انهيءَ ڪري بادشاهہ صلاح مصلحت کان پوءِ سون جا ٻہ گابا ٺهرايا. پوءِ ماڻهن کي چيائين تہ ”اي اسرائيل وارؤ! يروشلم تائين وڃڻ ۾ اوهان کي گھڻي تڪليف ٿئي ٿي. سو اِجھو، هي آهن اوهان جا معبود جن اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو هو.“
واڙيءَ ۾ فصل جي حفاظت لاءِ کوڙيل بوتي جيان هنن جا بت ڳالهائي نہ ٿا سگھن. اهي گھمي ڦري نہ ٿا سگھن، تنهنڪري ضروري آهي تہ کين کڻي هلجي. سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو، هو ڪوبہ نفعو يا نقصان پهچائي نہ ٿا سگھن.“
اي خداوند! تون منهنجي طاقت، منهنجو قلعو ۽ مصيبت جي وقت منهنجي پناهہگاهہ آهين. تو وٽ ڌرتيءَ جي ڪنڊڪڙڇ کان قومون اينديون ۽ چونديون تہ ”اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙا معبود مليا، هائو، هنن کي بيڪار بت مليا جن کين ڪوبہ فائدو نہ ڏنو.