يسعياہ 45:20 - Muslim Sindhi Bible20 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي غير قومن وارؤ! اوهين جيڪي بابل جي تباهيءَ کان بچي نڪتا آهيو، سي منهنجي عدالت ۾ اچي گڏ ٿيو. اوهين بلڪل بيسمجھہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جيڪي ڪاٺ جا بت کنيو ٿا وتو، ۽ اهڙن معبودن کان دعا ٿا گھرو، سي اوهان کي بچائي نہ ٿا سگھن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible20 اوهين گڏجي اچو؛ اوهين جي قومن مان بچي نڪتا آهيو سي گڏ ٿي ويجها اچو: جيڪي پنهنجيءَ اُڪريل مورت جو ڪاٺ ٿا کڻن، ۽ انهيءَ معبود کان دعا ٿا گهرن جو بچائي نٿو سگهي، سي بي سمجهہ آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سڀني قومن ۽ قبيلن کي بہ سڏايو وڃي، تہ عدالت ۾ اچي حاضر ٿين. انهن جي معبودن مان ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ وارين ڳالهين بابت ڪير اڳڪٿي ڪري ٻڌائيندو؟ ڇا انهن مان ڪنهن ٻڌايو هو تہ هن وقت ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڀلي تہ سندن معبود پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجا شاهد آڻين، ڀلي تہ اهي ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌائين، جيڪي ٻڌي چون تہ ’هي سچ آهي.‘