Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 45:19 - Muslim Sindhi Bible

19 مون نڪي ڳجھہ ڳوهہ ۾، ۽ نہ وري ڌرتيءَ جي ڪنهن اونداهيءَ جاءِ مان، بلڪ کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. مون يعقوب جي نسل کي ڪين چيو آهي تہ ’اوهين منهنجي ڳولا ڪنهن ويران بيابان ۾ ڪريو.‘ آءٌ خداوند سچ ٿو ڳالهايان، آءٌ سچائيءَ جون ڳالهيون بيان ٿو ڪريان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 مون ڳجهہ ڳوهہ ۾، يا زمين جي ڪنهن اونداهي جاءِ ۾ ڪلام نہ ڪيو آهي؛ مون يعقوب جي اولاد کي ڪونہ چيو تہ مون کي اجايو ڳوليو: آءٌ خداوند سچ ٿو ڳالهايان ۽ راستيءَ جون ڳالهيون ظاهر ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 45:19
45 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي آءٌ خداوند ۽ سندس قوم بني اسرائيل جي روبرو اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي سڀني حڪمن تي عمل ڪريو، تہ جيئن اوهين هن چڱي ملڪ جا وارث ٿيندا رهو ۽ پاڻ کان پوءِ پنهنجي اولاد واسطي اهو هميشہ لاءِ ميراث طور ڇڏي وڃو.“


تڏهن هو ٻاهر نڪري وڃي بادشاهہ آسا ۽ يهوداہ ۽ بنيامين قبيلي وارن سان مليو ۽ کين چيائين تہ ”اي آسا! اي سڀيئي يهوداہ ۽ بنيامين وارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهين خداوند سان هوندا تہ پوءِ خداوند بہ توهان ساڻ هوندو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ جا طالبو ٿيندا تہ هو بہ اوهان تي راضي ٿيندو. پر جيڪڏهن اوهين هن کي ڇڏي ڏيندا تہ هو بہ اوهان کي ڇڏي ڏيندو.


۽ پوءِ جيڪڏهن منهنجي قوم جيڪا منهنجي نالي ٿي سڏجي، سا عاجزيءَ سان دعا گھرندي ۽ منهنجي ٻاجھہ طلبيندي ۽ پنهنجي بڇڙائيءَ وارين راهن کان منهن موڙيندي، تہ پوءِ آءٌ عرش عظيم مان سندن دعا ٻڌي سندن گناهہ معاف ڪندس ۽ سندن ملڪ کي وري خوشحال بڻائيندس.


انهيءَ سبب جو مون کي شرم ٿي آيو تہ شهنشاهہ کان سپاهين ۽ گھوڙي سوارن جو ڪو دستو گھران تہ اهي رستي ۾ دشمنن کان اسان جي حفاظت ڪن. اهو انهيءَ ڪري جو اسان شهنشاهہ کي چيو هو تہ جيڪي خدا جا طالبو آهن تن سڀني تي خدا جو هٿ رهي ٿو، پر جيڪي کيس ڇڏي ٿا ڏين تن سڀني تي سندس غضب ٿو رهي.


خداوند جا جيڪي بہ قول آهن سي سڀ خالص آهن. اهي باهہ ۾ تپايل انهيءَ چانديءَ جيان آهن، جيڪا ست ڀيرا صاف ڪيل هجي.


هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي خدا جا طالبو آهن، هائو، جيڪي يعقوب جي خدا جي ديدار جا طالبو آهن.


پر اي خداوند! آءٌ تو کان دعا گھران ٿو. پنهنجي قبوليت جي وقت تي تون ان کي اگھاءِ. اي خدا! پنهنجي دائمي ٻاجھہ سان منهنجي مدد ڪر، ۽ پنهنجو بچائڻ وارو واعدو پورو ڪر.


خدا جو بچائڻ ڏسي مظلوم خوشيون ڪندا، ۽ خدا جي طالبن جا حوصلا بلند ٿيندا.


جڏهن خدا منجھانئن ڪي قتل ٿي ڪيا، تڏهن ئي اهي سندس آڏو توبهہ‌تائب ٿي ٿيا، ۽ هڪدم پڇتاءُ ڪري سندس طالبو ٿي بڻيا.


جيڪي بہ تنهنجي نالي کان واقف آهن، سي تو تي توڪل ٿا رکن، ڇاڪاڻ تہ جيڪي تنهنجا طالبو آهن، تن کان تون ڪڏهن بہ منهن نہ ٿو موڙين.


اها ماڻهن جي هشامن ۾ ۽ شهر جي دروازن جي ويجھو پڪاريندي ٿي وتي. هائو، جتي بہ ميڙ گڏ ٿيل آهن، تتي اها ماڻهن کي مخاطب ٿي چوي ٿي تہ


سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي.


خدا جو هر هڪ قول سچو ثابت ٿئي ٿو. جيڪي سندس پناهہ ۾ اچن ٿا تن جي هو حفاظت ڪري ٿو.


ٻڌو، آءٌ اوهان کي تمام عمديون ڳالهيون ٻڌايان ٿي. آءٌ جيڪي بہ چوان ٿي سو سڀ سچ آهي.


سو اڳتي جڏهن اوهين دعا لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيريندا، تڏهن آءٌ اوهان کان پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس. هائو، اوهين جيتريون بہ گھڻيون دعائون گھرندا، آءٌ اهي بلڪل نہ ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.


جيئن مون چيو هو تيئن ڪري ڏيکاريو. ٻئي ڪنهن بہ ڌارئي معبود نہ، بلڪ مون ئي اوهان کي پنهنجي واعدي موجب بچايو. سو آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اوهين منهنجا شاهد آهيو تہ آءٌ ئي خدا آهيان.


اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين نہ ڊڄو، نڪي خوف وچان ڏڪو. اوهان کي خبر آهي تہ قديم زمانن کان هاڻي تائين، جيڪي ڪجھہ ٿيڻ وارو هو سو مون اڳ ۾ بيان پئي ڪيو آهي، جنهن لاءِ اوهين منهنجا شاهد آهيو. مون کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي ڇا؟ هرگز نہ، اهڙو ڪوبہ ٻيو محافظ ڪونهي، جنهن کي آءٌ نہ ڄاڻيندو هجان.“


مون پنهنجي ذات جو قسم کڻي واعدو ڪيو آهي، جيڪو بلڪل سچو ۽ ڪڏهن بہ تبديل نہ ٿيندڙ آهي تہ هر ڪو منهنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو، ۽ قسم کڻي اقرار ڪندو تہ هو منهنجو ئي آهي.


بني اسرائيل جي سڄي نسل کي آءٌ فتح ۽ ڪاميابي بخشيندس. اهي مون خداوند تي ئي فخر ڪندا.“


هاڻي اوهين منهنجي ويجھو اچو، ۽ منهنجي هيءَ ڳالهہ ٻڌو تہ شروعات کان ئي وٺي مون ڳجھہ ڳوهہ ۾ نہ، بلڪ کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. جڏهن کان اهي ڳالهيون عمل ۾ اچن ٿيون، تڏهن کان آءٌ پاڻ اتي موجود آهيان.“ هاڻي قادرِمطلق خداوند مون تي پنهنجو روح نازل ڪري مون کي هي پيغام ڏيئي اوهان ڏانهن موڪليو آهي تہ


اهو ڪير آهي جيڪو ڳاڙهو لباس پهريو ادوم جي شهر بُصراہ کان پيو اچي؟ هائو، اهو جنهن جي پوشاڪ شاندار آهي، ۽ جيڪو پنهنجي قدرت ۽ طاقت سان هلندو پيو اچي؟ خداوند فرمائي ٿو تہ ”اهو آءٌ خداوند آهيان، جيڪو بچائڻ جي قدرت رکان ٿو ۽ پنهنجي فتح جو بيان ٿو ڪريان.“


منهنجا اهڙا چونڊيل ماڻهو منهنجي جابلو علائقي جا وارث ٿيندا. هائو، جيڪي منهنجي عبادت ٿا ڪن سي ئي اتي آباد ٿيندا. آءٌ يهوداہ قبيلي وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل مان اهڙن ماڻهن کي گھڻي اولاد سان نوازيندس. هائو، آءٌ انهن کي پنهنجي ملڪ جو وارث بڻائيندس.


جڏهن ماڻهو اوهان کي مِڻ مِڻ ۽ ڀُڻ ڀُڻ ڪندڙ ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن بابت چون تہ ”اچو تہ انهن کان پڇون. اسان لاءِ اهو مناسب آهي تہ اسين روحن جا طلبگار ٿيون. ڇا جيئرن بابت مئلن کان پڇا ڪرڻ بهتر نہ آهي؟“


اي هن پيڙهيءَ وارؤ! مون خداوند جي ڳالهين تي غور ڪريو. ڇا آءٌ سار سنڀال لهندي بہ اوهان بني اسرائيل لاءِ رڻ‌پٽ مثل آهيان؟ ڇا آءٌ رهنمائي ڪندي بہ اوهان لاءِ گھُگھُہ اونداهيءَ واري زمين جيان آهيان؟ تہ پوءِ اي منهنجي قوم! اوهين ائين ڇو ٿا چئو تہ ’اسان کي جيئن وڻندو تيئن ڪنداسين ۽ خداوند جي واٽ تي موٽي نہ اينداسين.‘


خداوند اسرائيل وارن کي ٿو فرمائي تہ ”اوهين منهنجا طالبو ٿيو تہ جيئن جيئرا رهي سگھو.


عيسيٰ وراڻيس تہ ”مون دنيا سان کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. آءٌ هميشہ عبادت‌خانن ۽ هيڪل ۾ تعليم ڏيندو رهيو آهيان، جتي سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. مون ڳجھيءَ طور ڪابہ ڳالهہ نہ چئي آهي.


ڏسو، هو تہ کُلي‌عام ڳالهائي رهيو آهي، پر ڪوبہ کيس ڪجھہ نہ ٿو چوي. ڇا هاڻي اهي سچ پچ اهو سمجھن ٿا تہ اهو ئي مسيح آهي؟


تڏهن عيسيٰ هيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي واڪي چيو تہ ”ٺيڪ آهي، اوهين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ اها بہ خبر اٿوَ تہ آءٌ ڪٿان جو آهيان. پر هتي آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان نہ آيو آهيان، بلڪ انهيءَ وٽان موڪليو ويو آهيان جيڪو سچو آهي. اوهين انهيءَ کي نہ ٿا سڃاڻو،


موسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”غيب جو مالڪ تہ خداوند اسان جو خدا ئي آهي، پر جيڪي ڳالهيون ظاهر ڪيون ويون آهن، سي هميشہ لاءِ اسان ۽ اسان جي اولاد جي لاءِ آهن، انهيءَ لاءِ تہ اسين هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪريون.“


اهو ئي اسان جو محافظ آهي، سندس هر ڪم بلڪل ڪامل آهي، هن جون سموريون راهون انصاف تي اڏيل آهن، هو ئي سچو خدا آهي ۽ هر برائيءَ کان بلڪل پاڪ آهي، اهو ئي عادل آهي ۽ اهو ئي سچار آهي.


پر جڏهن اوهين کانئس گھرو بہ ٿا تڏهن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇو تہ اوهين بري نيت سان ٿا گھرو، تہ جيئن پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ