يسعياہ 46:1 - Muslim Sindhi Bible1 خداوند فرمائي ٿو تہ ”بابل جي معبودن شڪست کاڌي آهي، ۽ هاڻي گوڏن ڀر جھڪيل آهن. ڪڏهن تہ مردوڪ ۽ نبو ديوتا جي پوڄا ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي ڀڄندڙ انهن کي کنيو پيا وتن، انهن جون مورتيون گڏهن تي لڏيل آهن. هائو، اهي ٿڪل جانورن تي لڏيل ٻوجھہ مثل آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 بيل هيٺ جهڪي ٿو، نبو سجدو ٿو ڪري؛ انهن جون مورتون جانورن ۽ ڍورن تي لڏيل آهن: جيڪي شيون اوهين کڻي پئي گهميا، سي ٿڪل جانورن تي لڏيل بوجهو آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |