يسعياہ 5:30 - Muslim Sindhi Bible30 جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن اهي بني اسرائيل مٿان اهڙي گجگوڙ ڪندي اچي ڪڙڪندا، جيئن سمنڊ جي گجگوڙ هوندي آهي. ملڪ ۾ هر طرف رڳو اونداهي ۽ مصيبت ڏسڻ ۾ ايندي، ڇاڪاڻ تہ سندن قدمن سان اٿيل مٽيءَ جي ڪڪرن جي ڪري روشني بہ اونداهيءَ ۾ بدلجي ويندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible30 ۽ اُهي انهي ڏينهن انهن تي سمنڊ جي گوڙ وانگي گوڙ ڪندا: جي ڪڏهن ڪو زمين ڏانهن نظر ڪندو تہ اونداهي ۽ مصيبت ڏسندو ۽ روشنائي انهي جي ڪڪرن ڪري اونداهي ٿي ويندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن ماڻهن چيو تہ ”هاڻي اسان ڄاتو تہ اسان جي پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري انصاف اسان کان پري آهي، ۽ اسان جن پنهنجن گناهن جي ڪري خدا اسان کي ظالمن هٿان نہ ٿو بچائي. اسين سوجھري لاءِ نهاريون پيا، پر ڇا ڏسون؟ رڳو اونداهي ئي اونداهي آهي. هائو، اسين روشنائيءَ لاءِ واجھايون پيا، پر گھُگھُہ اونداهي ئي اسان جو مقدر آهي.