي، تهڙيءَ طرح ماڻهن جي بدڪاري سندن ملڪ کي ساڙي ناس ڪري ٿي ڇڏي، هائو، اهڙي باهہ وانگر، جيڪا ٻيلي جي گھاٽن وڻن منجھہ ڀڙڪي اُٿي ٿي، ۽ جنهن جو دونهون گھاٽن ڪڪرن جي صورت ۾ مٿي چڙهي وڃي ٿو.


اوهين پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ جي ڪري اهو ملڪ وڃائي ويهندا، جيڪو مون اوهان کي ڏنو آهي. آءٌ اوهان کي هڪ اهڙي ملڪ ۾ اوهان جي دشمنن جو غلام بڻائيندس جنهن بابت اوهان کي ڪابہ ڄاڻ ڪانهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان منهنجي ڪاوڙ کي ڀڙڪايو آهي، جيڪا هميشہ ڀڙڪندي رهندي.“


سو هاڻ اي بني اسرائيل! جيڪڏهن منهنجي ٻڌڻ نہ ٿا چاهيو تہ پوءِ ڀلي وڃو ۽ وڃي پنهنجن بتن جي پوڄا ڪندي سندن آڏو نذرانا پيش ڪريو جنهن ڪم ڪرڻ ڪري منهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي ٿي ٿئي. پر آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ اوهان کي انهيءَ ڪم کان آءٌ جلد باز آڻيندس.


مون اوهان ۾ وبا موڪلي، جهڙيءَ طرح مصر ۾ موڪلي هئم. اوهان جي جوانن کي جنگ ۾ تلوار سان قتل ڪرايم، اوهان جا گھوڙا اوهان کان کسيم، ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ ۾ لاشن جي بدبوءِ اوهان جي ناسن تائين آندم. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


مون ڪيترائي دفعا اوهان جي فصلن کي سينوَر ۽ رتيءَ جي بيمارين سان سَٽيو. اوهان جا گھڻا ئي باغ، مثال طور انگورن، انجيرن ۽ زيتونن جا باغ، ماڪڙ کائي چٽ ڪري ڇڏيا. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


جيڪي ماڻهو ڪُوڙن ديوتائن کي ٿا مڃن، سي تنهنجي فضل کان محروم ٿي وڃن ٿا.


انهن مظلوم قومن اجايو پاڻ کي ٿڪائي وڌو آهي، هائو، انهن جو پورهيو باهہ ۾ ساڙي چٽ ڪيو ويو آهي. ڇا اهو سڀ ڪجھہ قادر‌مطلق خداوند طرفان مقرر ناهي؟


تڏهن بادشاهہ نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’هن جا هٿ پير ٻڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيوس، جتي هو پيو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند پيو ڪرٽيندو.‘“


پر جيڪي انهيءَ بادشاهيءَ جا وارث آهن تن کي ٻاهر اونداهيءَ ۾ اڇلايو ويندو، جتي هو روئندا رڙندا ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندا.“


اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا. جيڪڏهن اوهين اها ڳالهہ قبول نہ ڪندا تہ آءٌ اهو ئي آهيان، تہ پوءِ اوهين ضرور پنهنجن گناهن ۾ مرندا.“


پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ هن دنيا ۾ فيصلو ڏيڻ لاءِ آيو آهيان، تہ جيئن جيڪي انڌا آهن سي ڏسن ۽ جيڪي ڏسن ٿا سي انڌا ٿين.“


تہ ماڻهو ڪهڙيءَ طرح خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو. سو هو شريعت وسيلي خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. ائين هو خدا ڏانهن سچار بڻجڻ جو صحيح رستو اختيار نہ ٿا ڪن.


زبان بہ هڪ چڻنگ وانگر آهي. اها زبان اسان جي عضون منجھہ ائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي جيئن دنيا بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي. اها ئي زبان اسان جي سڄي بدن کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي زندگيءَ جي سڄي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي. اها باهہ ان کي دوزخ جي باهہ مان ملي ٿي.


تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي معجزا ڏيکاري گمراهہ ڪري ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوڄا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا ئي اڇلايا ويا.


جنهن جو بہ نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو، تنهن کي انهيءَ باهہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ