Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 46:13 - Muslim Sindhi Bible

13 آءٌ پنهنجي انهيءَ عدالت واري ڏينهن کي ويجھو ٿو آڻيان، اهو پري بلڪل نہ آهي. هاڻ پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ لاءِ منهنجي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي. آءٌ يروشلم کي بچائيندس، تڏهن بني اسرائيل وارا منهنجي عظمت جو نشان بڻبا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 آءٌ پنهنجي راستبازي ويجهي ٿو آڻيان، اها پري نہ ٿيندي، ۽ منهنجي نجات کي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي؛ آءٌ صيون ۾ نجات موڪليندس ۽ اسرائيل کي پنهنجو جلال بخشيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 46:13
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شال بني اسرائيل جو بچاءُ صيئون منجھان ٿئي! جڏهن خداوند پنهنجي قوم کي وري خوشحال ڪندو، تڏهن بني يعقوب سرها ٿيندا، هائو، بني اسرائيل خوشيون ملهائيندا.


خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي.


خدا انهيءَ شهر جي وچ ۾ آهي، سو ان کي ڪڏهن بہ لوڏو نہ ايندو. هو سوير پرهہ ڦٽڻ سان ئي ان جي اچي مدد ڪندو.


هاڻ دائمي شفقت ۽ وفاداري ٻيئي اچي گڏبيون. هاڻ سچائي ۽ سلامتي ٻيئي ڀاڪر پائي ملنديون.


يقيناً جيڪي سندس خوف رکن ٿا، تن کي هو ڇڏائڻ وارو آهي، تان‌تہ سندس عظمت اسان جي ملڪ ۾ چمڪي.


بيشڪ اي خداوند! تو ئي مون کي بچايو آهي. منهنجي توڪل تو تي ئي آهي، سو مون کي ڪو ڊپ ڪونهي. اي خداوند! تون ئي تہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهين. هائو، تون ئي منهنجو بچائيندڙ آهين.“


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ بنياد رکڻ لاءِ هڪڙو مضبوط پيڙهہ جو پٿر رکان ٿو، جيڪو نهايت اهم ۽ ڀروسي جهڙو هوندو. جيڪو بہ انهيءَ تي يقين ڪندو، تنهن کي ڪڏهن بہ لوڏو نہ ايندو.


اهي سڀ منهنجي نالي سان ٿا سڏجن. مون ئي انهن کي پيدا ڪيو آهي، تہ جيئن اهي منهنجي تعظيم ڪن.“


اي آسمانؤ! خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند هي سڀ ڪيو آهي. اي ڌرتيءَ جون اونهايون! اوهين نعرا هڻو. اي جبل پهاڙؤ! ۽ اي ٻيلي جا هر هڪ وڻ! اوهين خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل کي بچائي پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي آهي.


جيئن آسمان مان برسات ٿي وسي، تيئن آءٌ فتح جو مينهن وسائيندس. جيئن مينهن پوڻ بعد زمين مان سلا ڦٽي نڪرندا آهن، تيئن آءٌ خورس جي هٿان انصاف ۽ سچائيءَ جو ڦل اڀاريندس. آءٌ خداوند ئي اهو سڀ ڪجھہ ڪرڻ وارو آهيان.“


منهنجي عدالت وارو ڏينهن ويجھو آهي، سو آءٌ جلدي اچي پهچندس ۽ انهن کي بچائيندس. آءٌ پاڻ قومن مٿان حڪمراني ڪندس. ڏورانهن ملڪن وارا منهنجي اچڻ جا منتظر رهندا. هائو، اهي پنهنجي بچاءَ جي اميد رکي منهنجا منتظر رهندا.


پر انهن مان ڪوبہ هٿيار تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو. عدالت ۾ جيڪي تنهنجي خلاف ڳالهائيندا، تن کي تون ڪوڙو ثابت ڪندينءَ. اهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن جي حفاظت ٿو ڪريان، ۽ کين فتحيابي عطا ٿو ڪريان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين انصاف کي قائم رکو، ۽ سچائيءَ تي عمل ڪندا رهو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ جلد ئي اوهان کي ڇڏائڻ لاءِ اچي رهيو آهيان، اوهان کي ڇڏائڻ مان منهنجي سچائي ظاهر ٿيندي.


تنهنجا سڀيئي ماڻهو سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، ۽ هميشہ لاءِ ملڪ جا وارث ٿي رهندا. اهي منهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جن کي مون پوکيل وڻ وانگر ملڪ ۾ ڄمائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن مان منهنجي عظمت ظاهر ٿئي.


بيشڪ اهي سامونڊي جهاز آهن، جيڪي ڏورانهن ملڪن کان پيا اچن، ۽ تنهنجي رهاڪن کي سندن سون ۽ چانديءَ سميت پنهنجي شهر ڏانهن موٽائي پيا آڻين. انهن ۾ سڀني کان پهريائين ترسيس جا جهاز آهن. انهيءَ مان خداوند، تنهنجي خدا جو نالو روشن ٿئي ٿو. هائو، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي تعظيم ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ هن تو يروشلم جو شان وَ شوڪت بحال ڪيو آهي.


جيئن زمين پنهنجا سلا ڪڍي ٿي، ۽ جيئن باغ ۾ جيڪي پوکجي ٿو، سو اهو اڀاري ڪڍي ٿو، تيئن ئي خداوند خدا سڀني قومن آڏو اسان منجھہ حق سچ ۽ واکاڻ کي اڀاري ظاهر ڪندو.


خاص طور صيئون جي حالات تي ماتم ڪرڻ وارن کي ڏک ۽ غم جي بدران خوشي ۽ شادماني، ۽ ماتم جي بدران واکاڻ جو گيت ڏيان. اهي انهن وڻن وانگر ٿيندا جيڪي خداوند پنهنجي هٿن سان پوکيا هجن. اهي سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، تان‌تہ خداوند جي عظمت ظاهر ٿئي.


اي يروشلم جي وسندي! تنهنجي خاطر آءٌ ماٺ ڪري نہ ويهندس. هائو، تنهنجي خاطر آءٌ آرام نہ ڪندس، جيستائين تنهنجي خوشحالي روشنيءَ وانگر ظاهر نہ ٿيندي، ۽ تنهنجي بحالي روشن مشعل وانگر ڏسڻ ۾ نہ اچي.


ڏسو، خداوند پوريءَ دنيا ۾ اعلان ڪري ڇڏيو آهي تہ ”يروشلم جي ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏيو تہ آءٌ خداوند کين بچائڻ لاءِ اچي رهيو آهيان. ڏسو، آءٌ پنهنجي قوم لاءِ پاڻ سان گڏ جزا ۽ اجر کنيو پيو اچان.“


تڏهن يروشلم شهر منهنجي لاءِ دنيا جي سڀني قومن اڳيان خوشيءَ، واکاڻ ۽ فخر جو باعث بڻبو. سو جيڪي چڱيون ڳالهيون آءٌ هن شهر لاءِ ڪندس ۽ انهيءَ کي بيحد خوشحالي ۽ امن عطا ڪندس، تن بابت ٻڌي اهي قومون خوف وچان ڏڪڻ لڳنديون.“


پر جيڪو بہ مون خداوند جو نالو وٺي ٻاڏائيندو، سو بچي ويندو. جيئن مون اڳ واعدو ڪيو آهي تہ صيئون جبل تي يروشلم ۾ جن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي، سي سڀ بچي ويندا.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو پنهنجي پاڪ جبل صيئون منجھہ رهان ٿو. بيشڪ يروشلم وري پاڪ شهر بڻجي ويندو، ۽ ڪوبہ ڌاريو لشڪر انهيءَ کي ٻيهر فتح ڪري نہ سگھندو.


جيئن تہ اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، سو اسين سندس ڪاوڙ سهندا رهنداسين، ايستائين جو هو پاڻ اچي اسان کي بچائي. هائو، نيٺ تہ هو اسان جي حق ۾ فيصلو ڏيندو، ۽ اسان کي اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻيندو. بيشڪ هن جي ئي هٿان اسين پاڻ کي بچندي ضرور ڏسنداسين.


هن رويا جي ظاهر ٿيڻ جو مقرر وقت اڃا نہ آيو آهي، پر اچڻ وارو آهي، ۽ اها رويا ڪڏهن بہ غلط ثابت نہ ٿيندي. جيتوڻيڪ تون دير سمجھندين، تہ بہ تون انهيءَ جو انتظار ڪر، ڇاڪاڻ تہ ائين ضرور ٿيندو ۽ گھڻي دير ڪانہ ٿيندي.


هاڻي منهنجو هي فرمان آهي تہ اوهين جابلو علائقي ۾ وڃو ۽ اتان ڪاٺ آڻي منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت ڪريو. تڏهن آءٌ خداوند ائين ڪرڻ سان خوش ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ اتي بندگي ڪرڻ سان منهنجو شان وَ شوڪت ظاهر ٿيندو.


جيڪي منهنجا آهن سي سڀ تنهنجا آهن ۽ جيڪي تنهنجا آهن سي منهنجا آهن ۽ انهن جي وسيلي منهنجو جلوو ظاهر ٿيو آهي.


انهيءَ خوشخبريءَ مان اهو ظاهر آهي تہ خدا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اهو رڳو ايمان رکڻ جي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانهن سچار ڪيو ويو آهي، سو ئي جيئرو آهي.“


انهيءَ لاءِ تہ سندس جلوي سان ڀريل انهيءَ فضل جي واکاڻ ٿئي، جيڪو هن پنهنجي پياري فرزند ۾ اسان کي مفت عطا ڪيو.


مسيح جي اچڻ واري انهيءَ ڏينهن تي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل، يعني مٿس ايمان رکندڙ سڀ سندس قدرت ڏسي حيران ٿي ويندا ۽ سندس واکاڻ ڪندا. انهن ۾ اوهين بہ شامل هوندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان اسان جي شاهديءَ تي ايمان آندو آهي.


اسين هيءَ دعا انهيءَ لاءِ گھرندا آهيون تہ جيئن اسان جي خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي ڏنل فضل موجب، اسان جي خداوند عيسيٰ جو نالو اوهان ۾ عظيم ڄاتو وڃي ۽ اوهين هن ۾ عزت ماڻيو.


”تمام ٿورو وقت باقي آهي، جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو.


هن ڪري جو پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ هڪ پٿر رکان ٿو، جيڪو مخصوص، قيمتي ۽ پيڙهہ جو پٿر آهي. جيڪو ماڻهو انهيءَ تي ايمان آڻيندو، سو ڪڏهن بہ شرمندو نہ ٿيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ