Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 5:27 - Muslim Sindhi Bible

27 انهن مان ڪوبہ نہ ٿڪبو ۽ نہ وري ٿاٻڙبو، نڪي ڪو جھوٽو کائيندو ۽ نہ وري ڪو سمهندو. نہ انهن جي چيلهہ جا ڪمربند کُلي پوندا، نہ وري سندن جتين جا تسما ٽٽندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 انهن مان ڪوبہ ٿڪبو ڪين ۽ نہ ڪو آٿڙندو؛ نڪو جهوٽو کائيندو ۽ نڪو سمهندو، ۽ نہ انهن جي چيلهہ جو ڪمربند ڇُڙندو، ۽ نہ انهن جي جتي جو بند ٽٽندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 5:27
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان سواءِ تون اهو بہ ڄاڻين ٿو تہ يوآب جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن مون سان ڇا ڪيو، يعني بني اسرائيل جي لشڪرن جي ٻن سپهہ‌سالارن ابنير ولد نير ۽ عماسا ولد يتر سان ڇا ڇا نہ ڪيائين. هن کين قتل ڪيو، صلح جي وقت جنگ وارو رت وهايائين ۽ انهيءَ رت سان پنهنجو ڪمر پٽو ۽ پنهنجي جتي رڱيائين.


هو بادشاهن کي تخت تان لاهي ٿو ڇڏي، ۽ انهن کي قيدي بڻائي ٿو ڇڏي.


هو چڱن مڙسن جا پٽڪا لاهيو ٿو وٺي، ۽ سورهيہ سردارن جي طاقت جو خاتمو ٿو آڻي ڇڏي.


خدا ئي آهي جيڪو منهنجي ڪمر تي سندرو ٻڌي ٿو. هو ئي منهنجيءَ راهہ کي محفوظ بڻائي ٿو.


اي خداوند! تون ئي بادشاهہ آهين، تو کي حشمت ۽ قدرت جو لبادو پهريل آهي. هن جهان کي تو اهڙو مضبوطيءَ سان قائم ڪيو آهي، جو ان کي ڪو لوڏو بہ اچي نہ ٿو سگھي.


بلڪ اوهين بي‌خوف وَ خطر پنهنجي راهہ تي هلندا رهندا ۽ ڪڏهن بہ ٺوڪر نہ کائيندا.


هو ماڻهن تي انصاف ۽ سچائيءَ سان حڪمراني ڪندو.


خداوند خورس کي شهنشاهہ ٿيڻ لاءِ چونڊيو. هن کيس قومن تي فتح حاصل ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو، ۽ بادشاهن جي طاقت کي ڪچلڻ لاءِ کيس موڪليائين. هائو، خداوند هن جي لاءِ شهرن جا دروازا کولي ڇڏيندو، ۽ هن لاءِ ڪابہ رڪاوٽ نہ رهندي.


آءٌ ئي خداوند آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي. هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪو خدا ڪونهي. مون ئي تو کي طاقت عطا ڪئي آهي، جيتوڻيڪ تو مون کي ڪين ٿي ڄاتو.


تڏهن خوف وچان بادشاهہ جي منهن جو رنگ ڦري ويو ۽ سندس خيالن کيس ايترو تہ پريشان ڪري ڇڏيو، جو سندس ڍڍر ڍرا ٿي پيا ۽ گوڏا هڪٻئي سان ٺهڪڻ لڳس.


يحيٰ کي اُٺ جي وارن مان ٺهيل ڪپڙا پهريل هوندا هئا، کيس چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي هئي.


ٻاهر هو جنگين ۾ ماريا ويندا، ۽ چوديواريءَ اندر دهشت وچان مرندا، ڇا جوان ڇا ڪنواريون، ڇا کير پياڪ ڇا پوڙها. اهڙيءَ طرح آءٌ سڀني کي برباد ڪري ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ