يسعياہ 5:19 - Muslim Sindhi Bible19 اوهين گستاخي ڪندي چئو ٿا تہ ”ڀل خداوند جلدي اچي پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاري، ڀل بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي عدالت جو ڏينهن ويجھو ٿئي بلڪ اچي پهچي، تہ پوءِ اسان کي بہ يقين ايندو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible19 جي چون ٿا تہ ڀلي تہ هو جلدي ڪري، ڀلي تہ هو تڪڙو ٿي پنهنجو ڪم ڪري تہ اسين اهو ڏسون: ۽ ڀلي تہ اسرائيل جي پاڪ خدا جي عدالت ويجهي ٿئي ۽ اچي پهچي، تہ اسين اها معلوم ڪريون! အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيڪي خداوند کان ڊڄندي سندس تابعداري ٿا ڪن، تن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن تہ اوهين مون سان وفادار آهيو، تنهنڪري اوهان جا ڪي پنهنجا ماڻهو اوهان کان نفرت ٿا ڪن، ۽ اوهان کي برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. اهي اوهان تي ٺٺوليون ڪندي چون ٿا تہ ’ڀلي تہ خداوند پنهنجي قدرت ڏيکاري اوهان کي بچائي. اسين بہ ڏسون تہ هو ڪيئن ٿو اوهان کي خوشي ڏئي.‘ بيشڪ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا سخت خوار خراب ٿيندا.
اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ بہ چئو ٿا تہ ”اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ کيس بيزار ڪيو آهي؟“ اوهان خداوند کي انهيءَ ڳالهہ ۾ بيزار ڪيو آهي جو چئو ٿا تہ ”برائي ڪندڙ هر ماڻهو خدا جي نظر ۾ چڱو آهي ۽ خدا انهيءَ مان خوش آهي.“ ٻيو هن ڳالهہ جي ڪري جو چئو ٿا تہ ”اهو خدا ڪٿي آهي جنهن کي عادل خدا سمجھيو ويندو آهي؟“