Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 45:16 - Muslim Sindhi Bible

16 جيڪي بہ بت جوڙين ٿا، سي سڀ پريشان ۽ خوار خراب ٿيندا. هائو، اهي سڀ گڏجي ذليل وَ خوار ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 اهي شرمندا ٿيندا، هائو، اهي سڀ پشيمان ٿيندا: جيڪي بتن جوڙڻ وارا آهن، سي سڀ منجهي پوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 45:16
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن جيڪي هٿرادو ٺاهيل مورتين جي پوڄا ڪن ٿا، ۽ انهن بتن تي فخر ٿا ڪن سي سڀ خوار خراب ٿين ٿا، جڏهن تہ سڀيئي معبود خداوند آڏو جھڪي سجدو ڪن ٿا.


آءٌ بيابان ۾ ديال توڙي ٻٻر جا وڻ، ۽ مينديءَ توڙي زيتون جا وڻ لڳائيندس. آءٌ رڻ‌پٽ ۾ صنوبر، چيل ۽ شمشاد جي وڻن جا ٻيلا لڳائيندس.


پر جيڪي تراشيل مورتين تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ انهن بتن کي پنهنجو خدا ٿا سڏين، سي ڏاڍا خوار خراب ۽ بي‌عزت ٿيندا.“


ياد رکو، اهي سڀيئي خوار خراب ٿيندا، جيڪي انهن جي پوڄا ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ انهن جا جوڙيندڙ رڳو انسانذات آهن. ڀلي تہ اهي سڀ اچن ۽ گڏجي عدالت ۾ بيهن. بيشڪ اهي ڊڄي ويندا ۽ گڏجي خوار خراب ٿيندا.


جيڪي بہ ماڻهو بت اُڪري ٺاهين ٿا، سي سڀ دوکيباز آهن ۽ جن بتن کي اهي پنهنجي لاءِ خزانو ٿا سمجھن، سي بلڪل بي‌فائدہ آهن. جيڪي انهن بتن جي پوڄا ٿا ڪن، سي انڌا ۽ جاهل آهن، اهي خوار خراب ٿيندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي غير قومن وارؤ! اوهين جيڪي بابل جي تباهيءَ کان بچي نڪتا آهيو، سي منهنجي عدالت ۾ اچي گڏ ٿيو. اوهين بلڪل بي‌سمجھہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جيڪي ڪاٺ جا بت کنيو ٿا وتو، ۽ اهڙن معبودن کان دعا ٿا گھرو، سي اوهان کي بچائي نہ ٿا سگھن.


پوءِ موآب وارا پنهنجي معبود ڪموس جي ڪري اهڙا تہ خوار خراب ٿيندا، جيئن اسرائيل وارا بيت‌ايل واري معبود جي ڪري ٿيا هئا، جنهن تي هنن توڪل رکيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ