Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 49:15 - Muslim Sindhi Bible

15 سو خداوند وراڻيو تہ ”ڇا ائين ٿي سگھي ٿو تہ ڪا ماءُ پنهنجي کيرپياڪ ٻار کي وساري ڇڏي، ۽ پنهنجي پيٽان ڄڻيل ٻچي تي ترس نہ کائي؟ توڙي جو ڪا ماءُ پنهنجي ٻار کي وساري بہ ڇڏي، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي ڪڏهن ڪين وساريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 زال پنهنجي کير پياڪ ٻار کي اهڙو وساري ڇڏيندي ڇا جو پنهنجي پيٽ جي پٽ تي بہ رحم نہ اچيس؟ هائو، اُهي وساري بہ ڇڏين، پر آءٌ توکي ڪين وساريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 49:15
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دنيا مان سندن نالو نشان بہ ختم ٿيو وڃي، ايتري قدر جو پيٽان ڄڻيندڙ ماءُ بہ کين وساري ڇڏي ٿي. ڪينئان کين کائي چٽ ڪن ٿا، هائو، کين وڻ وانگر پٽي ڪيرائي برباد ڪيو وڃي ٿو.


جيئن ڪو پيءُ پنهنجي ٻارن جي مٿان ڪهل ڪري ٿو، تيئن ئي خداوند انهن تي ڪهل ڪري ٿو، جيڪي سندس خوف رکن ٿا.


توڙي جو منهنجا ماءُ پيءُ مون کي ڇڏي ڏين، تہ بہ اي خداوند! تون منهنجي سار سنڀال لهندين.


ڇا خدا رحم ڪرڻ وساري ڇڏيو آهي؟ ڇا هن غصي وچان پنهنجيءَ ٻاجھہ کي روڪي ڇڏيو آهي؟


اي منهنجا پٽ لموئيل! تون منهنجو سڪيلڌو پٽ آهين، ۽ باسون باسڻ کان پوءِ ڄائو آهين. هاڻي جيڪي ڪجھہ آءٌ تو کي چوان ٿي سو ڌيان ڏيئي ٻڌ.


پر خداوند بني اسرائيل تي رحم فرمائيندو ۽ هڪ دفعو وري کين پنهنجي چونڊيل قوم بڻائيندو. هو کين وري سندن وطن ۾ موٽائي آڻي آباد ڪندو. ڌاريا بہ اچي ساڻن گڏبا ۽ بني اسرائيل جو حصو ٿي رهندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! اوهين منهنجا ٻانها آهيو، سو اهي ڳالهيون ياد رکو. هائو، اي بني اسرائيل وارؤ! مون ئي اوهان کي خلقيو آهي، اوهين تہ منهنجا ٻانها آهيو، آءٌ اوهان کي ڪڏهن بہ نہ وساريندس.


پر يروشلم جي ماڻهن چيو تہ ”خداوند اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، اسان جي ڌڻيءَ اسان کي وساري ڇڏيو آهي.“


آءٌ خداوند تو تي رحم ڪرڻ وارو چوان ٿو تہ توڙي جو جبل لڏي وڃن ۽ ٽڪريون هٽجي وڃن، تڏهن بہ منهنجي رحمت تو تان نہ هٽندي، نڪي منهنجي سلامتيءَ واري عهد ۾ ئي ڪا ڦيرڦار ايندي.“


ڇا اسرائيل وارا مون کي پٽ جيان پيارا نہ آهن؟ هائو، جيئن ڪو سڪيلڌو فرزند هوندو آهي، تيئن ئي اهي مون لاءِ آهن. توڙي جو آءٌ اڪثر هنن جي خلاف ڳالهائيندو آهيان، تہ بہ هو منهنجي دل کي ويجھو آهن. بيشڪ منهنجي دل هنن لاءِ سڪي ٿي، سو آءٌ مٿن بيحد رحم ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود، قادرِمطلق خداوند، نہ اسرائيل وارن کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ نہ وري يهوداہ وارن کي، جيتوڻيڪ هنن پنهنجي ملڪن کي منهنجي خلاف ڏوهن سان ڀري ڇڏيو آهي.


منهنجي قوم تي آيل مصيبت ماڻهن ۾ اهڙي تہ وحشت وجھي ڇڏي، جو مامتا رکندڙ عورتن بہ پنهنجي ٻارڙن کي پنهنجن هٿن سان اوٻاري خوراڪ ٿي بڻايو.


بگھڙ جهڙو جانور بہ پنهنجي ٻچن کي ڇاتيءَ سان لائي پنهنجو کير پيئاري ٿو، پر منهنجي قوم جي ماڻهن کي بياباني شتر مرغ وانگر پنهنجي ٻارڙن تي بہ رحم ڪونہ ٿو اچي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن بني اسرائيل قوم جي اڃا شروعات ئي هئي، تڏهن کان مون ساڻس پيار رکيو هو، ۽ کيس پنهنجو پٽ بڻائي مصر ملڪ مان سڏي ورتو هئم.


اوهان جي بک ايتري تہ وڌي ويندي جو اوهين پنهنجي پٽن توڙي ڌيئرن جو بہ ماس کائيندا.


قادرِمطلق خداوند ٿو فرمائي تہ ”منهنجي مقرر ڪيل ڏينهن تي اهي منهنجي قوم، بلڪ منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا ۽ آءٌ مٿن اهڙو مهربان ٿيندس جهڙو پيءُ پنهنجي خدمتگار پٽ تي ٿيندو آهي.


جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ ڪيتريون نہ وڌيڪ چڱيون شيون اوهان کي ڏيندو جيڪي اوهين کانئس گھرندا!


بي‌عقل، واعدو نہ پاڙيندڙ، بي‌قربا ۽ بي‌رحم ٿي پون ٿا.


خداوند پنهنجي عظيم نالي جي سببان، پنهنجيءَ قوم کي ڇڏي ڪين ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي مرضيءَ موجب اوهان کي پنهنجي قوم بڻايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ