يسعياہ 49:19 - Muslim Sindhi Bible19 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! جيڪا هاڻي اجڙيل ۽ تباهہ وَ برباد لڳي پيئي آهين، سا جلد ئي وري تعمير ڪئي ويندينءَ. تو کي برباد ڪرڻ وارا تو کان پري هليا ويندا، ۽ تون پنهنجي رهاڪن جي گھڻائيءَ جي ڪري سوڙهي ٿي پوندينءَ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible19 ڇالاءِ جو تنهنجون ويران ۽ سڃيون جايون، ۽ تنهنجو برباد ٿيل ملڪ، هاڻي رهاڪن جي گهڻائيءَ ڪري تنگ ٿيندو، ۽ جي توکي ڳهي ٿي ويا سي پري ٿي ويندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري تون اڳڪٿي ڪندي انهن جبلن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي بني اسرائيل جي ملڪ جا جبلؤ! آسپاس وارين قومن جيڪي جنگ جي تباهيءَ کان بچي ويون هيون، تن اوهان تي قبضو ڪري هر طرف کان اوهان کي ناس ڪري ڇڏيو آهي ۽ اوهان کي ويران ڪيو اٿائون. انهيءَ ڪري ماڻهو هر هنڌ اوهان بابت گھٽ وڌ ڳالهائين پيا ۽ اوهان تي کل ٺٺولي ڪئي ٿي وڃي.