Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 48:17 - Muslim Sindhi Bible

17 ”اي بني اسرائيل! آءٌ اوهان جو پاڪ معبود ۽ بچائيندڙ آهيان. هائو، آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو اوهان کي فائديمند ڳالهيون ٿو سيکاريان، ۽ اوهان کي انهيءَ راهہ تي هلڻ جي هدايت ٿو ڪريان، جنهن تي اوهان کي هلڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 خداوند خدا تنهنجو ڪفارو ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جو توکي فائدي جي تعليم ٿو ڏيان، جو توکي انهي رستي تي ٿو هلايان، جنهن تي توکي هلڻ گهرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 48:17
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ مون جھڪي خداوند کي سجدو ڪيو ۽ خداوند، پنهنجي مالڪ ابراهيم جي خدا جي تعريف ڪيم جيڪو مون کي سڌي رستي سان وٺي آيو، جو مون پنهنجي مالڪ جي پٽ جي لاءِ سندس ڀائٽي هٿ ڪئي.


تہ تون عرش عظيم ۾ انهن جي ٻڌج. تون پنهنجي ٻانهن يعني بني اسرائيل قوم جو گناهہ معاف ڪج. تون کين سڌي راهہ تي هلڻ سيکارج ۽ جيڪو ملڪ تو پنهنجي قوم کي ورثو ڪري ڏنو آهي تنهن تي مينهن وسائج.


ياد رک، خدا پنهنجي قدرت جي ڪري سڀني کان عظيم آهي. ڇا اسان کي سيکارڻ لاءِ انهيءَ جهڙو عظيم استاد ڪو ٻيو آهي؟


جيڪي ماڻهو تنهنجو خوف رکن ٿا، تن کي ئي تون پنهنجو وڻندڙ رستو ڏيکارين ٿو.


تو خداوند مون کي فرمايو تہ ”آءٌ تنهنجي رهنمائي ڪندس، ۽ تو کي هلڻ جو رستو ڏيکاريندس. آءٌ تو کي صلاح ڏيندو رهندس، منهنجي نظر تنهنجي مٿان ئي رهندي.


اي خدا! منهنجي ننڍپڻ کان ئي تون مون کي سيکاريندو آيو آهين. آءٌ اڄ تائين تنهنجي عجيب ڪمن جو ذڪر ڪندو آيو آهيان.


تون پنهنجي هدايت سان منهنجي رهنمائي ڪندو رهندين، ۽ پوءِ آخرڪار تون شان سان مون کي قبول ڪندين.


اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تان‌تہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“


اهي مون بابت شڪايت ڪندي چون ٿا تہ ”يسعياہ ڪنهن کي ٿو علم سيکارڻ چاهي؟ هو ڪنهن کي ٿو پيغام سمجھائڻ چاهي؟ ڇا اسين ٻار آهيون جن کان هينئر ئي ٿڃ ڇڏائي ويئي هجي، يا جيڪي ٿڻن کان هن وقت ئي پري ڪيا ويا هجن؟


جيتوڻيڪ پروردگار اوهان کي تنگي ۽ ڏکيائيءَ ۾ وڌو آهي، تہ بہ هاڻي اهو سيکاريندڙ خدا، جيڪو اوهان کان ڳجھو آهي سو وري اوهان جي رهنمائي ڪندي اوهان کي ڏسڻ ۾ ايندو.


هائو، جڏهن اوهين ساڄي يا کاٻي پاسي مڙڻ چاهيندا، تہ اوهان کي پنهنجي پٺيان هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو تہ ”سڌو رستو هي آهي، اوهين انهيءَ تي هلو.“


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين جيتوڻيڪ ٿورا ۽ ڪمزور آهيو، تہ بہ اوهين نہ ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو مددگار آهيان. هائو، آءٌ اوهان جو ڇڏائيندڙ ۽ پاڪ معبود آهيان.


خداوند، اوهان جو بچائيندڙ، بني اسرائيل جو پاڪ معبود فرمائي ٿو تہ ”منهنجو واعدو آهي تہ اوهان کي بچائڻ خاطر بابل جي خلاف آءٌ هڪڙو لشڪر موڪليندس. آءٌ شهر جا دروازا ڀڃي ڪيرائيندس، ۽ انهيءَ جي رهاڪن جي خوشيءَ وارن نعرن کي دانهن ڪوڪن ۾ بدلائي ڇڏيندس.


آءٌ خداوند ئي آهيان، جيڪو طاقتور سمنڊ کي ٻہ اڌ ڪري، پاڻين جي وچ مان خشڪ رستو ٿو ٺاهيان.


خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ معبود ۽ خالق فرمائي ٿو تہ ”مون کان ايندڙ وقت جي ڳالهين بابت پڇڻ جي اوهان کي جرئت ڪيئن ٿي؟ منهنجي ٻارن ۽ منهنجي هٿن جي ڪاريگريءَ بابت مون کان پڇڻ جي اوهان جرئت ڪيئن ڪئي؟


اي بني اسرائيل وارؤ! هاڻي اوهين بابل شهر مان نڪري وڃو. هائو، بابلين وٽان نڪري آزاد ٿيو. اوهين خوشيءَ سان ڳائيندي هن ڳالهہ کي پڌرو ڪندا وڃو، هائو، اوهين دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هن ڳالهہ کي مشهور ڪري ڇڏيو تہ ”خداوند پنهنجي ٻانهن بني اسرائيل وارن کي بلڪل ائين ڇڏائي وٺي آيو آهي،


جيڪي تو تي ظلم ٿا ڪن، تن کي آءٌ سندن ئي ماس کارائيندس. هائو، اهي مٺي مئي وانگر پنهنجو ئي رت پي مست ٿيندا. تڏهن هر بشر ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو قادر خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ ۽ تنهنجو بچائيندڙ آهيان.“


ماڻهو تو کي بيحد حقير ٿا ڄاڻين، ۽ تون سڀني قومن ۾ نفرت جوڳو، ۽ حڪمرانن جو نوڪر آهين. پر هاڻي آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ معبود، ۽ انهن جو ڇڏائيندڙ چوان ٿو تہ اهي بادشاهہ ۽ حڪمران تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تو کي تعظيم ڏيندا. آءٌ خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪندس. آءٌ خداوند بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان، جنهن جو تون چونڊيل ٻانهو آهين.“


تنهنجي سڀني رهاڪن کي آءٌ پاڻ تعليم ڏيندس، ۽ کين خوشحالي ۽ امن وَ سلامتي عطا ڪندس.


تنهنجو خالق ئي تنهنجو مڙس آهي، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي. هو تنهنجو بچائيندڙ ۽ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهي، اهو ئي سڄيءَ دنيا جو حاڪم آهي.


آءٌ خداوند تنهنجو بچائيندڙ چوان ٿو تہ تمام گھڻيءَ ڪاوڙ سبب مون هڪ لحظي واسطي تو کان پنهنجو منهن موڙيو هو. پر هاڻي ابدي شفقت سان آءٌ تو تي رحم ڪندس.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين چوواٽن تي بيهي ڏسو، ۽ اصلي رستي جي پڇا ڪريو، هائو، پڇا ڪريو تہ اهو چڱو رستو ڪٿي آهي. انهيءَ تي ئي هلو تہ اوهين سڪون حاصل ڪندا. پر اوهين چئو ٿا تہ ’اسين انهيءَ تي ڪونہ هلنداسون.‘


اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تان‌تہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“


نبين جي هڪڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ’سڀيئي خدا کان تعليم حاصل ڪندا.‘ سو جيڪو بہ پيءُ کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو اهو ئي مون وٽ اچي ٿو.


اوهان تہ مسيح بابت پيغام ٻڌو آهي ۽ جيڪا سچائي هن ۾ آهي، تنهن جي تعليم هن جا هئڻ ڪري اوهان کي ڏني ويئي آهي.


اهو انهيءَ لاءِ تہ جنهن رستي تان اوهان کي هلڻو آهي تنهن جي اوهان کي خبر پوي، ڇاڪاڻ تہ اوهين اڳي ڪڏهن بہ هن رستي سان نہ لنگھيا آهيو. پر عهد واري صندوق جي ويجھو نہ وڃجو، اوهان جي ۽ انهيءَ جي وچ ۾ اٽڪل هڪ ڪلوميٽر جيتري وٿي هجڻ گھرجي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ