Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 44:23 - Muslim Sindhi Bible

23 اي آسمانؤ! خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند هي سڀ ڪيو آهي. اي ڌرتيءَ جون اونهايون! اوهين نعرا هڻو. اي جبل پهاڙؤ! ۽ اي ٻيلي جا هر هڪ وڻ! اوهين خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل کي بچائي پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 اي آسمانو ڳايو، ڇالاءِ جو خداوند ائين ڪيو آهي؛ اي پاتال رڙيون ڪر؛ اي جبلو، اي ٻيلا ان جا سڀ وڻو، اوهين ڳائڻ لڳو: ڇو تہ خداوند يعقوب جو عيوضو ڏنو آهي، ۽ اسرائيل ۾ هو پنهنجو جلال ظاهر ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 44:23
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي آسمان خوشيون ڪن ۽ ڌرتي بہ ڀل سرهي ٿئي. اوهين قومن منجھہ هي اعلان ڪريو تہ ”خداوند ئي بادشاهہ آهي.“


ڀلي سمنڊ ۽ انهن ۾ موجود هر ڪا مخلوق گجگوڙ ڪري، ڀلي ميدان ۽ انهن منجھہ جيڪي بہ آهي، سي سڀ خوشيون ڪن.


ڀلي تہ ٻيلن جا سڀيئي وڻ خوشيءَ وچان ڳائيندا رهن. هائو، اهي خداوند جي حضور ۾ ڳائين، ڇاڪاڻ تہ هو دنيا وارن جو انصاف ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي.


اي زمين وارؤ! اوهين خداوند جي واکاڻ ڪريو، اوهين بہ اي اونها سمنڊؤ! ۽ اي سمنڊ جا اجگر نانگؤ!


اي جبل پهاڙؤ! ۽ اي سڀ ٽڪريون! اوهين سندس واکاڻ ڪريو، اوهين بہ اي باغن جا وڻؤ! ۽ اي ٻيلي جا وڻؤ!


انهن چراگاهن تي ڌڻن جا ڌڻ ڇانئجي ويا آهن، ۽ ماٿريون پڻ اناج سان ڍڪجي ويون آهن. هر شيءِ ڄڻ تہ نعرا هڻي خوشيءَ منجھان گيت پيئي ڳائي.


اي زمين وَ آسمان! اوهين انهيءَ جي واکاڻ ڪريو، ۽ اي سمنڊؤ! اوهين ۽ اوهان ۾ جو ڪجھہ گھمي ڦري ٿو، سي پڻ انهيءَ جي تعريف ڪريو.


انهيءَ سبب جو خدا صيئون کي بچائيندو، ۽ يهوداہ جا ٻيا شهر پنهنجي قوم لاءِ وري جوڙيندو. پوءِ خدا پنهنجي انهن ٻانهن کي پنهنجي ورثي ۾ ڏنل انهيءَ ملڪ ۾ رهائيندو.


تنهنجي قدرت تمام مٿاهين آهي. تنهنجو هٿ زورآور آهي ۽ تون طاقت وارو آهين.


يٿرو خداوند جي انهن ڀلاين جي ڪري ڏاڍو خوش ٿيو، جيڪي هن بني اسرائيل سان ڪيون ۽ کين مصرين جي هٿان ڇڏايو.


خداوند جي واکاڻ ڳايو، ڇاڪاڻ تہ هن عظيم ڪم ڪيا آهن. شل اها ڳالهہ سڄي ڌرتيءَ تي مشهور ٿئي.


پر اي خداوند! تو پنهنجي قوم کي وڌايو آهي. هائو، تو اسان کي ۽ اسان جي ملڪ کي اڳي کان گھڻو وڌايو آهي، جنهن مان تنهنجي عظمت ظاهر ٿئي ٿي.


پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! مون خداوند اوهان کي پيدا ڪيو آهي، ۽ مون ئي اوهان جي قوم کي قائم ڪيو آهي. هائو، اي بني اسرائيل! ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان کي ڇڏايو آهي، مون اوهان جو نالو وٺي اوهان کي سڏيو آهي، اوهين منهنجا ئي آهيو.


اهي سڀ منهنجي نالي سان ٿا سڏجن. مون ئي انهن کي پيدا ڪيو آهي، تہ جيئن اهي منهنجي تعظيم ڪن.“


آءٌ پنهنجي انهيءَ عدالت واري ڏينهن کي ويجھو ٿو آڻيان، اهو پري بلڪل نہ آهي. هاڻ پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ لاءِ منهنجي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي. آءٌ يروشلم کي بچائيندس، تڏهن بني اسرائيل وارا منهنجي عظمت جو نشان بڻبا.“


اي آسمانؤ! گيت ڳايو، اي زمين! تون خوشي ملهاءِ، اي پهاڙؤ! اوهين زور سان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قوم کي تسلي بخشي ٿو. هائو، هو پنهنجي ڏکويل بندن تي رحم ڪندو.


هن مون کي فرمايو آهي تہ ”اي بني اسرائيل! تون منهنجو ٻانهو آهين. تنهنجي ڪري ماڻهو منهنجي واکاڻ ڪندا.“


اي يروشلم جون کنڊر بڻجي ويل جايون! اوهين گڏجي خوشيءَ جا گيت ڳايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قوم کي دلداري ڏئي ٿو، تہ هو يروشلم کي بچائڻ وارو آهي.


تنهنجا سڀيئي ماڻهو سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، ۽ هميشہ لاءِ ملڪ جا وارث ٿي رهندا. اهي منهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جن کي مون پوکيل وڻ وانگر ملڪ ۾ ڄمائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن مان منهنجي عظمت ظاهر ٿئي.


خاص طور صيئون جي حالات تي ماتم ڪرڻ وارن کي ڏک ۽ غم جي بدران خوشي ۽ شادماني، ۽ ماتم جي بدران واکاڻ جو گيت ڏيان. اهي انهن وڻن وانگر ٿيندا جيڪي خداوند پنهنجي هٿن سان پوکيا هجن. اهي سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، تان‌تہ خداوند جي عظمت ظاهر ٿئي.


مون خداوند اسرائيل وارن کي آزاد ڪرائي ورتو آهي، هائو، جيڪو کانئن ڏاڍو هو تنهن جي هٿان کين ڇڏايو اٿم.


جڏهن اتر کان تباهي مچائيندڙ لشڪر بابل تي اچي ڪڙڪندو، تڏهن آسمان توڙي زمين ۽ جيڪي انهن ۾ آهي، سي سڀ انهيءَ ڪري خوشيءَ وچان راڳ ڳائيندا.


سو آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ آءٌ اوهان کي برباد ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جي برباديءَ تي سڄي دنيا خوشيون ملهايندي.


خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! دشمن ٻٽاڪ هڻي چون ٿا تہ ’واہ واہ! هاڻي بني اسرائيل جي ملڪ جا قديم جبل اسان جا آهن.‘


پر اي بني اسرائيل جا جبلؤ! اوهان جا سڪل وڻ وري ساوا ٿيندا ۽ ميوو جھليندا. منهنجي قوم جا ماڻهو اوهان جي وڻن جو ميوو کائيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي جلد ئي پنهنجي وطن ورڻ وارا آهن.


هائو، منهنجي فتح واري انهيءَ ڏينهن تي ملڪ جا سڀيئي ماڻهو انهن کي دفن ڪرڻ ۾ لڳي ويندا، جنهن ڪري اهي عزت وارا ليکيا ويندا.


شل ڪليسيا ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ هميشہ تائين سندس عظمت جي واکاڻ ٿيندي رهي. آمين.


هاڻي مسيح جي مٿي چڙهي وڃڻ جو مطلب هن کان سواءِ ٻيو ڇا آهي تہ هو هيٺ زمين تي بہ لٿو.


مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو پيغام ڏئي تہ اهڙيءَ طرح ڏئي جو ڄڻ تہ هو خدا جو فرمان پيش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري تہ انهيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو. اهو سڀ انهيءَ طرح ڪريو جو سڀني ڳالهين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. شل سندس عظمت ۽ قدرت هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


تنهنڪري اي آسمانؤ ۽ آسمانن جا رهاڪؤ! اوهين خوشيون ڪريو. پر اي زمين ۽ سمنڊ! اوهان لاءِ مصيبت آهي، ڇاڪاڻ تہ ابليس اوهان تي اچي پيو آهي. هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ آهي ڇو جو هو ڄاڻي ٿو تہ سندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آهي.“


مون هي بہ ٻڌو تہ ”اي آسمان! انهيءَ شهر تي خوشيون ڪر، اي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلؤ! اي عيسيٰ بابت خوشخبري ۽ خدا جو پيغام ٻڌائيندڙؤ! اوهين انهيءَ شهر تي خوشيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا عدالت ڪري هن کان اوهان جو بدلو وٺي ٿو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ