Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 43:23 - Muslim Sindhi Bible

23 منهنجي تعظيم خاطر اوهان پنهنجيون قربانيون پيش نہ ڪيون آهن. هائو، اوهان پنهنجي ساڙڻ وارين قربانين لاءِ ڪا رڍ ٻڪري بہ منهنجي حضور ۾ نہ آندي آهي، ڀلا مون اوهان کي نذرانن آڻن لاءِ مجبور ڪيو آهي ڇا؟ يا لوبان ساڙڻ لاءِ اوهان کي ڪا تڪليف ڏني اٿم ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 تو پنهنجين سوختني قربانين لاءِ ننڍو چوپايو مال منهنجي حضور ۾ نہ آندو آهي؛ نڪي پنهنجين قربانين سان مون کي عزت ڏني اٿيئي. مون توکي نذرانن آڻڻ لاءِ لاچار ڪونہ ڪيو، نڪي لوبان ساڙڻ لاءِ توکي ٿڪايم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 43:23
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کي اها بہ خبر پيئي تہ لاوين کي سندن حصا ڪونہ ٿي ڏنا ويا. تنهنڪري هيڪل ۾ خدمت لاءِ مقرر لاوي ۽ ڳائڻا پنهنجين پنهنجين ٻنين ڏانهن موٽي هليا ويا هئا.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”خوشبودار مصالحن مُرَ، مصطگي ۽ لاون سان گڏ خالص لوبان بہ کنيو وڃي ۽ اهي سڀيئي وزن ۾ هڪ جيترا هجن.


سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي.


خداوند بدڪارن جي قربانين کان نفرت ٿو ڪري، خاص طور جڏهن اهي بدنيتيءَ سان پيش ڪيون وڃن.


اوهين پنهنجي مال ملڪيت ۽ پنهنجي سموري پيداوار جي پهرئين ڦل جي نذرانن سان خداوند کي تعظيم ڏيو.


سڀيئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جا رستا اختيار ڪندي پنهنجي دل کي ڪراهت وارين شين سان بيحد خوش ٿا رکن. هڪڙي پاسي اهي ڍڳي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري انسانن جو قتل ٿا ڪن. هڪڙي پاسي اهي گھيٽي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري پوڄا ۾ ڪتن جون سسيون ٿا مروڙين. هڪڙي پاسي اهي اناج جي قرباني تہ پيش ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري سوئر جو رت ٿا پيش ڪن. هڪڙي پاسي اهي منهنجي نالي لوبان تہ ساڙين ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري ڪنهن بت جي پوڄا ٿا ڪن.


قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين قاعدي مطابق ڪي قربانيون مون لاءِ مخصوص ڪري قربان‌گاهہ تي ساڙي ڇڏيندا آهيو ۽ ڪي کائيندا آهيو. پر هاڻي انهن جي ڪابہ اهميت ناهي. سو ڀلي تہ اوهين سڀ جون سڀ کائي ڇڏيو.


انهيءَ سبب جو جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو هو، تنهن ڏينهن ساڙڻ وارين قربانين يا جانورن جي قربانين بابت مون انهن کي ڪوبہ حڪم ڪونہ ڏنو هو.


”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي آڏو اناج جي قرباني پيش ڪري تہ انهيءَ جي قرباني ميدي جي صورت ۾ هئڻ گھرجي. هو انهيءَ تي تيل پئٽي ۽ مٿس لوبان رکي.


هر هڪ قطار سان گڏ ڪجھہ خالص لوبان رکيو وڃي، جيڪو روٽن نذر ڪرڻ جي عيوض مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني ٿئي.


ڀلا اي اسرائيل وارؤ! چاليهن سالن تائين بيابان ۾ مون اوهان کان ڪي قربانيون يا نذرانا گھريا هئا ڇا؟


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! آءٌ اوهان سان ڪهڙو غلط هليو آهيان؟ مون اوهان تي ڪهڙو ٻوجھہ وڌو آهي؟ اوهين مون تي ثابت ڪريو.


ڀلا ڪو انسان مون خدا سان بہ ٺڳي ڪندو؟ پر اوهين مون سان ٺڳي ٿا ڪريو ۽ وري پڇو بہ ٿا تہ ’ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسين تو سان ٺڳي ٿا ڪريون؟‘ اوهين ڪمائيءَ جي ڏهين حصي ۽ نذرانن ڏيڻ ۾ مون سان ٺڳي ٿا ڪريو.


ڇاڪاڻ تہ منهنجي پاڃاري فضل واري آهي ۽ منهنجو بار هلڪو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ