يسعياہ 45:22 - Muslim Sindhi Bible22 اي ڌرتيءَ جا سمورا رهاڪؤ! اوهين سڀ مون آڏو توبهہتائب ٿيو ۽ امن وَ سلامتي حاصل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ڪو ٻيو ڪونهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible22 اي زمين جا رهاڪو اوهين سڀ مون ڏانهن نهاريو ۽ نجات حاصل ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اوهين عدالت ۾ اچو ۽ پنهنجي باري ۾ صفائي پيش ڪريو، ڀلي هڪٻئي سان صلاح مصلحت ڪري ٻڌايو تہ ڇا ڪو اهڙو معبود اٿوَ، جنهن گھڻو اڳي اڳڪٿي ڪري ٻڌايو هجيوَ، تہ انهيءَ وقت اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو؟ ڇا اهو سڀ مون خداوند ئي نہ ڪيو هو، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي؟ هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ عادل ۽ بچائيندڙ خدا ڪونهي.
هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.