Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 46:9 - Muslim Sindhi Bible

9 قديم زماني جون اڳوڻيون ڳالهيون ياد ڪريو، ۽ ڄاڻي ڇڏيو تہ آءٌ اڪيلو خدا آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي. هائو، مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 قديم زماني جون اڳوڻيون ڳالهيون ياد ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ آءٌ خدا آهيان ۽ مون جهڙو ٻيو ڪونهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 46:9
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي خلقڻ ۾ تنهنجو ڪهڙو ارادو لڪل هو. هائو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تنهنجو منصوبو هي هو تہ


خداوند جيڪو رحيم ۽ ڪريم آهي، سو پنهنجي عجيب ڪمن جي يادگيري قائم رکي ٿو.


اي خداوند! معبودن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ پاڪيزگيءَ ۾ اعليٰ ۽ افضل تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ حمد وَ ثنا ۾ هيبتناڪ ۽ معجزن ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي؟


فرعون جواب ڏنس تہ ”مون لاءِ سڀاڻي دعا گھُر.“ تڏهن موسيٰ چيس تہ ”جيئن تون چوين ٿو تيئن ئي ٿيندو، انهيءَ لاءِ تہ تو کي خبر پوي تہ خداوند اسان جي خدا جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


هن دفعي آءٌ نہ رڳو تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجيءَ رعيت تي، بلڪ تنهنجي مٿان بہ تمام گھڻيون مصيبتون موڪليندس، انهيءَ لاءِ تہ تو کي خبر پوي تہ سڄي دنيا ۾ مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


اي غير قومن جا معبودؤ! ڇا اوهان مان ڪنهن اڳڪٿي ڪري ٻڌايو آهي تہ ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ ڇا اوهان مان ڪنهن اهڙي خبر ٻڌائي آهي، جو اسين اوهان کي سچو سمجھون؟ اوهان مان ڪنهن بہ اهڙي ڳالهہ نہ ٻڌائي آهي، نہ ئي ڪو اهڙو لفظ ئي ڳالهايو آهي.


مون خداوند ئي سڀ کان پهريائين صيئون کي خوشخبري ڏني هئي. هائو، مون ئي يروشلم ڏانهن بشارت ڏيندڙ موڪليو هو تہ ’ڏسو، اوهان جا جلاوطن ٿيل موٽي وطن اچي رهيا آهن.‘


ڏسو، منهنجيون اڳ ۾ ٻڌايل ڳالهيون هاڻي اچي پوريون ٿيون آهن. اهڙيءَ طرح آءٌ اوهان کي نيون ڳالهيون ظاهر ڪري ٻڌائيندس، جيڪي ايندڙ وقت ۾ ٿينديون.“


اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون خداوند جا گواهہ آهيو. هائو، اي بني اسرائيل! تون منهنجو ٻانهو آهين، جنهن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي. آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين مون کي ڄاڻو، مون تي ايمان آڻيو، ۽ سمجھو تہ رڳو آءٌ ئي خدا آهيان. مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ناهي، نہ مون کان اڳ ۾ ڪو خدا هو، ۽ نہ مون کان پوءِ ڪو ٿيڻو آهي.


خداوند بني اسرائيل کي فرمائي ٿو تہ ”مصر جي دولت ۽ سوڊان جي تجارت اوهان جي ٿيندي، ۽ سبا جا قداور ماڻهو اوهان جا غلام بڻبا. اهي زنجيرن ۾ ٻڌل اوهان جي پٺيان ٿي هلندا. اهي اوهان کي مڃيندي ۽ جھڪي تعظيم ڏيندي چوندا تہ ’يقيناً خدا اوهان سان ئي آهي، ۽ انهيءَ هڪڙي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.‘“


بيشڪ خداوند، جنهن آسمان پيدا ڪيا آهن، سو ئي خدا آهي. هن ئي ڌرتي جوڙي تيار ڪئي آهي، ۽ انهيءَ کي هميشہ لاءِ قائم ڪيو اٿس. هن انهيءَ کي ويران ڪرڻ لاءِ نہ، بلڪ آباد ڪرڻ لاءِ جوڙيو آهي. سو ئي خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


هاڻي منهنجي ڀيٽ ڪنهن ٻئي سان ڪري ٿي سگھجي؟ يا ڪنهن ٻئي سان منهنجي برابري ڪري ٿي سگھجي؟ ڇا مون جهڙو ڪو ٻيو آهي؟


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون گھڻو اڳي ئي مستقبل ۾ ٿيندڙ ڳالهين بابت اڳڪٿي ڪئي هئي. هائو، اهي مون ئي چيون هيون، ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو مون انهن کي عمل ۾ آندو، ۽ اهي پوريون ٿيون.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ هڪ نئين زمين ۽ نوان آسمان پيدا ٿو ڪريان. هائو، گذريل وقت جي هر ڳالهہ بلڪل وساري ويندي.


جهڙيءَ طرح شينهن اردن درياءَ وارن گھاٽن ٻيلن مان ٻاهر نڪري ساون چراگاهن ڏانهن چڙهي ايندو آهي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ اچي ادومين کي اک ڇنڀ ۾ سندن ملڪ مان ڀڄائي ڪڍندس. پوءِ جنهن کي آءٌ چونڊي ڪڍندس، تنهن کي ان ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪندس. ڪير مون جهڙو آهي ۽ ڪير مون کي للڪاري سگھي ٿو؟ ڪهڙو حڪمران منهنجي آڏو بيهي سگھي ٿو؟“


جهڙيءَ طرح شينهن اردن درياءَ وارن گھاٽن ٻيلن مان نڪري ساون چراگاهن ڏانهن چڙهي ايندو آهي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ اچي بابلين کي اک ڇنڀ ۾ سندن شهر مان ڀڄائي ڪڍندس. پوءِ جنهن کي آءٌ چونڊي ڪڍندس، تنهن کي ان ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪندس. ڪير مون جهڙو آهي ۽ ڪير مون کي للڪاري سگھي ٿو؟ ڪهڙو حڪمران منهنجي آڏو اچي سگھي ٿو؟


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين چوواٽن تي بيهي ڏسو، ۽ اصلي رستي جي پڇا ڪريو، هائو، پڇا ڪريو تہ اهو چڱو رستو ڪٿي آهي. انهيءَ تي ئي هلو تہ اوهين سڪون حاصل ڪندا. پر اوهين چئو ٿا تہ ’اسين انهيءَ تي ڪونہ هلنداسون.‘


بلڪ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان، ۽ آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان. اوهان جو ٻيو ڪوبہ معبود ڪونہ هوندو. پوءِ اوهين اڳتي ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.“


تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ هڪڙو ئي خدا آهي يعني آسماني پيءُ، جنهن سڀ شيون پيدا ڪيون آهن ۽ اسين انهيءَ جي لاءِ زندہ آهيون. اسان جو خداوند بہ هڪڙو ئي آهي يعني عيسيٰ مسيح، جنهن جي وسيلي سڀ شيون وجود ۾ آيون ۽ اسين انهيءَ جي وسيلي زندہ آهيون.


اوهين ماضيءَ کي ياد ڪريو ۽ اڳين پيڙهين تي غور ڪريو، پوءِ پنهنجي والدين کان پڇو تہ هو اوهان کي سمجھائين، هائو، پنهنجي بزرگن کان پڇو، جيڪي اوهان کي ماضيءَ جو احوال ڏين.


پوءِ موسيٰ سڄي بني اسرائيل کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي خدا جا پيارؤ! اسان جي خدا جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو عرش کان ڪڪرن تي حشمت سان سوار ٿي اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ اچي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ