يسعياہ 43:20 - Muslim Sindhi Bible20 گدڙ ۽ اٺ پکي، بلڪ سڀ جھنگلي جانور، منهنجي تعظيم ۽ واکاڻ ڪرڻ لڳندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي چونڊيل قوم جي پيئڻ لاءِ بيابان ۾ نديون جاري ٿو ڪريان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible20 جهنگلي جانور، گدڙ ۽ اٺ پکي بہ منهنجي عزت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي اُمت، پنهنجي چونڊيلن کي پيئڻ لاءِ بيابان ۾ پاڻي ۽ رڻ پٽ ۾ نديون ٿو ڏيان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهن ڏينهن ۾ تمام گھڻي خوشحالي ٿيندي جو يهوداہ ملڪ جون سڀيئي نديون پاڻيءَ سان ڀريل وهنديون ۽ ڪڏهن نہ سڪنديون. بلڪ انگورن جون وليون ايترا تہ انگور جھلينديون جو جبلن تان انهن جي مئي وهندي نظر ايندي، ۽ چوپايو مال ايترو تہ خوش هوندو جو انهن جي کير جون ٽڪرن تان نديون وهنديون نظر اينديون، انهن ڏينهن ۾ مون خداوند جي گھر مان هڪڙو چشمو وهي نڪرندو، جيڪو شطيم جي ماٿريءَ کي ريج ڏيندو.