”اي خداوند جو خوف رکڻ وارؤ! اوهين سندس تعريف ڪريو. اي يعقوب جو اولاد! اوهين هن جي بزرگي بيان ڪريو. هائو، اوهين سڀ اي اسرائيل جو اولاد! هن جي تعظيم ڪريو.
اوهين انهن کي ڳاهي وائريندا، ۽ طوفاني هوا انهن کي اُڏائي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندي، پوءِ اوهين مون خداوند جي واکاڻ ڪندي خوشيون ڪندا. هائو، مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي اوهين تعريف ڪندا.
هو پنهنجي ڏکن واري زندگيءَ کان پوءِ وري خوشيون ڏسندو. هن کي مون بابت وڏو عرفان حاصل هوندو، سو منهنجو اهو سچار ٻانهو گھڻن ئي کي سچار قرار ڏيندو، ۽ انهن جون خطائون پنهنجي سر تي کڻندو. هائو، هن جي خاطر آءٌ گھڻن ئي کي معاف ڪري ڇڏيندس.
اڳتي وري تو کي ڏينهن جي سوجھري لاءِ سج جي ضرورت نہ پوندي، نڪي رات جي روشنيءَ لاءِ چنڊ جي، بلڪ آءٌ خداوند ئي تو لاءِ ابدي روشني ٿيندس. هائو، منهنجو جلوو ئي تنهنجي تجليءَ جو سبب بڻبو.
تنهنڪري اهو واعدو ايمان رکڻ جي بنياد تي آهي تہ جيئن اهو خدا جي فضل جي بخشش هجي، جيڪو ابراهيم جي سڄي اولاد لاءِ قائم رهي. هي نہ رڳو انهن لاءِ آهي جن وٽ شريعت آهي، پر انهن لاءِ بہ آهي جيڪي ابراهيم وانگر ايمان آڻين ٿا. اهڙيءَ طرح ابراهيم اسان سڀني جو پيءُ آهي،
پر خدا نہ ڪري جو آءٌ ڪنهن ٻيءَ ڳالهہ تي فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي صليب جي. هن جي صليب واري موت سان دنيا منهنجي لاءِ مري چڪي آهي ۽ آءٌ دنيا جي لاءِ.
ياد رکو تہ حقيقي طهر ڪرايل اسين آهيون، جيڪي خدا جي پاڪ روح جي مرضيءَ سان زندگي گذاريون ٿا، عيسيٰ مسيح تي فخر ڪريون ٿا ۽ جسماني ڳالهين تي ويساهہ نہ ٿا رکون.