Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 5:29 - Muslim Sindhi Bible

29 هنن جي گجڪار شينهن جهڙي آهي، هائو، هو ببر شينهن جيان گجندا ٿا اچن. اهي شينهن وانگر پنهنجو شڪار ڪري بنا روڪ ٽوڪ جي کڻي هليا ويندا، ۽ ڪوبہ کانئن ڇڏائڻ وارو ڪونہ هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 انهن جي گجگار شينهن جهڙي ٿيندي ۽ اُهي جوان شينهن وانگي گجندا: هائو، هو گجندا، ۽ شڪار جهليندا، ۽ انهي کي بي روڪ ٽوڪ کڻي هليا ويندا، ۽ ڪوبہ ڪونہ ڇڏائيندن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 5:29
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ اي منهنجا پٽ يهوداہ! تون اهڙو جوان شينهن آهين، جيڪو شڪار کي ماري اتان هليو ٿو اچين، ۽ ليٽي ڪري سمهين ٿو رهين، هاڻ ڪير آهي جيڪو تو کي اٿاري سگھي؟


اي اوهين! جيڪي مون خدا کي وساريو ٿا، سي هڪ ڳالهہ تي غور ڪريو، نہ تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ اوهان کي چيري ڦاڙي ڇڏيان، ۽ اوهان کي ڪو ڇڏائڻ وارو بہ نہ هجي. اها ڳالهہ هيءَ آهي تہ


جيڪا قوم مون کي رد ٿي ڪري، تنهن تي حملي ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي موڪليان ٿو. هائو، پنهنجي غضب نازل ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي اهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اهي انهيءَ قوم جو مال ملڪيت لٽين ڦرين، بلڪ کين گھٽين جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏين.“


خداوند مون يسعياہ کي فرمايو تہ ”جهڙيءَ طرح ڌنار ڪيتريون بہ رڙيون ڪن تان‌تہ شينهن کي سندس شڪار کان ڀڄائي ڪڍن، پر اهو پنهنجي شڪار تي بيهي گجڪار ٿو ڪري، تهڙيءَ ئي طرح صيئون جبل وارن جي حفاظت ڪرڻ کان مون قادرِمطلق خداوند کي ڪوبہ ڀڄائي نہ ٿو سگھي.


ڪوبہ شينهن يا ڪو ٻيو خونخوار جانور انهيءَ رستي جي ويجھو بہ نہ ايندو. جن ماڻهن کي خداوند بچايو آهي، سي ئي انهيءَ رستي تان گذري سگھندا.


پر اوهين خداوند جي اهڙي قوم آهيو، جيڪا ڦرجي ۽ لٽجي ويئي آهي. اوهين سڀ زندانن ۾ ڦاٿل ۽ قيد خانن ۾ بند ٿيل آهيو. اوهان کي ڦريو ويو آهي، ۽ ڪوبہ ناهي جيڪو اوهان کي ڇڏائي سگھي، هائو، اوهان کي لٽيو ويو آهي، ۽ ڪوبہ ناهي جيڪو اوهان کي موٽائي ڏئي سگھي.


اهي آهن اُهي نجومي، جن سان تو پنهنجي سڄي زندگي پئي مشورو ڪيو. هائو، جن سان تو ننڍپڻ کان وهنوار ٿي ڪيو، تن مان هر ڪو پنهنجي راهہ وٺي هليو ويندو، ڪوبہ تو کي بچائڻ وارو ڪونہ رهندو.“


غير قوم وارا جوان شينهن جيان مٿس رڙيا ۽ گجيا، ۽ سندس ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيائون. سندس شهر ساڙيا ويا، ايتري قدر جو انهن ۾ ڪو رهڻ وارو نہ بچيو.


اهو شينهن جيان پنهنجي چر مان نڪري چڪو آهي، قومن کي ناس ڪندڙ روانو ٿي چڪو آهي. اوهان جي ملڪ کي ويران ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي هنڌان هلي چڪو آهي. توهان جا شهر کنڊر بڻجي ويندا ۽ منجھن ڪوبہ رهڻ وارو نہ بچندو.


جهڙيءَ طرح شينهن اردن درياءَ وارن گھاٽن ٻيلن مان ٻاهر نڪري ساون چراگاهن ڏانهن چڙهي ايندو آهي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ اچي ادومين کي اک ڇنڀ ۾ سندن ملڪ مان ڀڄائي ڪڍندس. پوءِ جنهن کي آءٌ چونڊي ڪڍندس، تنهن کي ان ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪندس. ڪير مون جهڙو آهي ۽ ڪير مون کي للڪاري سگھي ٿو؟ ڪهڙو حڪمران منهنجي آڏو بيهي سگھي ٿو؟“


بني اسرائيل وارا ڀٽڪيل رڍن جي ڌڻ وانگر آهن، جنهن جو پيڇو ڪري شينهن کيس ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي. پهريائين اشور جو شهنشاهہ بني اسرائيل کي ڳڙڪائي ويو ۽ بعد ۾ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر انهن جا هڏا بہ چٻاڙي ڇڏيا.


جيتوڻيڪ هن وقت بابل وارا پاڻ کي شينهن سمجھي گجگوڙ ٿا ڪن، ۽ اُهي شينهن جي ٻچن وانگر گرڪندا ٿا وتن،


جڏهن آءٌ پنهنجي قوم جي دشمنن مٿان شينهن جيان گجندس، تڏهن منهنجي قوم هڪدم اولهہ وارن ملڪن کان ڊوڙندي ايندي، هائو، جڏهن آءٌ پنهنجي قوم کي سڏيندس، تڏهن اهي مون ڏانهن هليا ايندا.


ببر شينهن گجيو آهي سو ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، سو ڪير آهي جو سندس پيغام ظاهر نہ ڪندو؟


جيتوڻيڪ اهي مختلف قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا، تنهن هوندي بہ اهي ائين حملو ڪندا، جيئن ڪو خوفناڪ شينهن جھنگلي جانورن يا رڍن جي ڌڻ ۾ ڪاهي پوندو آهي. جڏهن اهو ڌڻ ۾ گھڙي پوندو آهي تڏهن رڍن کي چيري ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو نہ هوندو آهي.


هاڻ انهن شينهن جي غار ڪٿي آهي، جتي هو پنهنجن ٻچن سميت رهندا آهن؟ هائو، اها جاءِ ڪٿي آهي، جتي هو پنهنجن ٻچن کي کارائيندا آهن، ۽ جتي کين ڪوبہ خوف نہ هوندو آهي؟


انهيءَ شهر جا عملدار چيريندڙ ڦاڙيندڙ شينهن آهن، ۽ قاضي بکايل بگھڙ آهن، جيڪي صبح تائين ڪجھہ بہ نہ ٿا ڇڏين.


ظالم حڪمرانن جي روڄ راڙي جو آواز ٻڌڻ ۾ پيو اچي، ڇاڪاڻ تہ سندن شان وَ شوڪت تباهہ ٿي ويو آهي. هائو، انهن شينهن جي ڏک ڀريو آواز ٻڌڻ ۾ پيو اچي، ڇاڪاڻ تہ اردن جي جن ٻيلن تي هو فخر ڪندا هئا، سي ناس ٿي ويا آهن.


اوهين هڪ جوان شينهن وانگر آهيو، جيڪو جڏهن ستل آهي تہ ڪير ان کي جاڳائڻ جي جرئت ڪندو؟ جيڪو اوهان کي برڪت جي دعا ڪري ٿو، تنهن کي برڪت ملي ٿي. جيڪو اوهان تي لعنت ڪري ٿو، تنهن کي لعنت ملي ٿي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ