Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 46:7 - Muslim Sindhi Bible

7 اهي ان کي پنهنجن ڪلهن تي کڻن ٿا، ۽ کڻي وڃي سندس جاءِ تي کوڙي ٿا ڇڏين. پوءِ اهو بيٺو ئي رهي ٿو، ۽ پنهنجيءَ جاءِ تان چري بہ نہ ٿو سگھي. جيڪڏهن ڪو انهيءَ کي پڪاري ٿو تہ هو انهيءَ کي ورندي بہ نہ ٿو ڏيئي سگھي، نڪي کيس مصيبت مان بچائي ٿو سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 اُهي هن کي ڪلهي تي کڻي سندس جاءِ تي رکن ٿا، ۽ هو بيهي ٿو؛ ۽ هو پنهنجي جاءِ تان نٿو چُري: بلڪ جڏهن ڪو هن کي پڪاريندو تہ بہ هو جواب ڪونہ ڏيندو، نڪي کيس مصيبت کان بچائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 46:7
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هنن هڪڙو ڍڳو ورتو ۽ انهيءَ کي تيار ڪيائون. پوءِ هنن صبح کان وٺي منجھند تائين پئي بعل ديوتا کي سڏيو ۽ رڙيون ڪري پئي چيائون تہ ”اي بعل! اسان کي سڏ ڏي.“ پر ڪوبہ جواب، ڪابہ ورندي ڪانہ آئي. جيڪا قربان‌گاهہ ٺاهي هئائون تنهن جي چوڌاري هو نچندا پئي رهيا.


شام جو قرباني ڪرڻ جي وقت تائين هو بڪ بڪ ڪندا رهيا، پر ڪوبہ جواب نہ آيو، نہ وري ڪو آواز ئي ٻڌو ويو.


پوءِ الياس حڪم ڏنو تہ ”بعل ديوتا جي نبي سڏائيندڙن کي پڪڙيو ۽ ڪنهن کي بہ ڀڄڻ نہ ڏيو.“ ماڻهن انهن سڀني کي پڪڙي ورتو. پوءِ الياس انهن کي قيسون جي برساتي نهر ۾ وٺي آيو ۽ اُتي کين مارائي ڇڏيائين.


پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن هو پنهنجي معبود نسروڪ جي پوڄا گھر ۾ پوڄا ڪري رهيو هو تہ سندس ٻن پٽن ادرملڪ ۽ شراضر کيس تلوار هڻي ماري وڌو ۽ اراراط جي علائقي ڏانهن ڀڄي ويا. تنهن بعد سندس ٽيون پٽ اسرحدون هن جي جاءِ تي شهنشاهہ بڻيو.


پر جنهن کي سون يا چاندي ناهي، سو وري ڪنهن اهڙي وڻ جي ڳولا ٿو ڪري جيڪو ڳري سڙي ڪنو نہ ٿئي. پوءِ هو انهيءَ جي ڪاٺي اهڙي هوشيار ڪاريگر کي ٿو ڏئي، جيڪو انهيءَ مان اهڙي اُڪريل مورتي جوڙڻ جي ڪوشش ٿو ڪري جيڪا اونڌي ٿي نہ ڪري.


پر مون نهاري ڏٺو تہ انهن غير قومن جي معبودن مان ڪوبہ صلاح مصلحت ڏيڻ جي لائق ئي نہ هو، نہ ئي ڪو منهنجي سوالن جا جواب ڏيئي ٿي سگھيو.


ڏسو، اهي سڀ غير معبود بيڪار آهن، ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھن. اهي رڳو بي‌جان مورتيون آهن، جيڪي ڪين جهڙيون، بلڪ ڪجھہ بہ نہ آهن.“


اهڙيءَ طرح بت ٺاهيندڙ واڍا، سونارا ۽ ٻيا ڪاريگر هڪٻئي کي همتائي چون ٿا تہ ’ديوتا جي مورتيءَ تي ٽاڪو مضبوط لڳل آهي. دلجاءِ ڪريو.‘ سو اهي انهن بتن کي ڪلين سان سوگھو ٿا ڪن، تہ جيئن اهي اونڌا ٿي نہ ڪرن.


لوهر لوهہ جو هڪڙو ٽڪرو کڻي ٿو ۽ انهيءَ کي ٽانڊن ۾ پگھرائي هٿوڙن سان هڪڙي شڪل ۾ ڍالي ٿو. هائو، هو انهيءَ کي پنهنجي طاقتور ٻانهن سان گھڙي تيار ڪري ٿو. ڪم ڪندي هو اڃ ۽ بک ۾ وٺجي وڃي ٿو ۽ ٿڪجي پوي ٿو ۽ منجھس طاقت باقي نہ ٿي رهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي غير قومن وارؤ! اوهين جيڪي بابل جي تباهيءَ کان بچي نڪتا آهيو، سي منهنجي عدالت ۾ اچي گڏ ٿيو. اوهين بلڪل بي‌سمجھہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جيڪي ڪاٺ جا بت کنيو ٿا وتو، ۽ اهڙن معبودن کان دعا ٿا گھرو، سي اوهان کي بچائي نہ ٿا سگھن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”بابل جي معبودن شڪست کاڌي آهي، ۽ هاڻي گوڏن ڀر جھڪيل آهن. ڪڏهن تہ مردوڪ ۽ نبو ديوتا جي پوڄا ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي ڀڄندڙ انهن کي کنيو پيا وتن، انهن جون مورتيون گڏهن تي لڏيل آهن. هائو، اهي ٿڪل جانورن تي لڏيل ٻوجھہ مثل آهن.


اهي آهن اُهي نجومي، جن سان تو پنهنجي سڄي زندگي پئي مشورو ڪيو. هائو، جن سان تو ننڍپڻ کان وهنوار ٿي ڪيو، تن مان هر ڪو پنهنجي راهہ وٺي هليو ويندو، ڪوبہ تو کي بچائڻ وارو ڪونہ رهندو.“


واڙيءَ ۾ فصل جي حفاظت لاءِ کوڙيل بوتي جيان هنن جا بت ڳالهائي نہ ٿا سگھن. اهي گھمي ڦري نہ ٿا سگھن، تنهنڪري ضروري آهي تہ کين کڻي هلجي. سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو، هو ڪوبہ نفعو يا نقصان پهچائي نہ ٿا سگھن.“


تڏهن يروشلم جا رهاڪو بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن وارا انهن معبودن وٽ وڃي دانهون ڪندا جن جي آڏو هو پنهنجا نذرانا پيش ڪن ٿا. پر سندن مصيبت جي وقت ۾ اهي سندن بلڪل مدد ڪري نہ سگھندا.


ڀلا، ان وقت اوهان جا اهي معبود ڪٿي هوندا آهن، جيڪي اوهان پنهنجي لاءِ جوڙيا آهن؟ جيڪڏهن اُهي اوهان کي مصيبت مان بچائي سگھن تہ ڀلي اچي اوهان کي بچائين. اي يهوداہ! جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا ئي تو ۾ معبود آهن.“


بادشاهہ نبوڪدنضر سون جي هڪڙي مورتي ٺهرائي، جنهن جي اوچائي ستاويهہ ميٽر ۽ ويڪر ٽي ميٽر هئي. هن انهيءَ کي بابل جي صوبي ۾ دورا نالي ميدان ۾ کڙو ڪرايو.


تڏهن ملاح ڊڄي ويا ۽ پنهنجي پنهنجي معبود کي پڪارڻ لڳا. ان سان گڏ هو جهاز ۾ رکيل سامان کڻي سمنڊ ۾ اڇلائڻ لڳا تہ جيئن جهاز هلڪو ٿئي. پر يونس ان کان اڳ ئي جهاز جي هيٺئين ڀاڱي ۾ لهي ويو هو، جتي هو گھاٽيءَ ننڊ ۾ ستو پيو هو.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻڻ کان اڳ ۾ اوهان کي ڪنهن نہ ڪنهن نموني گمراهہ ڪري گونگن بتن ڏانهن نيو ويندو هو.


ٻئي ڏينهن صبح جو سوير جڏهن اشدود جا ماڻهو اٿيا، تہ ڇا ڏسن تہ دجون بت خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي. تڏهن هنن دجون بت کي کڻي وري پنهنجيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ