22 پر بدڪارن بابت خداوند جو فرمان آهي تہ هنن لاءِ ڪا سلامتي ڪانهي.
22 خداوند فرمائي ٿو تہ شريرن جي لاءِ سلامتي ڪانهي.
تڏهن هڪڙو سوار گھوڙي تي چڙهي ييهوءَ سان گڏجڻ لاءِ ويو ۽ کيس چيائين تہ ”بادشاهہ پڇي ٿو تہ ’ڇا توهان جو اچڻ خيري آهي؟‘“ تنهن تي ييهوءَ کيس وراڻيو تہ ”تنهنجو خير سان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي پٺيان هل.“ تڏهن هڪڙي پهريدار وڃي بادشاهہ کي اطلاع ڏنو تہ ”قاصد لشڪر تائين پهتو تہ آهي پر واپس ڪونہ ٿو اچي.“
سو بادشاهہ وري ٻيو گھوڙي سوار موڪليو. جڏهن هو وٽن آيو تڏهن کين چيائين تہ ”بادشاهہ چوي ٿو تہ ’ڇا توهان جو اچڻ خيري آهي؟‘“ ييهوءَ کيس وراڻيو تہ ”تنهنجو خير سان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي پٺيان ٿي هل.“
اي ٻيٽن جا رهاڪؤ! منهنجي ٻڌو. اي پري جون قومون! ڪن ڏيو. جڏهن آءٌ اڃا پيٽ ۾ ئي هئس، تہ خداوند مون کي چونڊيو. هائو، آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ ئي هئس، تہ هن مون کي پنهنجو خاص ٻانهو ٿيڻ لاءِ مقرر ڪيو.
جڏهن تہ بدڪار ماڻهو ڇوليون هڻندڙ انهيءَ سمنڊ وانگر آهن، جيڪو هميشہ بيقرار ٿو رهي، ۽ جنهن جون ڇوليون گپ ۽ گندگي ٿيون اڇلائين.
انهن بدڪار ماڻهن لاءِ ڪا سلامتي ڪونهي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
جڏهن اهي يروشلم مان ٻاهر نڪرندا تہ انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا، جن مون سان سرڪشي ڪئي هئي. انهن کي کائڻ وارا ڪينئان ڪڏهن نہ مرندا، نڪي اها باهہ وسامندي جيڪا کين ساڙيندي. اهي پوري انسانذات لاءِ قابلِ نفرت ٿيندا.“
۽ چيائين تہ ”ڪاش، اي يروشلم جي وسندي! تون اڄوڪي ڏينهن سڃاڻي وٺين ها تہ تنهنجي سلامتي ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي. پر هاڻي تہ اهي تنهنجي اکين کان لڪل آهن.
انهن کي امن جي رستي جي خبر ئي نہ آهي،