Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 44:13 - Muslim Sindhi Bible

13 واڍو ڏور سان ڪاٺيءَ جي ماپ وٺي ٿو ۽ انهيءَ تي نشان ڪري ٿو. پوءِ انهيءَ ڪاٺيءَ کي رندو هڻي لسو ڪري ٿو، پرڪار سان انهيءَ تي نقش ڪڍي ٿو ۽ پوءِ انساني صورت موجب هڪڙي سهڻي شڪل بڻائي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اها پوڄا گھر ۾ رکي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 واڍو ڏور ڇڪي ٿو ۽ انهيءَ سان نشان ٿو ڪري؛ هو رندن سان انهيءَ کي صاف ٿو ڪري، ۽ پرڪارن سان انهي جا نشان ظاهر ٿو ڪري، ۽ انسان جي صورت موجب، انسان جي سهڻي شڪل بنائي ٿو تہ گهر ۾ رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 44:13
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن لابن پنهنجن رڍن جي اُن ڪترڻ لاءِ ويل هو تہ راخل پنهنجي پيءُ جي گھر جا بت چوري ڪري کڻي ويئي.


خير، هاڻي تون نڪتو تہ آهين ئي جو پنهنجي پيءُ جي گھر جي سڪ اٿيئي، پر تو منهنجا بت ڇو چورايا آهن؟“


باقي جنهن ماڻهوءَ وٽ توهان جا بت هجن تنهن کي ڀلي ماري ڇڏيو. اسان جي مائٽن جي روبرو هلي ڏسو تہ توهان جي ڪهڙي شيءِ مون وٽ آهي، سا کڻي وڃو.“ پر يعقوب کي اها خبر ڪانہ هئي تہ راخل اهي بت چورائي آندا آهن.


سو يعقوب پنهنجي گھراڻي ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ هئا، تن سڀني کي چيو تہ ”اوهان وٽ جيڪي بہ بت آهن تن کي اڇلائي ڇڏيو ۽ پاڻ کي پاڪ ڪري پنهنجا ڪپڙا بدلايو.


اهڙيءَ طرح بت ٺاهيندڙ واڍا، سونارا ۽ ٻيا ڪاريگر هڪٻئي کي همتائي چون ٿا تہ ’ديوتا جي مورتيءَ تي ٽاڪو مضبوط لڳل آهي. دلجاءِ ڪريو.‘ سو اهي انهن بتن کي ڪلين سان سوگھو ٿا ڪن، تہ جيئن اهي اونڌا ٿي نہ ڪرن.


هو ئي ديال جا وڻ پنهنجي استعمال لاءِ وڍي ٿو يا وري سِرو ۽ شاهہ‌بلوط جا وڻ ٻيلي مان چونڊي کڻي ٿو. هو چاهي تہ پاڻ صنوبر جا وڻ لڳائي سگھي ٿو ۽ مينهن انهن کي زور وٺائي وڏو ڪري ٿو، جڏهن تہ وڻ پاڻ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪري سگھي.


سو آءٌ اندر گھڙي ويس ۽ جيئن ئي نهاريم تہ ڇا ڏسان تہ اتي هر قسم جي سرندڙ جيتن ۽ ناپاڪ حيوانن، يعني انهن سمورن مڪروهہ ديوتائن جون شڪليون چوڌاري ڀتين تي نقش ٿيل آهن جن جا بني اسرائيل پوڄاري بڻيا هئا.


اتي بني اسرائيل جي اڳواڻن مان ستر ڄڻا انهن بتن جي سامهون بيٺا هئا ۽ يازنياہ ولد سافن انهن جي وچ ۾ بيٺو هو. انهن سڀني جي هٿن ۾ لوباندان هئا، جن مان لوبان جو خوشبودار دونهون مٿي پئي اٿيو.


تڏهن خدا مون کان پڇيو تہ ”اي حزقي‌ايل! اي آدمزاد! ڏس تہ بني اسرائيل جا اڳواڻ ڳجھہ ڳوهہ ۾ ڇا ٿا ڪن! اهي سڀ پنهنجي پنهنجي مورتين جي مخصوص جاين اڳيان انهن جي پوڄا ٿا ڪن. اهي بهانو بڻائي چون ٿا تہ ’خداوند اسان کي نہ ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ هو اسان جي ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهي.‘“


هاڻ جيئن تہ اسين خدا جو اولاد آهيون، تنهنڪري اهو مناسب نہ آهي جو اسين سمجھون تہ هن جي ذات سون، چانديءَ يا پٿر جي ڪنهن بت وانگر آهي، جيڪو انساني هنر ۽ ڪاريگريءَ سان ٺاهيو وڃي ٿو.


هنن غير فاني خدا کي عظمت ڏيڻ جي بدران اهڙن بتن جي پوڄا ڪئي جيڪي فاني انسانن، پکين، ريڙهيون پائيندڙن توڙي چوپاين جانورن جي صورت تي بڻايا ويا هئا.


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو تراشي يا پلٽي هٿرادو مورتي جوڙي ٿو، جنهن کان خدا کي نفرت آهي ۽ پوءِ هو انهيءَ کي پوڄا لاءِ ڪنهن لڪل جاءِ تي ٿو رکي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو ورندي ڏيئي چون ’آمين.‘


اُتي اوهين ماڻهن جي هٿرادو ٺهيل ڪاٺ ۽ پٿر جي معبودن جي پوڄا ڪندا، جيڪي نہ ڏسندا، نہ ٻڌندا، نڪي کائيندا ۽ نہ وري سنگھندا هوندا.


هن کين وراڻيو تہ ”اوهان منهنجو ڪاهن ۽ منهنجا جوڙيل بت بہ پاڻ سان کڻي آيا آهيو. هاڻي باقي مون وٽ ڇا ڇڏيو اٿوَ؟ پوءِ بہ اوهين مون کان ٿا پڇو تہ ’ڪهڙي ڳالهہ آهي؟‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ