يسعياہ 49:23 - Muslim Sindhi Bible23 انهن جا بادشاهہ تنهنجي پٽن جا سنڀاليندڙ ابا ٿيندا، ۽ راڻيون تنهنجي ڌيئرن جون پاليندڙ مائرون ٿينديون. اهي گوڏن ڀر جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. هائو، اهي تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا. تڏهن تون ڄاڻيندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ جيڪي مون تي ڀروسو ٿا ڪن، سي ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible23 ۽ بادشاهہ تنهنجا پاليندڙ ابا، ۽ انهن جون راڻيون تنهنجون پاليندڙ اميون ٿينديون: اهي تنهنجي اڳيان جهڪي پنهنجا منهن پٽ تي رکندا، ۽ تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا، ۽ تون ڄاڻندينءَ تہ آءٌ خداوند آهيان، ۽ جيڪي منهنجا منتظر آهن سي شرمندا نہ ٿيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون خداوند جا گواهہ آهيو. هائو، اي بني اسرائيل! تون منهنجو ٻانهو آهين، جنهن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي. آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين مون کي ڄاڻو، مون تي ايمان آڻيو، ۽ سمجھو تہ رڳو آءٌ ئي خدا آهيان. مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ناهي، نہ مون کان اڳ ۾ ڪو خدا هو، ۽ نہ مون کان پوءِ ڪو ٿيڻو آهي.
ماڻهو تو کي بيحد حقير ٿا ڄاڻين، ۽ تون سڀني قومن ۾ نفرت جوڳو، ۽ حڪمرانن جو نوڪر آهين. پر هاڻي آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ معبود، ۽ انهن جو ڇڏائيندڙ چوان ٿو تہ اهي بادشاهہ ۽ حڪمران تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تو کي تعظيم ڏيندا. آءٌ خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪندس. آءٌ خداوند بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان، جنهن جو تون چونڊيل ٻانهو آهين.“