Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 5:4 - Muslim Sindhi Bible

4 آءٌ پنهنجي انگورن جي باغ لاءِ وڌيڪ ڇا ٿي ڪري سگھيس جيڪو مون نہ ڪيو؟ هاڻي جڏهن آءٌ عمدن انگورن جي انتظار ۾ هئس تہ باغ ۾ هي کٽا انگور ڇو پيدا ٿيا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 منهنجي ڊاک جي منهہ ۾ ٻيو وڌيڪ ڇا ڪري سگهجي ها جو مون انهيءَ ۾ نہ ڪيو آهي؟ انهي ڪري جڏهن مون کي اميد هئي تہ انگور پيدا ڪري تڏهن انهي جهنگلي انگور پيدا ڪيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 5:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح سڀني شاخن ۽ گلن سميت اهو پورو شمعدان نج سون جي هڪڙي ئي ٽڪري مان گھڙي ٺاهيل هو.


ڇو اوهين اڃا بہ بغاوت ڪندا ٿا اچو؟ ڇا اوهين اڃا وڌيڪ سزا چاهيو ٿا؟ اي بني اسرائيل! اوهان جو مٿو اڳي ئي زخمن کان چُور آهي، ۽ اوهان جي دل وَ دماغ بيماريءَ ۾ ورتل آهن.


مون تہ تو کي سٺي ۾ سٺي ٻج مان انگورن جي ول جو عمدو ٻوٽو ڪري پوکيو هو، پوءِ تون ڪيئن منهنجي لاءِ جھنگلي ۽ کريل ول وانگر ٿي پئينءَ؟


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهان جي ابن ڏاڏن مون وٽ ڪهڙي ڪمي ڏٺي هئي، جو هو مون کان ڦري ويا؟ هو بيڪار بتن جي پوڄا ڪري پاڻ بہ بيڪار بڻيا.


هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ آڳاٽن پڪل انجيرن جهڙا نهايت عمدا انجير هئا ۽ ٻي ٽوڪريءَ ۾ اهڙا تہ خراب انجير هئا جو کائڻ جهڙا بلڪل نہ هئا.


جنهن ڏينهن اوهان جا ابا ڏاڏا مصر ملڪ مان نڪري آيا تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، هميشہ بروقت مون پنهنجا ٻانها نبي اوهان ڏانهن موڪليا آهن.


پر اوهان مان ڪنهن بہ منهنجي نہ ٻڌي ۽ ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو. اوهان هٺ کان ڪم وٺندي پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ بڇڙائي ڪئي.“


اي يروشلم وارؤ! ديڳڙي جي اها گندگي اوهان جي گھڻي زناڪاري ۽ بدڪاري آهي. مون اوهان کي پاڪ صاف ڪرڻ چاهيو، تہ بہ اوهين پاڪ صاف نہ ٿيا. هاڻي اوهين ڪڏهن بہ پنهنجي گندگيءَ کان صاف نہ ٿيندا، جيستائين آءٌ پنهنجو قهر اوهان تي پوريءَ طرح نازل نہ ڪريان.


اسرائيل وارا اهڙي سرسبز انگوري ول جيان هئا، جنهن ۾ جھجھو ڦر لڳندو هو. پر جيئن جيئن سندن جھجھو ميوو پچندو ويو، تيئن تيئن هو گھڻي کان گھڻيون غير معبودن جون قربان‌گاهون اڏيندا ويا. جيتري سندن زمين ڦلدار هئي، اوترا ئي هنن سهڻا سهڻا ٿنڀن وارا بت جوڙيا.


”يروشلم! اي يروشلم! تون نبين جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيغمبر تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ