Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 45:5 - Muslim Sindhi Bible

5 آءٌ ئي خداوند آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي. هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪو خدا ڪونهي. مون ئي تو کي طاقت عطا ڪئي آهي، جيتوڻيڪ تو مون کي ڪين ٿي ڄاتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 آءٌ خداوند آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ مون کانسواءِ ٻيو خدا ڪونهي: جيتوڻيڪ تون مون کي نٿو سڃاڻين، تڏهن بہ آءٌ تنهنجي ڪمر ٻڌندس:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 45:5
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ تہ دنيا جون سڀ قومون ڄاڻن تہ خداوند ئي خدا آهي ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


”آءٌ شهنشاهہ خورس چوان ٿو تہ خداوند، عرش عظيم جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون منهنجي هٿ هيٺ ڪيون آهن. هن مون کي حڪم ڏنو آهي تہ يهوداہ ملڪ واري شهر يروشلم ۾ سندس لاءِ هڪڙو گھر تعمير ڪرايان.


هو بادشاهن کي تخت تان لاهي ٿو ڇڏي، ۽ انهن کي قيدي بڻائي ٿو ڇڏي.


هو چڱن مڙسن جا پٽڪا لاهيو ٿو وٺي، ۽ سورهيہ سردارن جي طاقت جو خاتمو ٿو آڻي ڇڏي.


ڇا خداوند کان سواءِ ڪو ٻيو خدا بہ آهي؟ ڇا اسان جي خدا کان سواءِ ڪو ٻيو محافظ بہ آهي؟


خدا ئي آهي جيڪو منهنجي ڪمر تي سندرو ٻڌي ٿو. هو ئي منهنجيءَ راهہ کي محفوظ بڻائي ٿو.


هن منهنجا پير هرڻيءَ جي پيرن جهڙا بڻايا آهن، جن سان آءٌ اوچين جاين تي بہ تيزيءَ ۽ سلامتيءَ سان هلان ٿو.


تو ئي جنگ جي لاءِ منهنجي ڪمر پختي ٻڌي، ۽ حملو ڪري آيلن کي تو آڻي مون آڏو ڪيرايو.


بيشڪ تون عظيم آهين ۽ تنهنجا ڪم عجيب آهن، ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي خدا آهين.


هن دفعي آءٌ نہ رڳو تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجيءَ رعيت تي، بلڪ تنهنجي مٿان بہ تمام گھڻيون مصيبتون موڪليندس، انهيءَ لاءِ تہ تو کي خبر پوي تہ سڄي دنيا ۾ مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


۽ تنهنجي خلعت انهيءَ کي ڍڪائيندس. آءٌ تنهنجو ڪمربند انهيءَ کي ٻڌندس ۽ تو وارا اختيار انهيءَ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندس. الياقيم يروشلم جي رهاڪن توڙي يهوداہ جي شاهي گھراڻي جي ابي ڏاڏي جيان ٿيندو.


هاڻ اي خداوند اسان جا خدا! اسان کي هن جي هٿن مان ڇڏاءِ، تان‌تہ دنيا جون سڀ قومون ۽ بادشاهہ ڄاڻي وٺن تہ رڳو تون ئي خدا آهين.“


اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون خداوند جا گواهہ آهيو. هائو، اي بني اسرائيل! تون منهنجو ٻانهو آهين، جنهن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي. آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين مون کي ڄاڻو، مون تي ايمان آڻيو، ۽ سمجھو تہ رڳو آءٌ ئي خدا آهيان. مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ناهي، نہ مون کان اڳ ۾ ڪو خدا هو، ۽ نہ مون کان پوءِ ڪو ٿيڻو آهي.


خداوند، بني اسرائيل جو بادشاهہ ۽ سندن بچائيندڙ، قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي اول آهيان ۽ آءٌ ئي آخر آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.


اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين نہ ڊڄو، نڪي خوف وچان ڏڪو. اوهان کي خبر آهي تہ قديم زمانن کان هاڻي تائين، جيڪي ڪجھہ ٿيڻ وارو هو سو مون اڳ ۾ بيان پئي ڪيو آهي، جنهن لاءِ اوهين منهنجا شاهد آهيو. مون کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي ڇا؟ هرگز نہ، اهڙو ڪوبہ ٻيو محافظ ڪونهي، جنهن کي آءٌ نہ ڄاڻيندو هجان.“


خداوند خورس کي شهنشاهہ ٿيڻ لاءِ چونڊيو. هن کيس قومن تي فتح حاصل ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو، ۽ بادشاهن جي طاقت کي ڪچلڻ لاءِ کيس موڪليائين. هائو، خداوند هن جي لاءِ شهرن جا دروازا کولي ڇڏيندو، ۽ هن لاءِ ڪابہ رڪاوٽ نہ رهندي.


هاڻي اوڀر کان وٺي ويندي اولهہ تائين، هر ڪو ماڻهو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


قديم زماني جون اڳوڻيون ڳالهيون ياد ڪريو، ۽ ڄاڻي ڇڏيو تہ آءٌ اڪيلو خدا آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي. هائو، مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


تنهنڪري هاڻي هيءَ ڳالهہ ٻڌ. تون عيش عشرت ۾ ٻڏل آهين، ۽ بي‌پرواهيءَ سان ٿي گذارين، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ ’آءٌ ئي عظيم آهيان، ۽ مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.‘ هائو، تون جيڪا سوچين ٿي تہ ڪڏهن بہ رن‌زال نہ ٿيندينءَ، ۽ نہ وري تنهنجو اولاد ئي مرندو،


آءٌ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪندس ۽ پنهنجي تلوار سندس هٿ ۾ ڏيندس. پر فرعون جون ٻانهون آءٌ ڀڃي ڇڏيندس، ايتري قدر جو هو پنهنجي دشمن جي اڳيان ائين دانهون ڪوڪون ڪندو جيئن ڪو زخمي مرڻ جي ويجھو هوندي دانهون ڪندو آهي.


بلڪ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان، ۽ آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان. اوهان جو ٻيو ڪوبہ معبود ڪونہ هوندو. پوءِ اوهين اڳتي ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.“


دنيا جي شروعات کان اڳي ئي ڪلام موجود هو، ڪلام خدا سان هو ۽ ڪلام خدا هو.


هاڻي ڏسو! آءٌ، رڳو آءٌ ئي خدا آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي، آءٌ ماريان ۽ آءٌ ئي جياريان ٿو، آءٌ ڦٽيان ۽ آءٌ ئي ڇٽايان ٿو، اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو منهنجي هٿان ڇڏائي سگھي.


اهو سڀ ڪجھہ خدا اوهان کي انهيءَ لاءِ ڏيکاريو تہ جيئن اوهان کي خبر پوي تہ خداوند ئي خدا آهي، انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.


تنهنڪري اڄوڪي ڏينهن اوهين ڄاڻي وٺو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ ڄمائي ڇڏيو تہ مٿي آسمان ۾ توڙي هيٺ زمين تي خداوند ئي خدا آهي، انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ