يسعياہ 46:12 - Muslim Sindhi Bible12 اي اوهين سخت دل وارؤ! اوهين جيڪي سمجھو ٿا تہ منهنجي سڏيل شخص جو بابل کي فتح ڪرڻ وارو ڏينهن پري آهي، سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible12 اي سخت دل وارو، اوهين جي راستبازي کان پري آهيو سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي اوهين! جيڪي بني اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي قبيلي مان آهيو. اوهين فخر ڪندي چئو ٿا تہ ”اسين پاڪ شهر يروشلم جا رهاڪو آهيون، ۽ بني اسرائيل جي خدا، قادرِمطلق خداوند تي ڀروسو ٿا رکون.“ هاڻ جيتوڻيڪ اوهين خداوند جي نالي جو قسم کڻو ٿا، ۽ بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ جي دعويٰ ٿا ڪريو، تہ بہ ڏسو، اوهين رياڪار آهيو ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهايو. اي يعقوب جا گھراڻؤ! ٻڌو.