يسعياہ 46:10 - Muslim Sindhi Bible10 اهو آءٌ ئي آهيان جيڪو ڪنهن ڳالهہ جي شروعات ۾ ئي انهيءَ جي پڇاڙيءَ بابت آگاهہ ٿو ڪريان. جيڪي ڳالهيون اڃا ٿيون ئي ڪين آهن، تن بابت شروعات ۾ ئي مون ٻڌائي ڇڏيو آهي. آءٌ چوان ٿو تہ منهنجا منصوبا ناڪام نہ ويندا، بلڪ جيڪو آءٌ چاهيندس سو ضرور ٿيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 جو شروع کان پڇاڙيءَ جو احوال ٻڌائي، ۽ قديم زماني ۾ انهن ڳالهين جو بيان ڪري، جي اڃا نہ ٿيون آهن؛ منهنجي مصلحت قائم رهندي، ۽ آءٌ پنهنجا سڀ ارادا پورا ڪندس: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اوهين عدالت ۾ اچو ۽ پنهنجي باري ۾ صفائي پيش ڪريو، ڀلي هڪٻئي سان صلاح مصلحت ڪري ٻڌايو تہ ڇا ڪو اهڙو معبود اٿوَ، جنهن گھڻو اڳي اڳڪٿي ڪري ٻڌايو هجيوَ، تہ انهيءَ وقت اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو؟ ڇا اهو سڀ مون خداوند ئي نہ ڪيو هو، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي؟ هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ عادل ۽ بچائيندڙ خدا ڪونهي.