يسعياہ 45:8 - Muslim Sindhi Bible8 جيئن آسمان مان برسات ٿي وسي، تيئن آءٌ فتح جو مينهن وسائيندس. جيئن مينهن پوڻ بعد زمين مان سلا ڦٽي نڪرندا آهن، تيئن آءٌ خورس جي هٿان انصاف ۽ سچائيءَ جو ڦل اڀاريندس. آءٌ خداوند ئي اهو سڀ ڪجھہ ڪرڻ وارو آهيان.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible8 اي آسمان، اوهين مٿان هيٺ ڪري پئو، ۽ ڀلي تہ آسمان راستبازي وسائين: ڀلي تہ زمين کلي پوي، ۽ انهي مان نجات ۽ راستبازيءَ جو ڦل گڏجي نڪري؛ مون خداوند انهيءَ کي پيدا ڪيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهن ڏينهن ۾ تمام گھڻي خوشحالي ٿيندي جو يهوداہ ملڪ جون سڀيئي نديون پاڻيءَ سان ڀريل وهنديون ۽ ڪڏهن نہ سڪنديون. بلڪ انگورن جون وليون ايترا تہ انگور جھلينديون جو جبلن تان انهن جي مئي وهندي نظر ايندي، ۽ چوپايو مال ايترو تہ خوش هوندو جو انهن جي کير جون ٽڪرن تان نديون وهنديون نظر اينديون، انهن ڏينهن ۾ مون خداوند جي گھر مان هڪڙو چشمو وهي نڪرندو، جيڪو شطيم جي ماٿريءَ کي ريج ڏيندو.