Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 43:24 - Muslim Sindhi Bible

24 اوهان منهنجي لاءِ پئسا خرچ ڪري لوبان ڪونہ ورتو، نڪي پنهنجن جانورن جي قربانيءَ واري سڻڀي مال سان مون کي راضي ڪيو اٿوَ. اٽلندو اوهان پنهنجي گناهن سان مون کي تڪليف ڏني، ۽ پنهنجي بدڪارين سان مون کي بيزار ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 تو منهنجي لاءِ پئسا خرچي لوبان ڪونہ ورتو، نڪي تو مون کي پنهنجي قربانيءَ جي چرٻيءَ سان ڍءُ ڪرايو: پر تو پنهنجن گناهن جو بار مون تي وڌو، ۽ پنهنجن ڏوهن سان مون کي ٿڪائي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 43:24
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ چاليهن سالن تائين ان پيڙهيءَ کان بيزار رهيس، ۽ چيو هئم تہ ’هي اهڙا ماڻهو آهن جن جون دليون گمراهہ آهن، ۽ جيڪي منهنجي راهن تي هلڻ کان انڪاري آهن.‘


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”خوشبودار مصالحن مُرَ، مصطگي ۽ لاون سان گڏ خالص لوبان بہ کنيو وڃي ۽ اهي سڀيئي وزن ۾ هڪ جيترا هجن.


هارون هر روز صبح جو جڏهن ڏيئن کي ٺيڪ ڪري، تڏهن انهيءَ قربان‌گاهہ تي خوشبودار مصالحن جو لوبان ساڙيندو رهي.


اوهان جي نئين چنڊ وارين گڏجاڻين، توڙي مقرر ڪيل عيدن کان منهنجي دل کي ڪراهت ٿي اچي. اهي مون لاءِ ايڏو تہ بار آهن جو آءٌ انهن کان بيزار ٿي پيو آهيان. هاڻي آءٌ اهو برداشت ڪري نہ ٿو سگھان.


تنهنڪري اسان جو رب، قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو قادر خدا يروشلم جي رهاڪن کي فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي اوهان لاءِ، اي منهنجا مخالفؤ! آءٌ ضرور اوهان کان بدلو وٺندس. اوهين منهنجا دشمن آهيو، هاڻي اوهين مون کي وڌيڪ تڪليف ڏيئي نہ سگھندا.


پر هنن ساڻس بغاوت ڪئي، ۽ سندس پاڪ روح کي رنجايائون. تنهنڪري هو ڦري سندن دشمن بڻيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


تنهن تي يسعياہ آخز کي چيو تہ ”اي دائود جو اولاد! هاڻي تون ٻڌ. ڇا تنهنجي نظر ۾ اها ڪا معمولي ڳالهہ آهي جو تون ماڻهن جي صبر کي آزمائين ٿو ۽ وري هاڻي تون منهنجي خدا جي صبر کي بہ آزمائڻ چاهين ٿو!


هرگز نہ، بلڪ جڏهن خداوند اوهان جا بڇڙا عمل ۽ اوهان جا ڪيل ڪراهت جهڙا ڪم وڌيڪ برداشت نہ ڪري سگھيو، تڏهن اوهان جي ملڪ کي ويران ۽ عبرت وَ لعنت جو سبب بڻايائين، ايتري قدر جو منجھس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.


مون کي ان لوبان جي ڪهڙي پرواهہ آهي جيڪو شبا ملڪ مان ٿو آندو وڃي، ۽ انهن مصالحن جي ڪهڙي پرواهہ اٿم، جيڪي منهنجي لاءِ ڏورانهن ملڪن مان آندا ٿا وڃن؟ هنن جا ساڙڻ وارا نذرانا قابلِ قبول ناهن، نہ ئي وري سندن جانورن جون قربانيون مون کي وڻن ٿيون.


تو اهي ڏينهن وساري ڇڏيا آهن تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي پرورش ڪئي جڏهن تون اڃا ننڍپڻ ۾ هئينءَ، پر تو پنهنجي سڀني ڪمن سان مون کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري ياد رک، آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ آءٌ بہ تنهنجي چال چلت جي سزا تنهنجي ئي سر تي آڻيندس.“ خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! ڇا تو پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن کان علاوہ زناڪاري پڻ نہ ڪئي آهي؟


جتي اهي جلاوطن ٿي رهندا. پوءِ جڏهن هو منهنجي باري ۾ سوچيندا تہ محسوس ڪندا تہ هنن مون سان بي‌وفائي ڪندي ۽ بتن جي پوڄا ڪندي منهنجي بي‌حرمتي ڪئي آهي. تڏهن اهي پنهنجي ڪيل ڪراهت جهڙن ڪمن سبب پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳندا.


ڪاهن انهن کي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي. هي انهيءَ ساڙي ويندڙ قربانيءَ جي خوراڪ آهي جيڪا وڻندڙ خوشبوءِ لاءِ ڪبي آهي. سموري چرٻي مون خداوند جي آهي.


پوءِ هو انهيءَ جي سموري چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر ڪڍي وٺي. ڪاهن اها قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي تہ مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


ڏسو، آءٌ اوهان کي ائين چيڀاٽي ڇڏيندس، جيئن اناج سان ڀريل ڪا گاڏي ڪنهن کي چيڀاٽي ڇڏيندي آهي.


سو لعنت آهي اهڙي دغاباز تي جنهن جي ڌڻ ۾ باسيل بي‌عيب نر موجود تہ آهي، پر تنهن هوندي بہ هو مون پروردگار لاءِ عيب وارو جانور قربان ٿو ڪري. آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان ۽ دنيا جون سڀ قومون منهنجو ادب ڪن ٿيون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ