Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 47:14 - Muslim Sindhi Bible

14 پر ڏس، اهي تہ پاڻ کي ئي شعلن جي پڪڙ کان ڇڏائي نہ سگھندا. اهي بُهہ جي ذرڙن وانگر ٿيندا، جن کي باهہ ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. انهن جي سڙڻ سان ڪو ٽانڊو ئي نہ ٺهندو، جو ڪو ماڻهو پاڻ کي گرم ڪري سگھي. هائو، انهيءَ ۾ ڪا تپش ئي نہ رهندي، جو ڪو ماڻهو انهيءَ جي اڳيان ويهي گرمائش وٺي سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ڏس، اهي بُهہ جهڙا ٿيندا؛ باهہ انهن کي ساڙي ڇڏيندي؛ اهي باهہ جي زور کان پاڻ کي ڇڏائي نہ سگهندا: اهي اهڙا ٽانڊا نہ هوندا، جن تي پاڻ کي سيڪجي، نڪي اهڙي باهہ هوندين جنهن جي اڳيان ويهجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 47:14
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اهي ماڻهو مصر جي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويا ۽ بُهہ جي ٺاهڻ لاءِ سنڍا گڏ ڪرڻ لڳا.


خدا، جيڪو بني اسرائيل جو نور آهي سو باهہ بڻجي ويندو، هائو، بني اسرائيل جو پاڪ معبود شعلو بڻجي ويندو. پوءِ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هو سندس هر شيءِ کي ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن جيان ساڙي ناس ڪري ڇڏيندو.


هائو، اوهين ٺڪر جي ٿانوَ وانگر ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي ويندا، ايتري قدر جو انهن ٽڪرن ۾ ڪوبہ اهڙو ٽڪر نہ ملندو، جنهن ۾ چلهہ مان ڪو ٽانڊو کڻي سگھجي، يا جنهن سان حوض مان پاڻي ڪڍي سگھجي.“


صيئون جي يروشلم شهر جا گنهگار ڊپ وچان ڏڪن ٿا. هائو، خدا جا اهي نافرمان خوف وچان ڪنبندي چون ٿا تہ ”خدا جو قهر ڀڙڪندڙ باهہ وانگر آهي، سو اسان مان ڪير اهڙيءَ ساڙيندڙ باهہ ۾ رهي سگھي ٿو؟ اسان مان ڪير انهن ابدي شعلن وٽ گذاري سگھي ٿو؟“


اهي اهڙن ٻوٽن مثل آهن، جيڪي ٿُڏن وانگر اڃا لڳايا ئي مس ويا، هائو، اهي اڃا پوکيا ئي مس ويا، ۽ هنن جي ٿُڙ اڃا زمين ۾ پاڙ ئي نہ هنئي تہ خدا جي ڦوڪ سان اهي سڪي سڙي ويا، ۽ واچوڙو انهن کي بُهہ وانگر اڏائي کڻي ويو.


اهو ڪير آهي جنهن اوڀر کان فاتح کي آندو، ۽ کيس هر قدم تي ڪاميابي عطا ڪئي؟ هائو، ڪنهن کيس بادشاهن ۽ قومن تي فتح بخشي آهي، جو سندس تلوار انهن کي دز وانگر، ۽ سندس تيرڪمان انهن کي هوا ۾ اڏامندڙ بُهہ وانگر ڪريو ڇڏي؟


هائو، جنهن ڪاٺ کي هو پاڻ ساڙي ٻاري ان تي گوشت ڀُڃي ۽ ڪباب پچائي کائي ڍءُ ڪن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي گرم ڪري چون ٿا تہ ”واہ واہ! آءٌ گرم ٿي ويو آهيان، باهہ ڪيتري تہ ڀلي آهي!“


تنهنڪري جهڙيءَ طرح باهہ بُهہ کي ساڙي ڇڏيندي آهي، ۽ جيئن باهہ جو شعلو سڪل گاهہ کي رک ڪري ڇڏيندو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ اهڙي ٻوٽي جيان تباهہ وَ برباد ٿي ويندا، جنهن جي پاڙ ڳري سڙي ويئي هجي، ۽ جنهن جو ٻور دز وانگر اڏامي ويو هجي. جيئن تہ اوهان قادرِمطلق جي شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي فرمان کي ٺڪرايو آهي،


بابل جا بهادر ڊڄي جنگ ڪرڻ کان پٺتي هٽي ويا آهن، ۽ وڃي پنهنجن قلعن ۾ لڪا آهن. هو پنهنجي همت هاري عورتن جهڙا ڊڄڻا ٿي پيا آهن. هوڏانهن دشمن سندن شهرن جي ڪوٽن جا دروازا ڀڃن ٿا، ۽ شهرن اندر گھڙي هر گھر کي باهہ ٿا ڏين.


ايتري قدر جو ندين جي گھاٽن تي بہ قبضا ٿي ويا آهن. ڍوري وارن ٻوڙن کي باهيون ڏنيون ويون آهن، ۽ پوري لشڪر ۾ حراس پئجي ويو آهي.


ڏسو، بابل جي ڪوٽ جون ٿلهيون ڀتيون ڊهي پونديون، ۽ ان جا اوچا دروازا ساڙي رک ڪيا ويندا. اهڙيءَ طرح ان قوم جو پورهيو اجايو ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ باهہ جي شعلن ۾ اڏامي ويندو. اهو مون قادرِمطلق خداوند جو فرمان آهي.“


هائو، آءٌ انهن کي سزا ڏيندس. انهن مان ڪي باهہ مان نڪري ڀڄي ويا پر هاڻي باهہ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. جڏهن آءٌ انهن کي سزا ڏيندس تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


اهي جبلن جي چوٽين تي ائين گجگوڙ ڪندا، جيئن جنگي گھوڙي گاڏيون کڙڪاٽ ڪنديون آهن، يا جيئن ڪو طاقتور لشڪر جنگ ڪرڻ لاءِ صفون ٻڌي تيار هجي. اهي جھنگ جي انهيءَ باهہ وانگر آهن، جيڪا ڪک ڪانا ساڙي چٽ ڪري ٿي ڇڏي.


تڏهن يهوداہ ۽ اسرائيل ملڪن وارا باهہ جي شعلي مثل هوندا، جيڪي عيسوءَ جي گھراڻي کي بُهہ جيان ساڙي رک ڪري ڇڏيندا. ايتري قدر جو ادوم وارن مان ڪوبہ بچي نہ نڪرندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


جيتوڻيڪ اوهين ڪنڊن وانگر ڳتيل ۽ ڳنڍيل آهيو، ۽ مئي پيئندڙن وانگر مدهوش آهيو، تڏهن بہ اوهين سڪل بُهہ وانگر سڙي ناس ٿي ويندا.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن سڀ مغرور ۽ برا ڪم ڪندڙ بُهہ وانگر ساڙيا ويندا. اهو ڏينهن کوري وانگر ساڙيندڙ هوندو ۽ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندو. اهو سندن پاڙن ۽ ٽارين کي بہ ساڙي ڇڏيندو.


ماڻهن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو جسم کي مارين ٿا پر روح کي نہ ٿا ماري سگھن. ان جي بدران خدا کان ڊڄو، جيڪو ٻنهي يعني جسم ۽ روح کي ماري دوزخ ۾ وجھي سگھي ٿو.


ڀلا ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو جو سڄي دنيا تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.


پوءِ هڪڙي طاقتور ملائڪ جنڊ جيڏو هڪڙو وڏو پٿر کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي چيو تہ ”وڏو شهر بابل بہ اهڙيءَ طرح زور سان ڪيرايو ويندو ۽ وري ان جو ڪو پتو ئي ڪونہ پوندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ